ميڊم بوواري ناول

ميڊم بوواري ڪلاسيڪل فرانسيسي ناول آھي، جنهن وڏي مڃتا ماڻي. (/ˈboʊvəri/; French: [madam bɔvaʁi]), ميڊم بوواري فرانسيسي ناول نگار ”گستاف فلابرٽ“ جو پهرائت ناول آھي جو 1856ع ۾ ڇپيو. اول جي مرڪزي ڪردار ايما بوواري رومان پسند خوابن جي دنيا ۾ رهڻ واري ناري آھي، جا پاڻ ۾ گم رهي ٿي. سماجي ٻَنڌڻن کان ڀڄڻ لاءِ مصروف ۽ کوکلي زندگي جي

ليکڪ گستاف فلابرٽ
اصل نالو ميڊم بوواري
ملڪ فرانس
ٻولي فرانسيسي
جڳھ حقيقت نگاري
ڇاپيندڙ ريوئو ڊي پئرس(سلسليوار)

۽ مچل ليوي فريريز(ٻن جلدن ۾)

ڇپجڻ جي تاريخ سلسليوار(1856ع) ۽ ڪتابي شڪل(اپريل1857ع)

باغي آھي. جڏهن هي ناول پهريون ڀيرو هڪ فرانسيسي رسالي” ريوئو ڊي پئرس“ ۾ سلسليوار 1 آڪٽوبر 1856ع کان 15 ڊسمبر 1856ع دوران ڇپيو تہ پُراڻي خيال جي ماڻھن هن تي فحش سڏي ليکڪ کي جيل اُماڻرايو. ڏسندي ئي هي ناول اُن وقت جو گهڻو وڪرو ٿيندڙ ناول بڻجي ويو. 1857ع ۾ ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو. هي ناول ادبي حقيقت نگاري جو چِٽو نمونو آھي. هاڻوڪي سَمي ۾ ناول ”گستاف فلابرٽ“ جي اهم تخليق طور ڳڻيو وڃي ٿو. برطانوي نقاد جيمس وڊ لکي ٿو تہ ليکڪ اهو سُٺي يا بُري جي ئي نيت سان ڪيو خبر ناهي پر هاڻوڪا پڙھندڙ ھن ناول کي حقيقت نگاريءَ جي وڏي سمجهاڻي سڏين ٿا، جنهن جي مڃتا چِٽي آھي. هن ناول جو سنڌي ترجمو ”ڪرزما ڊائجسٽ“ ۾ پڻ ڇپجي چڪو آھي، جنهن جي شروعات ۾ لکيل آھي تہ ”هن ناول ذريعي ناول نگار انساني نفسيات جون ڪي اهڙيون ڪُنڊون وائکيون ڪري ٿو، جيڪي پڙھندڙن کي اچرج جي هڪ عجيب دنيا ۾ وٺي وڃن ٿيون. ناول جي آخري سِٽَ تائين حيرت ۽ تجسس جو سلسلو جاري رهي ٿو ۽ پڙھندڙ انساني ڏاهپ ۽ ليکڪ جي محنت کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي.

