موسي بن يحيٰ برمڪي
موسى بن يحى برمڪي: غسان جي وڃڻ کانپوءِ موسيٰ بن يحيٰ بن خالد برمڪي جڏهن سنڌ جو واڳون سنڀاليون ته حالتن جو جائزو وٺڻ بعد سڀ کان پهريان ان راجا ڏانهن راغب ٿيو جنهن غسان سان گستاخي ڪئي هئي.
موسي بن يحي برمڪي | |||||
---|---|---|---|---|---|
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر | |||||
کان221ھ تائين(835تائين) | |||||
پيشرو | غسان بن عباد | ||||
جانشين | عمران بن موسي برمڪي | ||||
ريجنٽ | عباسي خليفو مامون رشيد ۽ معتصم بالله | ||||
| |||||
گهراڻو | برمڪي | ||||
پيءُ | يحي بن خالد برمڪي | ||||
مذھب | اسلام |
تفصيلي احوال
سنواريوموسيٰ راجا بالا جي علائقي اڀرندي ضلعن ڏانهن هڪ فوجي جٿو اماڻيو. جڏهن لشڪر اتي پهتو ته راجا پنهنجي فوج سان گڏ مقابلي لاءِ آيو پر مسلمانن جي حملي جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ گرفتار ٿي موسيٰ اڳيان آندو ويو. راجا پنج لک درهم موسيٰ کي آڇيا پر هن نه مڃيو ۽ قتل ڪرائي ڇڏرايائينس[1].عرب مؤرخ بلاذري لکيو آهي ته هي راجا پهريائين اسلامي سلطنت جو مطيع هو پر پوءِ کائونس بغاوت جا آثار پڌرا ٿيڻ لڳا،تنهنڪري موسى مٿس چڙهائي ڪري گرفتار ڪيو ۽ گرفتاري کان پوءِ جيتوڻيڪ گهڻي ئي منت ميڙ ڪيائين ۽ لالچ ڏنائين مگر موسى کيس معافي نه ڏني ۽ قتل ڪري ڇڏيو[2]. موسيٰ جي زماني ۾ سنڌ مان جيڪا رقم بغداد ويندي هئي تاريخدانن مطابق خرچ پکو ڪڍي ڪري اٽڪل ڏهه لک درهم هوندي هئي. موسيٰ جو ڳاڻيٽو سنڌ جي ڪامياب گورنرن ۾ ٿئي ٿو. هن ملڪ جي سڀني معاملن تي خاص ڌيان ڏنو ۽ انيڪ سڌارا آندا. حجازي قبيلا به سندس دٻدٻي ۽ روب اڳيان چپ ڪري ويهي رهيا. 218ھ (34 ــ 833ع) ۾ خليفو مامون رشيد هن فاني دنيا کي الوداع چئي آخرت جي سفر ڏانهن هليو ويو، ان وقت سنڌ جو گورنر موسيٰ بن يحييٰ ئي هو.مامون کان پوءِ 218ع ۾ هارون جو وچون پٽ ابو اسحاق جنهن جو لقب معتصم باالله هو، خليفو ٿيو. معتصم باالله جي زماني ۾ 221ھ (36 ــ 835ع) تي سنڌ جو گورنر موسيٰ برمڪي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصيت مطابق پٽ عمران برمڪي کي گاديءَ تي ويهاريو ويو [3]
پڄاڻي
سنواريومامون جي پڇاڙي تائين منصوره جي حڪومت موسى برمڪي جي هٿ ۾ هئي ۽ معتصم جي ابتدائي زماني ۾ به اُهو ئي حڪمران هو. ان جي نسبت مؤرخن جو چوڻ آهي ته هو هڪ نيڪ ۽ فياض فرمانروا هو. هن بلڪل انصاف ۽ عدل پروري سان حڪومت ڪئي ۽ سنڌ ۾ پنهنجي نيڪين ۽ رهم دلين جون گهڻيون يادگارون ڇڏيون، ۽ آخر ڪن ڏينهن بعد پنهنجي حياتي جو مدو پورو ڪري سنه 221ھ ۾ عالم آخرت کي روانو ٿيو ۽ مرڻ وقت پنهنجي پٽ عمران کي پنهنجو جانشين مقرر ڪري ويو. عرب مؤرخ بلاذري لکي ٿو ته دارالخلافت ۾ جڏهن هيءَ خبر پهتي تڏهن خليفي معتصم بالله به عمران کي سنڌ جو والي تسليم ڪيو ۽ حڪومت جو پروانو لکي ڏانهس ڏياري موڪليو.[2].
سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست
سنواريو- موسي بن ڪعب تميمي
- عينيہ بن موسي
- عمر بن حفص عتڪي
- ھشام بن عمرو تغلبي
- معيد بن خليل تميمي
- روح بن حاتم مھلبي
- بسطام بن عمر
- روح بن حاتم مھلبي(ٻيھر)
- نصر بن محمد اشعت
- محمد بن سليمان ھاشمي
- زبير بن عباس
- مصباح بن عمرو تغلبي
- ليث ظريف
- سالم يونسي
- اسحاق بن سليمان
- طيفور بن عبدالله
- جابر بن اسعث طائي
- سعيد بن مسلم
- عيسي بن جعفر
- عبدالرحمان
- ايوب بن جعفر
- دائود بن يزيد
- بشر بن دائود
- غسان بن عباد
- موسي بن يحي برمڪي
- عمران بن موسي برمڪي
- عنبسا بن اسحاق
- ھارون بن ابي خالد
حوالا
سنواريو- ↑ {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ
مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛
پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html. Missing or empty
|title=
(مدد) } - ↑ 2.0 2.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
- ↑ {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ
مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛
پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html. Missing or empty
|title=
(مدد) }