ڪروموسوم یا لونجسمیو (انگريزي: Chromosome ) ڌاڳي نما بناوٽ جو نالو آهي جيڪو گھرڙي جي مرڪز ۾ موجود ھوندو آھي جنھن ۾ ڊي اين اي. سوڙھ سان سمايل ھوندو آھي. ڊي اين اي جي ٻاھران پروٽين ويڙھيل ھوندي آھي جنھن کي ھسٽون (Histones) چوندا آهن جيڪي کيس بناوٽ ۾ ڪم ايندا آهن. ڪروموسوم ڊي اين اي جي نقل ٺھڻ ۽ جيو گھرڙي جي ورھاست ۾ مددگار ھوندا آھن. ھر ڪروموسوم جو ھڪ سينٽروميئر ھوندو آھي جيڪو کيس ٻن حصن ۾ ورھائيندو آهي[1]. ڪروموسوم خوردبيني تي نظر ايندڙ جيو گھرڙي جي مرڪز ۾ ڌاڳي نما ھڪ حصو ھوندو آھي جيڪو جينز جي صورت ۾ وراثتي ڄاڻ رکندو آهي[2]. ٻوٽن ۽ جانورن ۾ موجود جيو گھرڙي ۾ ڊي اين اي ڪروموسوم جي اندر سوڙھائپ سان ماپيل ھوندو آھي پر بيڪٽيريا ۾ وري ان جي ابتڙ گھرڙي جي چوڌاري ترندو رھندو آھي[3]. ھڪ ڊي اين اي جي پوري ڊيگھ پروٽين جي ويڙھن ۾ جڪڙيل ھوندي آھي جنھن کي ھسٽون چون ٿا جيڪي نيوڪلوسوم ٺاھن ٿا. اھي نيوڪلوسوم سوڙھائپ سان ويڙھجي ڪروميٽن ڇيڙا ٺاھين ٿا. ڪروميٽن ڇيڙا پاڻ ۾ ويڙھجي ھڪ ڪروموسوم ٺاھن ٿا. ھر ڪروموسوم کي ٻہ ننڍڙيون ۽ ٻہ ڊگھيون ٻاھون ٿين ٿيون جن مان ننڍڙين ٻانھن کي پي (p) ٻانھون ۽ ڊگھين ٻانھن کي ڪيو(q) ٻانھون سڏيو ويندو آهي. ۽ سينٽروميئر ڪروموسوم کي مرڪز تي جھلي بيھندو آهي[3].

نقل ٿيل ۽ سڪوڙيل ميٽافيز يوڪاريئوٽڪ ڪروموسوم (1) ڪروماٽڊ جيڪو ايس فيز کان پوءِ ڪروموسوم جي ٻن ھڪجھڙن حصن مان ھڪ حصو آهي. (2) سينٽروميئر جيڪا اھا جاء آھي جتي ٻہ ڪروماٽڊ ھڪٻئي کي ڇھندا آهن. (3) ننڍي ٻانھن (p) ۽ (4) ڊگھي ٻانھن (q).
يوڪيريئوٽا واري جيو گھرڙي ۾ ڊي اين اي جي بيھڪ

لفظ ڪروموسوم [4][5]) يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن: ڪروما ۽ سوما مان نڪتل آهي. ڪروما جي معنيَ آهي رنگ ۽ سوما معنيَ جسم[6] ان جو اھو نالو ھڪ جرمن سائنسدان فان والڊيئر ھارٽز[7] ڪروميٽن لفظ جو حوالو ڏيندي رکيو. ڪروميٽن لفظ جيو گھرڙن جي ورھاست دريافت ڪندڙ سائنسدان والٽر فليمنگ جو متعارف ڪرايل ھيو. اھي لفظ ھاڻي معنيَ جي لحاظ کان رواج کان نڪري چڪا آهن [8][9] ڪروميٽن (فليمنگ طرفان 1880 ۾ متعارف ڪرايل) ۽ ڪروموسوم ( والڊيئر پاران 1888 ۾ متعارف ڪرايل) معنيَ جي لحاظ کان رنگ کي ظاھر ڪن ٿا پر اھي نالا اھڙين شين کي ڏنا ويا جيڪي بي رنگ ھيون. [10]