پلاٽ جو تَتُ سنواريو

ميڊم بوواري جو پلاٽ اتر فرانس صوبي جي شھر روآن ۾ لکيل آھي. شارل بوواري هڪ شرميلو، اڍنگي ڪپڙن وارو ننڍڙو ڇوڪر پهريون ڏينهن ڪلاس ۾ داخل ٿئي ٿو جتي سندس هڪجيڏا سندس سادگيء تي مٿس کلن ٿا. شارل ڪوشش ڪري جهڙي تهڙي طب جي سند وٺي وٺي ٿو ۽ هيلٿ ۾ نوڪري حاصل ڪري ٿو. هن جي شادي ھن جي ماءُ جي چونڊيل هڪ اڻوڻندڙ پر امير زال مسز ڊ`ووبوڪ سان ٿئي ٿي. هي ٽاٽيز ڳوٺ ۾ ڪلينڪ هلائي ٿو. هڪ ڏينهن شارل هڪ امير جي ڀڳل ٽنگ جوڙڻ ڪاڻ سندس گهر وڃي ٿو جتي سندس ملڻ ان امير جي بي حد وڻندڙ سهڻي ڌيءُ ايما سان ٿئي ٿو. ايما هڪ خوبصورت شاعراڻي سڀاء واري سٺي تعليم يافتا، رومان پسند ۽ سهڻا خواب رکندڙ ڪنواري ڇوڪري آھي. جنهن ڪيترائي مقبول ناول پڙھيا آھن. شارل هڪ ئي ڏسڻيء ۾ هن تي پنهنجي دل هاري ويهي ٿو ۽ بغير ضرورت سندس گهر اچي وڃي ٿو. سندس پيءُ جي علاج جو مدو وڌائي ٿو. ايستائين جو هيلوئز شڪجي سندس اچ وڃ روڪي ٿو. جڏهن هيلوئز بي وقتائتو مري ٿو وڃي ته ڪجهه عرصو انتظار کان پوء شارل ايما کي پروپوز ڪري ٿو ۽ سندس والد جي موجودگيء ۾ ساڻس ويڏي ڪري ٿو. هاڻي ناول جو مرڪز ايما ٿي وڃي ٿي. هڪ رات شارل ايما کي هڪ پارٽيء ۾ وٺي وڃي ٿو جتي سوين ماڻھن سان ملڻ سان ايما کي پنهنجي پرڻيل زندگي گهٽ وڻڻ لڳي ٿي ۽ هي اداس رهڻ لڳي ٿي. شارل پنهنجي وني جي اداسي پرکي شھر مٽائي هڪ مصروف شھر يونيويل(راءِ) ۾ اچي رهي ٿو. جتي ايما هڪ ڇوڪري ڄڻي ٿي پر هڪ سٺي ماء نٿي ٿي سگهي.هتي ايما هڪ ذھين نوجوان لي اون ڏانهن مائل ٿئي ٿي جو قانون جو شاگرد آھي جيڪو ايما جي ادب ۽ سنگيت سان چاھ کي واکاڻي ٿو ۽ ايما ساڻس ملي سٺو محسوس ڪري ٿي. هتي ايما ٻيهر مثبت سوچڻ لڳي ٿي ۽ سندس مڙس ۽ ڌيء لاء چاھ وڌي ٿو وڃي ۽ هوء ھڪ سٺي زال ۽ ماء بنجڻ طرف ڌيان ڏئي ٿي ۽ لي اون بابت سندس خيال فقط دوست جهڙو هجي ٿو. نااميد لي اون ايما جو توجه حاصل نه ڪرڻ ڪري شھر ڇڏي تعليم مڪمل ڪرڻ سانگي پيرس هليو وڃي ٿو ۽ ايما ٻيهر اداس ٿي وڃي ٿي. هڪ ڏينهن هڪ امير زادي روڊولف جي نظر ايما تي پوي ٿي جيڪا روايتي لباس ۾ ڏنگيندڙ لڳي پوي. هن جون نظرون ايما ۾ کپن ٿيون ۽ هو ايما کي ڦاسائڻ جو پھ ڪري شارل سان ويجهڙايون وڌائڻ شروع ڪري ٿو. هڪ جهڙالي ڏينهن هو ايما کي گهوڙيسواري