وڍ تعلقي
(وڍ تحصيل کان چوريل)
وڍ تعلقو (انگريزي: Wadh Tahsil) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي قلات ڊويزن جي ضلعي خضدار جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام وڍ شھر آھي. وڍ تعلقو انگريزي (Wadh Tehseel)پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ضلعي خضدار جو شهر آهي جيڪو خضدار شھر کان ڏکڻ طرف آهي. وڍ تعلقي جون سرحدون اتر ۾ تعلقي خضدار، اولهه ۾ تعلقي نال، ڏکڻ ۾ ضلعي لسٻيلا جی تعلقي لسٻيلا ۽ اوڀر ۾ سنڌ جی ضلعي دادو جی تعلقن جوهي ۽ سيوھڻ شريف سان ملن ٿيون. هيءُ تعلقو پکيڙ جي لحاظ کان ضلع خضدار جو وڏو تعلقو آهي. وڍ ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽي ڪئمپس به قئم ٿيل آهي. وڍ تعلقي ۾ ڪيترائي قديم ماڳ آهن. وڍ جي علائقي پلي آس ۾ پٻ جبل ۾ ٿريا غار نالي قديم غار آهي جنهن ۾ قديم پينٽنگ جا آٽار مليا آهن. هيءُ غار قبل مسيح دور جي چئي وڃي ٿي.[2] وڍ تعلقي ۾ لاهوت لامڪان جو ماڳ پڻ آهي.
وڍ تحصيل | |
---|---|
بلوچستان جي تحصيل | |
Wadh Tahsil | |
پاڪستان ۽ بلوچستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°20′21″N 66°22′04″E / 27.33917°N 66.36778°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | بلوچستان |
ضلعو | خضدار ضلعو |
صدر مقام | وڍ شھر |
آبادي (2017) | |
• ڪل | [1] |
حوالا
سنواريو- ↑ - https://www.citypopulation.de/php/pakistan-distr-admin.php?adm2id=82405
- ↑ Kingrani, Aziz. "Cave art: Stories in stone". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-07-10.