عنبسا بن اسحاق:(انگريزي: Unbisa bin Ishaq) عمران کان پوءِ 226ھ عنبسه بن اسحاق سنڌ جو گورنر ٿي آيو ۽ حالتن کي پنهنجي ضبط ۾ آندائين[1]. نامور ترڪي سردار ايتاخ جي سفارش تي عنبسه سنڌ جي والي واري عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو.[2].

عنبسا بن اسحاق
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
226ھ کان تائين
پيشرو عمران بن موسي برمڪي
جانشين ھارون بن ابي خآلد
ريجنٽ عباسي خليفو معتصم بالله ۽ خليفو متوڪل
پورو نالو
عنبسا بن اسحاق
مذھب اسلام

تفصيلي احوال سنواريو

تحفة الڪرام جي حاشيي مطابق ايتاخ التر کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو، جنهن پنهنجي طرفان عنبسه کي موڪليو. پر يعقوبي مطابق معتصم باالله پاڻ هن کي مقرر ڪيو هو ۽ هو الواثق جي عهد تائين رهيو.سندس گهڻو وقت انهن سردارن سان مهاڏو اٽڪائڻ ۾ گذريو، جيڪي عمران جي قتل کان پوءِ خودمختيار بڻجي شهرن تي قبضو ڪري ويٺا هئا[3].عمران جي مارجي وڃڻ جي خبر جڏهن معتصم کي پهتي تڏهن هن کي اها ڳالهه نه وڻي ھن يڪدم عنبسه بن اسحاق ضبي کي سنڌ جو والي مقرر ڪري روانو ڪيو. عمر بن عبدالعزيز اگرچه هڪ لائق والي کي ماري وڌو هو، ۽ پاڻ به ذاتي طور هڪ وڏي قوت وارو ماڻهو هو ڇو ته سنڌ جي مسلمانن تي تن ڏينهن ۾ هن کان زياده ٻئي ڪنهن به ماڻهو جو اثر نه هو، مگر خليفي معتصم جي طرفان عمران جي جاءِ تي جڏهن عنبسه بن اسحاق ضبي مقرر ٿي آيو تڏهن هن کي سواءِ اطاعت ۽ فرمانبرداري جي ٻيو ڪو چارو نظر نه آيو. ان سان گڏ هي به صاف معلوم ٿئي ٿو ته خود عنبسه جي دل تي به عمر جي طاقت جو ايترو اثر پيل هو جو جيتوڻيڪ خلافت جي منشا هيءَ هئي ته هن جي طاقت ٽوڙي ڇڏجي، مگر عنبسه کيس ڪجهه به نه ڪيو ۽ ٻين سڀني پاسن جي مسلمانن سردارن جتي جتي بي فرماني ڪئي انهن سڀني کي خوب سزائون ڏيئي هي به ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو ڪو دل جو ڪمزور نه هو.[2]. يعقوبي لکي ٿو ته عنبسه جڏهن سنڌ جي حڪومت تي مقرر ٿي آيو تڏهن هن جي منصوره ۾ پهچڻ کان اڳ عربي نسل جا ڪيترائي وڏا اثر وارا سردار گهڻن شهرن کي دٻائي ويهي رهيا هئا مگر جڏهن هو منصوره ۾ داخل ٿي ويو، تڏهن مجبوراً سڀني سواء عثمان نالي سردار جي اطاعت جو گردن جهڪائي ڏنو، ۽ سندس خدمت ۾ حاضر ٿي سنڌ جي حڪومت ملڻ جي مبارڪباد ڏني. عنبسه هڪ لشڪر وٺي مٿس چڙهائي ڪري ويو. عثمان شهر ۾ لڪي وڃي پناهه ورتي ۽ اهڙي مضبوطي ۽ حڪمت عملي سان مقابلو ڪندو رهيو جو حملي ڪندڙن کي نون سالن جي لاڳيتي گهيري کان پوءِ مس وڃي فتح نصيب ٿي.[2].