جي دعوت ڏئي ٿو ۽ کيس يقين ڏياري ٿو ته سندس طبعيت ٺيڪ ٿي ويندي شارل جنهن جي دل ۾ شڪ جو ڪو مادو ئي ناهي ايما کي ساڻس موڪلي ٿو ۽ روڊولف ۽ ايما جو افيئر شروع ٿئي ٿو. ايما چالاڪ رڊولف جي فريب جو شڪار ٿي وڃي ٿي. ۽ لڪ ڇپ ۾ ھو هڪ ٻئي ڏي خط ۽ ملاقاتن جو سلسلو جاري رکن ٿا ڪڏهن گهوڙن جي طنبيلي ۾ ته ڪٿي پارڪ يا ٻيلي ۾. چئن سالن بعد ايما رڊولف کي ڀڄي شادي ڪرڻ لاء چوي ٿي پر مڪار رڊولف ايما مان مقصد حاصل ڪري چڪو هو هڪ خط لکي کائنس ناتو ڇني شھر ڇڏي وڃي ٿو. هن صدمي سبب ايما بيمار پئجي وڃي ٿي ۽ مذھب ڏانهن موٽ کائي ٿي. ڪافي عرصي بعد جڏهن ايما جي صحت بهتر ٿئي ٿي ته هوءَ ۽ شارل هڪ ٿئيٽر تي هڪ ناٽڪ ڏسڻ وڃن ٿا جيڪو والٽر اسڪاٽ جي 1819ع ناول” ليموئرمُور جي ڪنوار“ تي فوڪسڊ آھي. اتي ايما جا ستل ارمان وري جاڳي اٿن ٿا ۽ هوء لي اون کي ڳولي ٿي جيڪو تعليم پوري ڪرڻ کان پوء روآن ۾ ڪم ڪري رهيو هجي ٿو ۽ هتي ناٽڪ هال ۾ به موجود آھي. آخر ٻنهي جو سنٻنڌ شروع ٿئي ٿو. شارل کي بس اها ئي خبر آھي ته ايما پيانو سکڻ وڃي پئي هن لاء سندس ڪنوار جي خوشي ئي سڀ ڪجهه آ. ايما هر هفتي لي اون سان ملڻ لاء وڃي ٿي ۽ لي اون کيس مفت جي مال وانگر کيس ۽ سندس دولت لٽيندو رهي ٿو. آخر لي اون ايما مان بيزاري ڏيکاريندي کائنس پئسن جي طلب ڪري ٿو. ايما جيئن ته هن ۾ مڪمل ڦاٿل هجي ٿي تنهنڪري هوء پنهنجي سڄي مڏي موڙي هن تي لٽائي ٿي. ۽ لڪ ڇپ ۾ شارل جي نالي قرض کڻندي رهي ٿي. آخر سندس گهر به گروي ٿي وڃي ٿو ۽ هوء اهو بچائڻ لاء لي اون ۽ رڊولف کان پئسا طلبي ٿي پر ڪوبه سندس مدد لاء تيار ناهي. نااميد ٿي هي آرسينڪ ڳڙڪائي زندگي جو انت آڻي ٿي. شارل ايما کان پوء پاڻ کي ڪمري ڀيڙو ڪري ڇڏي ٿو ۽ کائنس ڪمائڻ ڇڏائجي ٿو وڃي. قرض لاهڻ لاء ھي گهر جون شيون کپائي ٿو جتي ڪمري جي صفائي دوران هنکي ايما جا لي اون ۽ رڊولف ڏانهن لکيل خط هٿ اچن ٿا ۽ هن کي پنهنجي محبوبا جي بيوفائيء جو يقين ويهي ٿو ۽ صدمي ۾ هن جو موت ٿئي ٿو. سندس ڌيءُ هڪ نوڪرياڻي پالي ٿي جيڪا کيس هر روز ماچيسن جي فيڪٽري ۾ مزدوريء ڪاڻ موڪلي ٿي. ناول جي آخر ۾ شارل جي ساٿي دوا فروش اومي کي طب ۾ بهتر ڪارڪردگي تي ايوارڊ سان نوازيو وڃي ٿو جنهن جو اصل حقدار شارل هو ۽ ناول جي پڄاڻي ٿئي ٿي.