دريافت جو تاريخي جائزو

سنواريو
والٽر سٽن (کاٻي پاسي) ۽ ٿيوڊور بوويري (ساڄي پاسي) جن اڪيلي سر 1902 ۾ ڪروموسوم وارو وراثت جو نظريو ڏنو


جرمن سائنسدان شلائيڊن، ورچو ۽ بچلي اھي پھريان سائنسدان آھن جن سڀ کان اول انھن بناوٽن کي سڃاتو جن کي ھاڻي اسان ڪروموسوم چئون ٿا.[11] 1880( واري ڏهاڪي جي وچ ۾ ٿيوڊور بوويري لاڳاتار تجربن سان حتمي اظھار ڪندي دنيا کي ٻڌايو ته ڪروموسوم درحقيقت جينياتي وراثت جا ويڪٽر آھن. ان نظريي جا اھم اصول ڪروموسوم جو تسلسل ۽ انھن جي انفراديت ھئا. 1900 واري ڏهاڪي ۾ بوويري جينياتي وراثت جي قائدن ۽ ڪروموسوم جي ورتاء وچ ۾ ڳانڍاپا پڻ ظاھر ڪيا. [12] پنھنجي مشھور ڪتاب دي سيل ان ڊولپمينٽ اينڊ ھيرڊٽي ۾ ولسن ٻن سائنسدانن بوويري ۽ والٽر سٽن جي الڳ الڳ ڪيل تحقيق کي پاڻ ۾ جوڙي ڪروموسوم جي جينياتي وراثت جي نظريي کي بوويري-سٽن نظريي جو نالو ڏنو.[13] انساني جسمن ۾ ڪروموسوم جو تعداد سڀ کان اول ٿيوفيلس پينٽر 1923 ۾ ٻڌايو. ھن جملي 24 جوڙا ٻڌايا جن مطابق ڪروموسوم جو تعداد 48 ٻڌايو تعداد ۾ غلطي 1956 ۾ انڊونيشيائي سائنسدان جو ھن ٽجو درست ڪئي جنھن پھريون دفعو 23 جوڙن جو ٻڌايو ۽ ڪروموسوم جو تعداد ان مطابق 46 ٻڌايو جيڪو حتمي انگ ثابت ٿيو.[14]

انساني ڪروموسوم

سنواريو

انسانن ۾ 46 ڪروموسوم 23 جوڙن جي ترتيب ۾ ھوندا آھن جن ۾ 22 جوڙا آٽوسوم (Autosome) پڻ شامل ھوندا آھن. آٽوسوم جي جوڙن کي سڃاڻپ لاءِ 1 کان 22 نمبرن تائين نالو ڏنل ھوندو آھي. انھن سڀني آٽوسوم مان ھر ھڪ جوڙي ۾ ھڪ ڪروموسوم ماء طرفان ۽ ھڪ پيءُ طرفان مليل ھوندو آھي[1]. انھن 22 جوڙن کان علاوہ انساني جسم ۾ ڪروموسوم جو ھڪ جوڙو آلسوم (Allsome) ھوندو آھي جنھن جي ٻن ڪروموسوم جي سڃاڻپ انگن يا نمبرن بدران مخصوص اکرن ذريعي ڪئي ويندي آهي جن ۾ X ۽ Y شامل آهن. ان جوڙي ۾ ٻئي ڪروموسوم يا تہ XX يا وري XY ھوندا آھن. مادي جنس ۾ X ڪروموسوم جا ٻہ نقل ھوندا آھن جن مان ھڪ ماء طرفان ۽ ھڪ پيءُ طرفان مليل ھوندو آھي. نر جنس ۾ ان جوڙي جي ٻن نقلن مان X ڪروموسوم ماء جي طرفان ۽ Y ڪروموسوم پيءُ جي طرفان مليل ھوندو آھي[1]. انساني جسم جي 46 ڪروموسوم جيڪڏهن پاڻ ۾ ڳنڍجن تہ ان جي ڊيگھ 200 نينو ميٽر ٿيندي[2].

