ڊي اين اي
ڊي آڪسيربو نيوڪلڪ ائسڊ (انگريزي: Deoxyribonucleic acid )، جنھن کي مختصرن ڊي اين اي سڏيو ويندو آهي، ٻن ڌاڳي نما ھڪٻئي سان ويڙھيل لڙھن جو ٺھيل ماليڪيول آهي جيڪو پيچدار شڪل جو ڌاڳي نما نيوڪليائي تيزاب ھوندو آھي، جنھن منجھ سمورن ڄاتل جاندارن ۽ وائرس جي پيدائش، وڏي ٿيڻ، ڪم ڪرڻ جي طريقن ۽ واڌ بابت جينياتي ترتيب موجود ھوندي آھي. اھو ھڪ ڊگھو ماليڪيول آهي جنھن ۾ ھڪ مخصوص جينياتي ڪوڊ ھوندو آھي. جيڪو کاڌن جي ترڪيبن واري ڪتاب وانگر جسم جي اندر سمورن قسمن جي پروٽين جي ٺاھڻ لاء ھدايتون رکندڙ ھوندو آھي[1]. اھو وراثتي خاصيتن کي والدين کان اولاد ۾ منتقل ڪرڻ جو سبب ٿئي ٿو. 1856 کان 1865 تائين بيان ڪيل مينڊل Mendel جي تجربن سان وراثتي ايڪن جو تصور ٺھڻ لڳو. 1869 ۾ سوئيٽزرلينڊ جي فريڊرڪ مائيسر (Friedrich Miescher) گھرڙن جي مرڪزن ۾ ھڪ اھڙو مادو دريافت ڪيو جنھن ۾ تمام گھڻي نائٽروجن موجود ھئي پر کيس معلوم نہ ھيو تہ اھو ڊي اين اي سڏجندو.
اھو مادو گھرڙي جي مرڪز مان حاصل ڪيو ويو ۽ مرڪز کي نيوڪليس چئبو آھي. ھن سائٽوپلازم مان نيوڪلس کي ڌار ڪري ان کي الڪلائين جي ڳار سان صاف ڪري ان کي تيزابي شڪل ۾ آندو جنھن کي ھن نيوڪليئن (nuclein) جو نالو ڏنو جيڪو بعد ۾ ڊي اين اي سڏجڻ شروع ٿيو[2]. فريڊرڪ مائيسر اھو تيزابي مادو (دريافت ڪيل ڊي اين اي) ھڪ مڇي جي پيپ مان حاصل ڪيو. ھن جو خيال ھو تہ ھي مادو جنسي زرخيزي ۽ وراثتي خاصيتن جي منتقلي جو ذريعو ٿي سگهي ٿو. 1895 میں ايڊمنڊ ڪروموسومز (موروثي ڌاڳا) ماء ۽ پي طرفان يڪسان منتقل ھجڻ جي بنياد تي انهن جي وراثت ۾ اھميت جو خيال ظاھر ڪيو. ان کان پھرين والٽر فليمنگ مک مرڪز (nuclein) جي مورثي ڪروموسومز سان ڳانڍاپو محسوس ڪري چڪو ھيو ۽ ان لاء پھريون ڀيرو ڪرومٽن (chromatin) لفظ استعمال ڪيو ھو. پوء ٽائمس غدود ۽ خمير جي گھرڙن تي تجربو ڪندي جرمني جي البرخت ڪوسل اھو دريافت ڪيو تہ نيوڪليئن اصل ۾ ٻہ تيزابي مادا آھن جن ۾ ھڪڙو ڊي اين اي ۽ ٻيو آر اين اي آھي. جاندارن جي اندر اھي ڪيميائي مادا يعني ڊي اين اي جينياتي ترتيبن جا مڪمل مجموعا ٺاھيندا آھن جن کي جينوم سڏيو ويندو آهي انساني جينوم ۾ ٽي ارب بنيادي ايڪن (Base) جا جوڙا ڳنڍيل ھوندا آھن ۽ ان ۾ 23 ڪروموسومن جا جوڙا پڻ شامل آهن[1]. سڀني انسانن ۾ انھن بنيادي ايڪن جو 99 سيڪڙو بنيادن جي ترتيب ھڪجھڙي ھوندي آھي[3].1953 ۾ جيمز واٽسن، فرانسس ڪرڪ، مئوريس ولڪنس ۽ روزالينڊ فرينڪلن ڊي اين اي جي ٻٽي وڪوڙيل ڌاڳن واري پيچدار ڏاڪڻ واري شڪل (double helix) دريافت ڪئي[3]. واٽسن، ڪرڪ ۽ ولڪنس کي 1962 ۾ ڊي اين اي جي ان ماليڪيولن واري شڪل دريافت ڪرڻ تي طب جو نوبل پرائيز مليو[3].
ڊي اين اي جي جوڙجڪ
سنواريوڊي اين اي ھڪ وروڪڙدار ڏاڪڻ وانگر ٺھيل ھوندو آھي جنھن جا پاسا ڄڻ تہ ٻن ھڪ ٻئي سان وڪوڙيل ڌاڳن وانگر ھوندا آھن جن جي وچ ۾ ڪروڙين ڏاڪا ھوندا آھن. ھر ڏاڪي ۾ ٻہ بنيادي ايڪا (Base) ڳنڍيل ھوندا آھن يعني ھر ڏاڪو ھڪ جوڙو ھوندو آھي جن جو ڏاڪي جي وچ تي سنگم ھائڊروجن بانڊ سڏبو آهي[1]. اھي بنيادي ايڪا ھيٺين چئن قسمن جا ھوندا آھن[1]:
مٿين بنيادي ايڪن جي ترتيب وارو جينياتي ڪوڊ ھر جيو گھرڙي جي مرڪز ۾ موجود ھوندو آھي جيڪو مورثي ھوندو آھي يعني والدين مان ٻارن ۾ منتقل ٿيندڙ آهي. ڊي اين اي ماليڪيولن جو ٺھيل ھوندو آھي جن کي نيوڪليوٽائڊ چوندا آهن. ھر نيوڪليوٽائڊ کنڊ ۽ فاسفيٽ گروپن جو ٺھيل ھوندو آھي جن جا بنياد نائٽروجن ھوندا آھن انھن بنيادن جا چار قسم مٿي بيان ٿيل آھن[3]. انھن چئن بنيادن جي ڊي اين اي جي ڏاڪڻ جي ڏاڪن واري ترتيب کي جينياتي ڪوڊ يا جينياتي مجموعو چوندا آهن[3].
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 -https://www.yourgenome.org/facts/what-is-dna
- ↑ Miescher, Friedrich (1871) "Ueber die chemische Zusammensetzung der Eiterzellen" (On the chemical composition of pus cells), Medicinisch-chemische Untersuchungen, 4 : 441–460. From p. 456: "Ich habe mich daher später mit meinen Versuchen an die ganzen Kerne gehalten, die Trennung der Körper, die ich einstweilen ohne weiteres Präjudiz als lösliches und unlösliches Nuclein bezeichnen will, einem günstigeren Material überlassend.سانچو:-" ("Therefore, in my experiments I subsequently limited myself to the whole nucleus, leaving to a more favorable material the separation of the substances, that for the present, without further prejudice, I will designate as soluble and insoluble nuclear material ('Nuclein').")
- ↑ 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 livescience.com-