چڪوال
پنجاب، پاڪستان ۾ شھر
چڪوال(انگريزي: Chakwal ) پاڪستان جي صوبي پنجاب جو هڪ شھر ۽ چڪوال ضلعي جو صدر مقام جو نالو آهي جيڪو اسلام آباد جي ڏکڻ اوڀر ۾ 90 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ۽ لاھور کان 270 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. [1] .ھي شھر جھلم ضلعي جي اڳوڻي تحصيل ھيو ۽ ان جو وقوع اتر پنجاب جي پوٽوھار واري ميدان ۾ ڌني خطي (Dhanni Region) آهي. 1857 ۾ ھتان جي چوڌرين انگريزن جو ساٿ ڏنو ھو ۽ ان جي بدلي۾ کين جاگيرون ۽ خلعتون مليون.[2] چڪوال مشھور شخصيتن جو شھر آھي جن ۾ انڊيا جو اڳوڻو وزيراعظم من موھن سنگھ، اڳوڻو ڪمانڊر ان چيف پاڪستان ايئر فورس ايئر مارشل نور خان، ليفٽيننٽ جنرل عبدالقيوم، اسپيشل سروس گروپ جو ميمبر ۽ آء ايس آء جو ڪرنل امام، جنرلسٽ اياز امير، ڪرڪيٽر عامر سھيل شامل آهن.
Chakwal چڪوال | |
---|---|
شھر | |
چڪوال جو نقشو | |
Location of Chakwal | |
جاگرافي بيهڪ: 32°55′49″N 72°51′20″E / 32.93028°N 72.85556°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | پنجاب |
ضلعو | چڪوال ضلعو |
بلندي | 498 ميل (1,634 ft) |
آبادي (2017) |
حوالا
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ "redirect to /world/PK/04/Chakwal.html". fallingrain.com. حاصل ڪيل 11 March 2016.
- ↑ "English Book On-Line - Mutiny Reports". apnaorg.com. حاصل ڪيل 11 March 2016.