ديبل ۾ تعميراتي ڪم سنواريو

عنبسه ديبل جون عمارتون ۽ روڊ رستا ٺاهرايا. ديبل جي مندر جيڪو محمد بن قاسم جي منجنيقن جو نشانو بڻجي ويران پيو هو. جو مرڪزي منارو ٽوڙائي ان مٿان ڇت لڳرائي کيس سينٽرل جيل طور ڪتب آندائين. منارو جي بچيل پٿرن سان شهر جي مرمت ڪرائي وئي[4]. بلاذري مطابق عنبسا بن اسحاق، منصوره جي سڀني انتظامن کان واندو ٿي، شهر ديول جي واٽ ورتي، هيستائين سرڪاري ڏوهارين کي بند رکڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪا به خاص عمارت موجود نه هئي. عنبسه کي هتي جي فسادن، بغاوت ۽ آپي خاني ٽولن کي دٻائڻ لاءِ گهڻن ماڻهن جي قيد ۾ رکڻ جي ضرورت پيش آئي. تنهنڪري هن ديول ۾ پهچي، انهيءَ قديم شڪسته حال مندر کي ان ڪم لاءِ رٿيو، جو محمد بن قاسم جي حملي وقت منجنيق عروس جي مار کائي چڪو هو ۽ ڏيڍ سؤ ورهيه گذري وڃڻ هوندي به هو اڃان تائين بيٺو زماني کي پنهنجو گذريل حال ٻڌائي رهيو هو. عنبسه مندر جي طولائي گنبذ جي چوٽي ڀڃائي ڪيرائي ڇڏي ۽ سندس ڇت وري نئين سر عام جاين وانگي سنئين سڌي ٺهرائي ۽ اڳوڻي عمارت مان جيڪي پٿر نڪتا، سي شهر جي ٻين ضروري عمارتن جي مرمت ۾ ڪم آندا. هن کي شهر ديول جي اصلاح جي بلڪل گهڻي خواهش هئي، جنهن ڏي هو هاڻي پوري آزادي ۽ فارغ البالي سان توجهه ڪري سگهيو.[2]. اھو سنڌ جو پھريون جيل يا سرڪاري قيد خانو ھيو.[2].

معزولي سنواريو

معتصم باالله جي وفات کانپوءِ 227ھ ۾ سندس پٽ ابو جعفر هارون ملقب المعروف واثق باالله خلافت جي تخت تي ويٺو. سنڌ ۾ ان وقت عنبسه ئي گورنر هو. 232ھ ۾ واثق باالله جي وفات ٿي وئي. جعفر بن معتصم ملقب (متوڪل علي الله) 232ھ (47 ـــ 846ع) کان 246ھ (61 ـــ 860ع) واثق جي وڃڻ بعد ان جو پٽ جعفر بن معتصم جنهن جو لقب متوڪل علي الله هو، خليفو ٿيو. ان عنبسه کي لاهي هارون بن ابي خالد مروزي کي سنڌ جو گورنر بڻايو..[5]مؤرخ يعقوبي مطابق سنه 232ھ کان سنه 247ھ تائين هاڻي سنه 232ھ آيو ۽ واثق بالله کي سفر آخرت پيش اچي ويو. خلافت جو تاج المتوڪل بالله جي سر تي رکيو ويو. هن تخت تي ويهڻ شرط واثق جي زماني واري نامور ترڪي سردار ايتاخ کي ڪنهن ناراضپي سبب قتل ڪرائي ڇڏيو. سنڌ جو والي عنبسه انهي ئي جي سفارش سان ان عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو. جڏهن متوڪل خلافت جو تاج پنهنجي مٿي تي رکي ايتاخ کي تباه ڪري ڇڏيو، تڏهن سندس نظر هن جي مقرر ڪيل سردارن ڏي به ڊوڙڻ لڳي. اهي خبرون ٻڌي عنبسه کي به اچي ڊپ ورتو ۽ آخر هن مصلحت ان ڳالهه ۾ ڏٺي جو سنڌ کي ڇڏي عراق هليو ويو. انهيءَ لاءِ ته بغداد جي ويجهو پهچي ماڻهن کي پاڻ سان موافق ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.[2]اهڙي نازڪ وقت ۾ جڏهن ته اڳئي پر غضب نگاهون پئجي رهيون هيون، عنبسه جو پنهنجي هيڊ ڪوارٽر کي ڇڏڻ متوڪل جي لاءِ هڪ ڪافي بهانو هو. هن يڪدم کيس معزول ڪري هارون بن ابي خالد مروزي کي سندس جاءِ تي مقرر ڪيو.[2].

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست سنواريو

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named شرر
  3. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  4. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  5. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page11.html.  Missing or empty |title= (مدد) }