ڪردار سنواريو

ايما بوواري

هن ناول جو مرڪزي ڪردار آ جنهن تي سڄو ناول ڀاڙيل آ. هي هڪ رومانس پسند زندگيء کي ڀرپور جيئڻ واري ڇوڪري آ. جيڪا هر شيء ۾ رومانس ڳولي ٿي. هن کي خوبصورتي، دولت سٺي لباس پائڻ ۽ محفلون پسند آھن. ويران جهنگلن ۾ هو موسيقي تلاش ڪرڻ جي عادي آ. هن کي سمنڊ سان محبت آ ته صرف طوفان خاطر قدرت کيس ڏنگيندڙ سهڻائپ ڏني آ جيڪا ڪنهن کي بِ گهايل ڪري ڇڏي. هن جي خيالن ۽ ڳوٺاڻي زندگيء ۾ فرق جي ڪري ئي هوء ان کان باغي آ. اهو ئي سبب آ جو هوء پنهجي خواهشن جي پورائي لاء قرض کڻي ٿي جو سندس آپگهات جو ڪارڻ بنجي ٿو. سندس اهي شيون گستاف فلابرٽ کي ليکڪ ٿيڻ جي نفسياتي سگھ بخشين ٿيون.

شارل بوواري

شارل ايما جو هڪ سادو سڌو مڙس ماڻھو آھي. هي پيشي طور هڪ ڳوٺاڻو ڊاڪٽر ئي نه پر ٻيو بِ گهڻو ڪجهه آھي. اصل ۾ ھي صحيح معني` ۾ ڊاڪٽر جي مڪمل سند نٿو رکي پر هڪ هيلٿ جو ڪو ننڍڙو آفيسر آ پر سندس طب بابت ڄاڻ مريضن سان دوستاڻو رويو کيس مٿانهون رکي ٿو. هر مريض کي نالي سان پڪارڻ ۽ چھري سان ياد رکڻ، ترت علاج ۽ گهٽ خرچ ۾ کين ٺيڪ ڪرڻ، بنا لالچ جي سنڀال ڪرڻ ۽ هڪ پروفيشنل ماڻھو طور ڌنڌي ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ سندس خوبيون آھن. ٽوٽيز ۾ ھي هردل عزيز شخصيت آ پر روآن ۾ سندس حريف دوا فروش اومي آ جيڪو سندس هڪ پاسي سندس قابليت جو فائدو وٺي پنهنجو ڪاروبار چمڪائي ٿو ٻئي پاسي کيس ڪٽڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ٽئين پاسي ايما کي ڄار ۾ ڦاسائڻ لاء به ڪوشش ڪري ٿو. شارل کي پنهنجي ونيء جي چال چلت جو ڪجهه وقت پتو بِ پوي ٿو پر سندس انڌي محبت واري بت پرستي کائنس اها مڙسي نٿي ڪرائي جو هو کيس ڪجهه چئي الٽو هو پنهنجي سڄي ڪمائيء جي چاٻي ايما کي سونپي. ٿو. توڙي جو سندس اهو اياڻو رويو سندس تباهيء تي دنگ بِ ڪري ٿو. تنهن باوجود بِ ايما وٽ سندس حيثيت هڪ سادي اڻواقف ۽ موڳي انسان جيتري آ.

رڊولف بائولينگار

عياش پرست نواب زادو آ، جنهن جو شوق شراب نوشي، گهوڙي سواري ۽ سهڻيون مايون آھن. هن جي سهڻي شڪل ڳالهائڻ جي ڍنگ ۽ مڪاريء مان شايد ئي ڪا پاڪباز رن بچي نڪري. هو ايما سان پهريون ڀيرو هڪ پارٽيء ۾ ملندو آ ۽ جرئت ڪري سندس هٿ چمي کيس متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو آ. ايما کيس چاهيندي آ ۽ ساڻس ڀڄي وڃڻ جي آڇ ڪندي آ. پر هو هو ايما مان جان ڇڏائي کيس خط لکي ساڻس ناتو ڇنندو آ. توڙي جو پاڻ پئسي وارو هئڻ ڪري هو ايما کي فائيننشل ٽوٽ ناهي ڏيندو پر ايما جي رسيلي قدرتي حسن جو واس ضرور وٺندو آ.

ڪلارڪ لي اون

ڪلارڪ لي اون هڪ اڌ مفاد پرست ڪردار آھي جو ايما جو سنگيت، چترڪاري ۽ فنون لطيفه ڏانهن ڌيان ڇڪرائيندو آ. هي يونيويئل ڇڏي پئرس تعليم مڪمل ڪرڻ ويندو آ. بدقسمتيء سان هو پهريون ڀيرو ايما سان تڏهن ملندو آھي جڏهن ايما هڪ فرمانبردار زال ٿيڻ جي چڪر ۾ ھوندي آھي. پر هي ٻئي ايما ۽ رڊولف جي ناتي ٽٽڻ بعد ٻيهر جڙندا آھن ۽ هو ايما جو چڱو جسماني ۽ مالي فائدو کڻندو آ.

موسيوئر لي هيريوز

هڪ وياجي قسم جو ڪردار آ جو ماڻھن کي مٺڙيون ڳالهايون ٻڌائي کائن پنهنجون قيمتي شيون خريد ڪرائيندو آ ۽ پئسا پڻ وياج تي ڏيندو آ کين قرضي ڪري کين روڊ تي آڻي ساھ کڻندو آ. ايما جي عياشين جي پرک ڪري هو ايما کي شارل جي ضمانت تي قرضي ڪندو ويندو آ جيڪي شيون ايما جي آپگهات جو سبب بِ بڻبيون آھن.

