ٻه قومي نظريو (پاڪستان)

سياسي نظريو جنهن تحت، هندستان جي ننڍو کنڊ ۾، هندو ۽ مسلمانن کي مذهبي بنيادن تي الڳ قومون قرار ڏنو ويو.

ٻہ قومي نظريو انگريزي ٻولي: Two Nation Theory ننڍو کنڊ جي مسلمانن جو هندون کان الڳ مذهبي بنيادن تي مُلڪ ٺاهڻ جو نظريو آهي.

جنگ آزادي 1857 جي ڏهہ سال کانپوءِ علي ڳرھ مڪتب فڪر جي باني سر سيد احمد خان هندي اردو جھڳڙو کي بنياد بڻائي 1867ع ۾ هي نظريو ڏنو، ان کي مذهبي بنيادن تي ٻہ قومي نظريو جو نالو ڏنو ويو. ان نظرئي جي سولي وضاحت هيئن آهي تہ ان نظريو مطابق نہ رُڳو مذهبي بنيادن تي هندستان جي متحد قوميت جي نظريي کي رد ڪيو ويو پر هندستان جي هندن ۽ مسلمانن کي ٻہ ڌار قومون چيو ويو. انڊين نيشنل ازم تي يقين رکندڙن جي لاءِ ٻہ قومي نظريو ديس سان بغاوت هيو. هن نظريي تحت 1947ع ۾ يوپي، سي پي جي مراعت يافتا مسلمانن پنهنجي لاءِ الڳ ملڪ گُهريو جتي هو سموري اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي سگهن پيا.

ٻہ قومي نظريو جو بڻِياد

سنواريو

جنگ آزادي 1857ع جا زخم اڃا تازا ئي هيا تہ هڪ مسئلي ڪَرُ کنيو جيڪو هندي اردو جهڳڙو 1867 جي نالو سان سڏيو ويندو آهي. 1867 ۾ بنارس جي هندن لساني تحريڪ شروع ڪئي جنهن جو مقصد اردو جي جڳهہ تي هندي کي سرڪاري ۽ عدالتي ٻولي طور رائج ڪرڻ هيو. ۽ عربي لِپي (رسم الخط ، اسڪرپٽ) جي جڳهہ ديوناگري لپي کي رائج ڪرڻ هيو. ان لساني تحريڪ جو صدر دفتر آلهہ آباد ۾ قائم ڪيو ويو جڏهن تہ پوري ملڪ ۾ هندن ڪيتريون ئي ورڪنگ ڪاميٽيون بڻايون، تہ جيئن سموري هندستان جي سمورن هندن کي ان تحريڪ ۾ شامل ڪيو وڃِي ۽ ان جي مقصدن کي ماڻڻ کي ممڪن بڻايو وڃِي.