ڪروموسوم جينز [15] جملي نيڪليو بنياد جوڙا بنيادن جي % ترتيبي بنيادن جا جوڙا [16] ترتيبي بنيادن جي جوڙن جي %
1 2000 247,199,719 8.0 224,999,719 91.02%
2 1300 242,751,149 7.9 237,712,649 97.92%
3 1000 199,446,827 6.5 194,704,827 97.62%
4 1000 191,263,063 6.2 187,297,063 97.93%
5 900 180,837,866 5.9 177,702,766 98.27%
6 1000 170,896,993 5.5 167,273,993 97.88%
7 900 158,821,424 5.2 154,952,424 97.56%
8 700 146,274,826 4.7 142,612,826 97.50%
9 800 140,442,298 4.6 120,312,298 85.67%
10 700 135,374,737 4.4 131,624,737 97.23%
11 1300 134,452,384 4.4 131,130,853 97.53%
12 1100 132,289,534 4.3 130,303,534 98.50%
13 300 114,127,980 3.7 95,559,980 83.73%
14 800 106,360,585 3.5 88,290,585 83.01%
15 600 100,338,915 3.3 81,341,915 81.07%
16 800 88,822,254 2.9 78,884,754 88.81%
17 1200 78,654,742 2.6 77,800,220 98.91%
18 200 76,117,153 2.5 74,656,155 98.08%
19 1500 63,806,651 2.1 55,785,651 87.43%
20 500 62,435,965 2.0 59,505,254 95.31%
21 200 46,944,323 1.5 34,171,998 72.79%
22 500 49,528,953 1.6 34,893,953 70.45%
X (جنسي ڪروموسوم) 800 154,913,754 5.0 151,058,754 97.51%
Y (جنسي ڪروموسوم) 200[17] 57,741,652 1.9 25,121,652 43.51%
ٽوٽل 21,000 3,079,843,747 100.0 2,857,698,560 92.79%

ٻين جاندارن ۾ ڪروموسوم

سنواريو

مختلف جاندارن ۾ ڪروموسوم جو تعداد مختلف ھوندو آھي[18].ھڪ جيو گھرڙي وارا جاندار يا پروڪاريوٽ،بيڪٽيريا ۽ آرڪيئا ۾ ھڪڙو گول بيڪٽيريائي ڪروموسوم ٿيندو آهي پر انھن ۾ ڪافي فرق پڻ ھوندو آھي[19] بيڪٽيريائي ڪروموسوم کي جينوفور چوندا آهن. اينڊوسمبيوٽڪ بيڪٽيريا ڪينڊيڊيٽس ھوڊگڪنيا سيڪاڊيڪولا ۾ 130000 تائين بنيادي جوڙا ٿي سگھن ٿا.[20] ۽ ڪينڊيڊيٽس ٽريمبلايا پرنسيپس[21] ۾ 14000000 کان وڌيڪَ بنيادي جوڙا موجود آهن. پروڪاريوٽ ڪروموسوم يوڪيريئوٽا جي ڪروموسوم جي بناوٽ جي ڀيٽ ۾ بنيادن جي ترتيب گھٽ ھوندي آھي. [22] پروڪاريوٽ ۾ مرڪز نہ ٿيندو آهي ۽ انھن جو ڊي اين اي مرڪز جي بدران نيوڪليوئائڊ ۾ ھوندو آھي[23][24] يوڪيريئوٽا ۾ ڪروموسوم ڪروميٽن فائبر جو ٺھيل ھوندو آھي جيڪو وري نيوڪلوسوم جو ٺھيل ھوندو آھي. ڪروميٽن فائبر پروٽين ۾ سوڙھائپ ويڙھيل ھوندو آھي جنھن بناوٽ کي ڪروميٽن چوندا آھن جنھن ۾ ڊي اين اي جو وڏو تعداد شامل ھوندو آھي. ڪروميٽن تمام ڊگھن ڊي اين اي ماليڪيولن کي جيو گھرڙي جي مرڪز ۾ ماپائڻ ۾ مددگار ھوندي آھي. ڪروموسوم جي بناوٽ جيو گھرڙن جي حياتياتي ڦيري ۾ تبديل ٿيندي رھندي آھي.

