ھندستان جو ورھاڱو

partition of British India into the independent states of India and Pakistan in 1947

سانچو:ڏکڻ ايشيا جو اتهاس برطانوي قانون آزادي هندستان 1947ع جي تحت 15 آگسٽ 1947ع تي ننڍو کنڊ هندستان کي پاڪستان ۽ ڀارت ٻه مُلڪ ڌار ڪرڻ جي عمل کي هندستان جو ورهاڱو سڏيو ويندو آهي، جنهن تحت گڏيل هندستان جي ماڻهن برطانيا کان ڇوٽڪارو وٺِي هڪٻئي کان ڌار مُلڪ جوڙي ورتا، ان ورهاڱو جي نتيجي ۾ اوڀر بنگال پاڪستان ۽ اولهه بنگال ڀارت ۾ شامل ٿي ويا ۽ پنجاب پڻ پاڪستان جي موجودہ صوبو پنجاب ۽ ڀارت جي اوڀر پنجاب ۾ ورهائجي ويا.

هندستان جي ورهاڱو دوران ننڍو کنڊ انڊو پاڪ ۾ اسلامي اڪثريتي علائقا سائو رنگ جڏهن تہ هندو اڪثريتي علائقا ڳاڙهو ڀُوري رنگ ۾ ڏيکاريل آهن.

ان ورهاڱو کانپوءِ نئين ڄاول پاڪستاني رياست جو راڄڌاني ڪراچي کي بڻايو ويو جتي قائد اعظم محمد علي جيڻا پهريون گورنر جنرل جي حيثيت سان حلف کنيو. پاڪستان پنهنجي آزادي 14 آگسٽ جڏهن تہ ڀارت 15 آگسٽ تي ملهائيندا آهن.

گڏيل هندستان جي روهاڱي جي بڻيادي حرڪت هندستان مسلمن جي مفادن ۾ رنڊڪ پوڻ کانپوءِ هڪ تحريڪ هنن ننڍي کنڊ ۾ شروع ڪئي ته جيئن کين شڪ هيو ته انگريز برٽش انڊيا ڇڏي وڃڻ کانپوءِ کين سندن مراعتون نه ملنديون تنهنڪري هنن هندستان کي ڌار ڪري الڳ مُڪ بڻائڻ جي تحريڪ هلائي، جنهن کي مذهبي رنگ ڏنو ويو ۽ غير منطقي مذهبي قوميت تحت ٻه قومي نظريو جو جواز ٺاهيو ويو، ان سموري منصوبي جي پوئيواري لاءِ مسلم ليگ جي پليٽ فارم کي استعمال ڪيو ويو. قائد اعظم محمد علي جناح کي ڏکڻ آفريڪا منجهان گُهرايو ويو ۽ کيس ان منصوبي جي اڳواڻي ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو ۽ نيٺ هنن انگريزن جي مدد سان 14 آگسٽ 1947ع تي الڳ ملڪ جو اعلان ڪيو.

درشن خانو

سنواريو

وَڌيڪ ڏِسو

سنواريو

ٻاهريان ڳنڍڻا

سنواريو