دوا وڪڻندڙ اومي

شھر جو دوا وڪڻندڙ آھي جنهن وٽ دوا وڪري ڪرڻ جو لائسنس بِ ناهي. توڙي جو هي شارل سان دوستي وڌائي سندس طب سازيء جي تجربي مان فائدو وٺي، سندس نالو ڪيرائڻ لاء کائنس ئي ڏکيون سرجريون ڪرائيندو آ جيڪي فيل وينديون آھن جن سان شارل جو يونيويئل ۾ پروفيشنل وقار ڪرندو آ. ان کان علاوه هن جي بري نظر ايما تي بِ هوندي آ ۽ شارل جي موت کان پوء هي دوا سازيءَ ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ عيوض ايوارڊ حاصل ڪندو آ جو اصول موجب شارل جو حق هوندو آ.

جسٽن

دوا وڪڻندڙ اوميءَ جو ملازم ۽ سٶٽ آ جيڪو رضاڪاراڻي طور اومي گهر رهائيندو آ پر هو کانئس هر ڪم ڪرائيندو آ. هي بِ ايما تي مست هوندو آ ۽ هن کان ئي ايما ميڊيسن سپلاءِ روم جي چاٻي چورڙائيندي آ ۽ کائنس آرسينڪ وٺندي آ اهو چئي تَ ھوءَ اهو ڪوئا مارڻ لاءِ ڪتب آڻيندي پر هوءَ ان سان آپگهات ڪندي آھي.

ٺاھ ٺوھ سنواريو

ناول جي ٺاھ ٺوھ اهم آھي، پهريان اها فلابرٽ جي سچ گو اسٽائيل ۽ سماجي تنقيد تي لاڳو ٿئي ٿي ۽ پو ايما جي مشھور ڪردار تي. فرانسيس اسٽيگمولر سمجهي ٿو تَ ناول آڪٽوبر 1827ع ۾ شروع ٿيو ۽ آگسٽ 1846ع ۾ پورو ٿيو. اهو دور ”لوئيس فلپ i“ جو هيو، جنهن پئرس کي پنهنجي پورهيت لوئر مڊل ڪلاس کي مان ڏيڻ واري ڇٽيءَ هيٺ بيهاريو. فلابرٽ جي وڏي ڪوشش ٻھراڙيءَ فرانس جي ماڻھن جي اٿڻي ويهڻي ۽ ڪپڙن ۽ سندس مڊل ڪلاس طور اسرڻ کي ڏيکارڻ ڏي آھي. فلابرٽ عام زندگي جي سچي ڏيکاءَ جي جهلڪ ڏيکارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ڄڻ تَ ڪنھن دريءَ ۾ بيهي ٻھراڙيءَ جي سهڻائپ پسرائڻ، يونيويئل جي صحيح معني` ۾ منظر ڪشي، ڏسڻ ۾ ايندڙ ۽ لڪل سچن کي چٽو ڪرڻ جي بِ ڪوشش ڪئي اٿائين. فلابرٽ روآن ۽ نارمئندي علائقي ۽ آسپاس جي ماڻھن سندن زندگيءَ جي طريقي، ٺھڻ ۽ اوسر جو ڄاڻو آ. هن جو انصاف جهڙو لکڻ ۽ ٻھراڙيء جي زندگيء جي عڪاسي ناول جي مشھوري وڌائن ٿا ۽ ادبي سچ گوئي جي تحريڪ کي هٿي ڏين ٿا. فلابرٽ جي عام جاين جي پنهنجي ڏانء سان عڪسبندي هنکي ڪلپناتي حد تائين امر بنائي ٿي. هو ڪنهن بِ ڪردار يا ڊائلاگ تي تنقيد جو گهٽ موقعو ڇڏي ٿو ۽ هي سندس پهريون ناول بلڪل بِ نٿو لڳي. عام ماڻھن جو اٿڻ ويهڻ ايما جي پريم پڻي ۽ آزاد خياليءَ واري سوچ ۾ رڪاوٽ وجهي ٿو. فلابرٽ ان مڙني شين کي ٺاھ ٺوھ ۽ ڪردارن تي چاڙھي رکي ٿو. ايما هر ڏينهن جي سچائيءَ کان لاپرواھ ۽ بي فڪر آھي. ايتري تائين جو سندس خواهشون عام ماڻھن جي ڪڙي جي ڀيٽ ۾ پاڻ پوڄاري آھن.توڙي جو ايما جي گھٽ عملي، ۽ اعلي` سکيا اڃا تائين سونهن ۽ سٺائپ ۾ اميد برقرار رکڻ جو حوصلو ڏين ٿيون، جيڪا مٿئين طبقي ۾ گهٽ ملندي آ.

