غسان بن عباد
غسان بن عباد: 213ھ تي مامون رشيد، غسان بن عباد مهلبي کي پنهنجي ڀاءَ محمد بن عماد سوڌي سنڌ روانو ڪيو ۽ حڪم ڏنائين ته سنڌ جي صورتحال سڌاري باغي بشر کي منهنجي خدمت ۾ پيش ڪيو وڇي ۽ اتان موٽڻ وقت سنڌ جون واڳون موسيٰ بن يحييٰ بن خالد برمڪي جي حوالي ڪيون وڃڻ .
غسان بن عباد | |||||
---|---|---|---|---|---|
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر | |||||
213ھ کان 216ھ تائين | |||||
پيشرو | بشر بن دائود | ||||
جانشين | موسي بن يحي برمڪي | ||||
ريجنٽ | عباسي خليفو مامون رشيد | ||||
| |||||
گهراڻو | مھلبي | ||||
مذھب | اسلام |
تفصيلي احوال
سنواريو213ھ (29 ــ 229ع) ۾ جڏهن غسان منصوره پهتو ته بشر مهاڏو اٽڪائڻ کان سواءِ ئي حڪومت غسان جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي.غسان، بشر کي پڪڙي جيل ۾ واڙي ڇڏيو.جڏهن سنڌ جون حالتون سڌرڻ لڳيون ته غسان مامون جي حڪم مطابق گورنريءَ جي ڪرسيءَ تي موسيٰ برمڪي کي ويهاريو. 216ھ ۾ غسان، بشر کي وٺي بغداد پهتو ۽ سندس سفارش ڪندي مامون جي حوالي ڪيائي. خليفي مامون، بشر ۽ جيڪي مائٽ سندس گرفتار ڪيا ويا هئا، تن سڀني کي معاف ڪري آزاد ڪري ڇڏيو. جنهن زماني ۾ غسان سنڌ ۾ آيو هو ۽ واپس وڃڻ جا سانباهه ڪري رهيو هو ان وقت هتان جي هڪ راجا بالاچندر غسان کي پنهنجي درٻار ۾ بي ادبي سان سڏرايو، غسان انهيءَ گستاخيءَ جو راجا کي سبق سيکارڻ چاهيو هو پر پوءِ پوئتي موٽڻ جي تڪڙ ڪري رهجي ويو. چيو وڃي ٿو ته غسان سان گڏ مشهور طبيب ابراهيم بن فرازون به سنڌ آيو هو. ابراهيم جڏهن هتي مور کاڌو ته حيران ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن اهڙو لذيذ گوشت ناهي کاڌو. ان کان پوءِ هو جيترو عرصو سنڌ ۾ رهيو مور جو گوشت کائيندو رهيو.[1] مؤرخ يعقوبي لکي ٿو ته جڏهن غسان منصوره جي ويجهو پهتو ۽ بشير کي هن جي اچڻ جي خبر پهتي تڏهن هو سندس استقبال لاءِ شهر کان ٻاهر نڪتو ۽ وڏي تعظيم ۽ تڪريم سان هن کي هٿ هٿ ۾ ڏيئي وٺي آيو. جيئن بغداد ۾ ٻڌو ويو هو ان جي خلاف غسان هتي اچي ڏٺو ته ڪجهه به نه هو. بشير کان ڪنهن به قسم جي مخالفت ۽ نافرماني ظاهر نه ٿي، ۽ جڏهن سندس معزولي ۽ موسى جي مقرري جو حال ساڻس بيان ڪيو ويو تڏهن هن فرمان خلافت جي اڳيان يڪدم ڪنڌ جهڪائي ڏنو ۽ خود بخود حڪومت جي ساري دفتر ۽ انتظامن جي چارج موسى جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي[2]. غسان انهن سڀني ڳالهين جي پورائي ڪري سنڌ جي دفتر ۽ ٻين ڪمن جي بخوبي اصلاح ڪئي ۽ سڀ ڪم ٺاهي ٺوڪي موسى کي خوب سمجهاڻيون ڏيئي ٻڌايو ته انتظام هن طرح رکڻ گهرجي.[2]،طبقات الا طباء ۾ غسان سان گڏ آيل طبيب ابراهيم بن فزارون جو بيان آهي ته غسان کي هتي مور جي گوشت ڏاڍو پسند آيو. هو چوندو هو ته مون پنهنجي عمر ۾ هن کان سٺو گوشت ٻيو ڪو به نه کاڌو آهي. هو جيترا ڏينهن هتي رهيو، مور جو گوشت ڀڃي ڀڃي پئي کاڌائين.[2].
سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست
سنواريو- موسي بن ڪعب تميمي
- عينيہ بن موسي
- عمر بن حفص عتڪي
- ھشام بن عمرو تغلبي
- معيد بن خليل تميمي
- روح بن حاتم مھلبي
- بسطام بن عمر
- روح بن حاتم مھلبي(ٻيھر)
- نصر بن محمد اشعت
- محمد بن سليمان ھاشمي
- زبير بن عباس
- مصباح بن عمرو تغلبي
- ليث ظريف
- سالم يونسي
- اسحاق بن سليمان
- طيفور بن عبدالله
- جابر بن اسعث طائي
- سعيد بن مسلم
- عيسي بن جعفر
- عبدالرحمان
- ايوب بن جعفر
- دائود بن يزيد
- بشر بن دائود
- غسان بن عباد
- موسي بن يحي برمڪي
- عمران بن موسي برمڪي
- عنبسا بن اسحاق
- ھارون بن ابي خالد
حوالا
سنواريو- ↑ {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ
مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛
پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html. Missing or empty
|title=
(مدد) } - ↑ 2.0 2.1 2.2 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي