حقيقت نگاري (Realism) ترقي پذير دؤر جي پھرين هاڪاري ۽ ڀرپور تحريڪ هئي. ڪوربي (Courbet)(1819-1877ع) ۽ سندس ساٿي انهيءَ تحريڪ جا اڳواڻ هئا. ماحول جي صحيح عڪاسي، انهيءَ جو بنياد هو، هيٺيون طبقو ۽ روزمره جا مظاهر انهيءَ جا حقيقي موضوع هئا. اڳتي هلي حقيقتن نگاري ادبي تحريڪ بڻجي دنيا جي ادب کي متاثر ڪيو. ان ۾ زندگيءَ جي مشاهدن کي اصليت سان پيش ڪرڻ اهم هو، ڀلي ان ۾ زندگيءَ جون تلخ حقيقتون شامل ڇو نہ هجن. دنيا کي سائنسي تحقيقات ۽ طريقن ذريعي ڄاڻي سگهجي ٿو. ان جي وصف ٻڌائي سگهجي ٿي . ان بابت معلومات گڏ ڪري سگهجي ٿي. جڏهن تہ ٻئي نظرئي مطابق خارجي دنيا کي جبلتي شعور ۽ اندر واري اک سان ڄاڻي سگهجي ٿو. پر ادب ۾ حقيقت پسنديءَ جي وصف بنھ الڳ آهي. جڏهن ڪو بہ تخليقڪار پنھنجي شھپاري يا تخليق ذريعي زندگيءَ جي سچائيءَ سان ترجماني ڪري تہ انهيءَ کي حقيقت پسندي چيو وڃي ٿو.[1]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.