  1. 1.0 1.1 1.2 - https://www.healio.com/hematology-oncology/learn-genomics/genomics-primer/what-are-chromosomes
  2. 2.0 2.1 https://www.britannica.com/science/chromosome-
  3. 3.0 3.1 https://www.yourgenome.org/facts/what-is-a-chromosome-[مئل ڳنڍڻو]
  4. Jones, Daniel, Peter Roach; James Hartmann; Jane Setter, وڪي نويس., English Pronouncing Dictionary, Cambridge: Cambridge University Press, ISBN 978-3-12-539683-8 
  5. سانچو:MerriamWebsterDictionary
  6. Coxx, H. J. (1925). Biological Stains – A Handbook on the Nature and Uses of the Dyes Employed in the Biological Laboratory. Commission on Standardization of Biological Stains. https://archive.org/stream/biologicalstains00conn/biologicalstains00conn_djvu.txt. 
  7. "Über Karyokinese und ihre Beziehungen zu den Befruchtungsvorgängen". Archiv für Mikroskopische Anatomie und Entwicklungsmechanik 32: 27. 1888. 
  8. Garbari, Fabio; Bedini, Gianni; Peruzzi, Lorenzo (2012). "Chromosome numbers of the Italian flora. From the Caryologia foundation to present". Caryologia – International Journal of Cytology, Cytosystematics and Cytogenetics 65 (1): 65–66. doi:10.1080/00087114.2012.678090. 
  9. "New trends in plant cytogenetics and cytoembryology: Dedicated to the memory of Emilio Battaglia". Plant Biosystems – an International Journal Dealing 146 (3): 674–675. 2012. doi:10.1080/11263504.2012.712553. 
  10. Battaglia, Emilio (2009). "Caryoneme alternative to chromosome and a new caryological nomenclature". Caryologia – International Journal of Cytology, Cytosystematics 62 (4): 1–80. http://www.caryologia.unifi.it/past_volumes/62_4supplement/62-4_supplement.pdf. Retrieved 2017-11-06. 
  11. "Otto Bütschli (1848–1920) Where we will genuflect?". Protistology 8 (1): 22–35. 2013. http://protistology.ifmo.ru/num8_1/fokin_protistology_8-1.pdf. Retrieved 2020-01-13.  آرڪائيو ڪيا ويا 2014-08-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  12. Carlson, Elof A. (2004). Mendel's Legacy: The Origin of Classical Genetics. Cold Spring Harbor, NY: Cold Spring Harbor Laboratory Press. pp. 88. ISBN 978-087969675-7. http://www.cshlpress.com/pdf/sample/mendel7.pdf. 
  13. Wilson, E.B. (1925). The Cell in Development and Heredity, Ed. 3. Macmillan, New York. p. 923.
  14. Matthews, Robert. "The bizarre case of the chromosome that never was" (PDF). وقت 15 December 2013 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 July 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)سانچو:Self-published inline
  15. "Ensembl genome browser 71: Homo sapiens – Chromosome summary – Chromosome 1: 1–1,000,000". apr2013.archive.ensembl.org. حاصل ڪيل 2016-04-11. 
  16. Sequenced percentages are based on fraction of euchromatin portion, as the Human Genome Project goals called for determination of only the euchromatic portion of the genome. Telomeres, centromeres, and other heterochromatic regions have been left undetermined, as have a small number of unclonable gaps. See https://www.ncbi.nlm.nih.gov/genome/seq/ for more information on the Human Genome Project.
  17. Genes and Disease. Bethesda, Maryland: National Center for Biotechnology Information. 1998. https://www.ncbi.nlm.nih.gov/books/NBK22266/#A296. 
  18. - https://www.genome.gov/genetics-glossary/Chromosome
  19. "Chromosome organization and segregation in bacteria". Journal of Structural Biology 156 (2): 292–303. November 2006. doi:10.1016/j.jsb.2006.05.007. PMID 16860572. 
  20. "Sympatric speciation in a bacterial endosymbiont results in two genomes with the functionality of one". Cell 158 (6): 1270–1280. September 2014. doi:10.1016/j.cell.2014.07.047. PMID 25175626. 
  21. "An interdependent metabolic patchwork in the nested symbiosis of mealybugs". Current Biology 21 (16): 1366–72. August 2011. doi:10.1016/j.cub.2011.06.051. PMID 21835622. 
  22. "Multiple origins of replication in archaea". Trends in Microbiology 12 (9): 399–401. September 2004. doi:10.1016/ j.tim.2004.07.001. PMID 15337158. 
  23. "The bacterial nucleoid: a highly organized and dynamic structure". Journal of Cellular Biochemistry 96 (3): 506–21. October 2005. doi:10.1002/jcb.20519. PMID 15988757. 
  24. "High-resolution mapping of the spatial organization of a bacterial chromosome". Science 342 (6159): 731–4. November 2013. doi:10.1126/science.1242059. PMID 24158908. Bibcode2013Sci...342..731L.