اسٽائيل سنواريو

ڪتاب اصل ۾ گهڻي ڀاڱي ليکڪ جي اسڪول جي ساٿي جيڪو ڊاڪٽر بڻيو هو کان متاثر ٿي لکيل آھي. فلابرٽ جي ويجهي ساٿي ۽ صلاحڪار، لوئيس بوئليھيٽ کيس رٿ ڏني هئي ته هي ڌرتيءَ کان آڪاش تائين هڪ پوري ڪٿا آھي، جا ناول لاءِ چڱي آھي ۽ کيس هن ناول تي ڪم ڪرڻ گهرجي بجاءِ ڪنهن نهڪر جي. لکڻ جو نمونو فلابرٽ لاءِ ڪافي اهم هو. ناول باري ۾ ھن لکيو” هي ڪتاب ڪنهن بابت نه هوندو جيڪو ڪنهن ٻاهرين ڪردار سان ناتو نه رکندو. جيڪو پنهنجي اسٽائيل ذريعي سڃاتو ويندو. هڪ ڪلپنا جنهن بابت جين روسيوٽ فلابرٽ کي جيمس جوئيس ۽ ورجينا وولف وانگي پهريون اڻڳڻيو ناولسٽ ڪوٺي ٿو. توڙي جو فلابرٽ بالزڪ جيڏي مڃتا نه ماڻي پر بالزڪ وانگي هن ناول ذريعي حقيقت نگاريءَ جو نمونو ڇڏڻ جي ڪئي آھي. ناول ۾ موجود سچ گوئي آرٽ ۽ معصوميت تي پهرن خلاف اٿڻ جو نياپو آھي. ايما اصل ۾ ذھني ۽ جذباتي طور رومانس جو مجسمو آھي جنهن جو جهان جي حقيقتن سان ڏور ناتو ناهي. پر ڪجهه جاين تي ليکڪ ايما جي رومانوي ڏينهن جي خوابن کي کل جهڙا ڏسي ادبي چڪاس جو وس ڪري ٿو. فلابرٽ جي حقيقت نگاري ڪٿي ڪلپناتي به لڳي ٿي. فلابرٽ جو بيان ته”مان ميڊم بوواري آھيان“ پڻ سوالي آ. پنهنجن خطن ۾ ھن ناول ۾ موجود ڪردارن کان پاڻ کي ڏور رکيو آ توڙي جو فلابرٽ جو حسن پرستاڻو ڪردار عام زندگيءَ ۾ ڳجهو نه هو. ايڊما روجر کي هن جو لکڻ تَ ”مان جن شين کي ڀانيان ٿو اهي ناول ۾ ڏسيل ناهن“. وري ميري سوفي لي روئر کي لکڻ ته”مون پنهنجي زندگيءَ جا احساس هتي پڌرا ناهن ڪيا“. ۽ ميريو ورگاس لي لوزا کي لکيائين تَ” ميڊم جا بيان ڪيل مشھور ناول نَ پڙھيل هئا، ٿي سگهي ٿو تَ هن جو لکيو ئي الڳ هجي!“. ميڊم بوواري فلابرٽ جي دور جي بورجيو ڪلاس تي ڇوھ ڇنڊ آھي تَ اهي اياڻن خيالن وارا پنهنجي پاڻ کان ناخوش، ڌوڪيباز ڪلچر وارا خاص طور لوئيس فلپ جي جڳ ۾ جڏهن مڊل ڪلاس لوئر ۽ اپر ڪلاس جي ڀيٽ ۾ اسري عزت ڀريو سڏجڻ لڳو هجي. فلابرٽ بورجيو ڪلاس کي برو ڪوٺيو آ. هن جي ” پرايل خيالن واري لغت“ ۾ بورجيو ڪلاس عام درجي جا بت پوڄ ۽ دانشور، مدي خارج اٿڻي ويهڻيءَ وارا، سوڙھي ذھن ڪلچر وارا، وکرن سان پيار ڪندڙ، لوڀي ۽ مٿين سڀني محدود مڃوتين وارا بي دماغ مٺو آھن. ورگاس لي لوزا موجب ” ايما جي ڪهاڻي لڪ ۽ سچ، چاھ ۽ حاصل جي وچ ۾ خال ۽ آوارڳي جي پهرين نشاني آھي، جنهن سٶ سال پوءِ انڊسٽريئل سماج ۾ مورچو سنڀاليو. توڙي جو ناول سادي نموني ناول فقط ناريءَ جي ڪلپناتي پريم پڻي بابت ناهي پر شارل پڻ ايما جي مزاج، چاھ ۽ گهرجن کي سمجهڻ کان ڏور آھي.

