سادگي يا سلاست (Simplicity) نقاد، شعر ۾ سلاست ۽ سادگيءَ تي ڏاڍو زور ڏيندا آهن، سلاست مان مراد صرف لفظن جي سادگي نہ آهي، بلڪ خيالات اهڙا نازڪ يا پيچيده نہ هجن جو عام ذهن ان کي سمجهي نہ سگهن. مطلب تہ اهڙي سادگي نہ هجي، جو ڪنھن کي سمجهہ اچي ۽ ڪنھن کي نہ اچي، پر سادگي اهڙي قسم جي هجڻ گهرجي، جنهن ۾ لفظ پيچيده ۽ ناهموار نہ هجن. ممڪن حد تائين روزمره جي محاورن جي قريب هجن، مطلب تہ لفظن جي سادگيءَ سان گڏ مقصد جي بہ اهڙي صاف سٿري قوت هجي، جو هر پڙهندڙن لفظن ۽ معنيٰ جي سطح تي پھچي وڃي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.