ڪلاسيڪي ورثو جديد شاعري جي هڪ خصوصيت اھا اھي تہ ڪلاسيڪي ادب جي ورثي کي سنڀالي ان ۾ نواڻ اندي وڃي پر اصل شيءِ ورثي طور محفوظ رھي. مثال: شاھ، سچل، سامي، حمل، روحل ۽ ٻين جي شعري صنفن وائي، ڪافي ۽ بيت جي صنف برقرار رھي، پر انھن کي جياريو وڃي، پوءِ گھاڙيٽن ۾ تبديلي ڀل اندي وڃي. ان ڏس ۾ جديد شاعرن انھن صنفن کي پنھنجي ذھن اھر ٻن طريقن ۾ تبديل ڪيو. ھڪڙن انھن جا موضوع ۽ اسلوب ساڳيا ڪلاسيڪي رکيا. ٻين رڳو ھيئت ساڳي رکي، پر ان جا موضوع ۽ اسلوب توڙي ٻولي مٽائي ڇڏي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب:ڻادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت، مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.