ادبي پکيڙ ۽ مڃتا سنواريو

ڪتاب تمام گهڻو ساراهيل ۽ وڏن ناولن ۾ ڳڻجندڙ آھي ۽ پوري ڪلپناتي ڪم جو نمونو آھي. هينري جيمس جي لکڻ موجب ته ميڊم بوواري کي هڪ پورائپ مليل آھي جا نه صرف ٺپو آھي پر هن کي جٽادار به بڻائي ٿي جو پوڻا ٻه سٶ سال بييتجڻ باوجود هي هڪ وڏي اڻ پهچ لائق سند رکي ٿو ۽ جيڪا اڀاري به ٿي ۽ دليل کي به هارائي ٿي. مارسئل پرائوسٽ فلابرٽ جي لکڻ جي اسٽائيل جي غير معمولي گرامر جي شُڌتا کي واکاڻي ٿو، جڏهن ته ولاديمير نوبوڪوف چُئي تَ ” اسٽائيل طور نثر اهو ڪم ڪيو آھي جيڪو ڪويتا ڪرڻ جو سوچيندي آھي. ساڳي ريت جوڪ ملن ڪنديرا لکيو تَ” اڃا تائين فلابرٽ جي نثر گهٽتائيءَ جي احساس جو بدنما داڳ ناهي ڌوتو. تڏهن کي هاڻي تائين ميڊم بوواري ڪويتاڻي ڪلا جي برابر سمجهو پيو وڃي. جارجيو ڊي ڪارڪيو چُيو تَ سمجهاڻيءَ جي نڪتي اک ۾”ميڊم بوواري“ فلابرٽ جو بهترين ڪم آھي. جولين بارنز هن کي هر دور جو بهترين ليک ڪوٺي ٿو. ناول 19هين صدي ۾ سچ گوئيءَ جي لاڙي طرف ڌڪي ٿو، جيڪا تڪڙو اثر ڪندڙ نفسياتي سوچ ۽ جذبن جي ٻاهرين شين کان وڌيڪ اثرائتي سمجهاڻي آھي. اهڙي سبب هي ناول اڳوڻي وڏي فرانسيسي اديب مارسيئل پرائوسٽ ۽ 20هين صديءَ جي پنهنجو مٽ پاڻ اديبن کي پُٺ تي ڌڪي ٿو.

اتاريل نمونو سنواريو

فلمون سنواريو

ناپاڪ پيار،(1932ع فلم ڊائريڪٽر البرٽ)Unholy Love

ميڊم بوواري(1934ع فلم)

1937ع فلم ميڊم بوواري

1949ع فلم ميڊم بوواري

1964ع ميڊم بوواري

1969ع بي بي سي ٽي۔وي فلمون ميڊم بوواري

ريانس ڊٽر 1970ع فلم(Ryan`s daughter)

1975ع ميڊم بوواري فلم

سيو اينڊ پروٽيڪٽ 1989ع فلم(save and protect)

1991ع ميڊم بوواري فلم

مايا مئم صاحب 1993ع هندي فلم(Maya ma`m sahab)

2014ع ميڊم بوواري فلم

حوالا سنواريو

    1. ^ Wood, James. How Fiction Works.New York: Picador. 2008. 39.
    2. ^ Flaubert, Oeuvres, vol 1, Bibliothèque de la Pléiade, 1972 p.305
    3. ^
    4. ^ Quoted in Madame Bovary: a Reference Guide, Laurence M Porter, Eugene F Gray, 2002, p. 130
    5. ^
    6. ^ a b
    7. ^ a b
    8. ^
    9. ^ Vargas Llosa quoted in
    10. ^
    11. ^
    12. ^
    13. ^ Quoted by Malcolm Bowie, Introduction to Madame Bovary, translated by Margaret Mauldon, OUP, 2004 p. vii
    14. ^
    15. ^  See excerpt on Fondazionedechirico.org
    16. ^
    17. ^https://modernism.coursepress.yale.edu/madame-bovary/
    18. ^ Jon Fortgang. "Madame Bovary". Film4. Retrieved 5 December 2015.