داؤد بن يزيد بن حاتم مهلبي: هارون رشيد وڏي ويچار کان پوءِ 184ھ ۾ آخر داؤد بن يزيد جهڙي علم دوست، انسان پرور ۽ عاقل انسان کي سنڌ جو گورنر بڻايو پر پنهنجي وطن سان محبت ڪري هو به هيڏانهن اچڻ بدران پنهنجي ڀاءُ مغيره کي موڪليائين[1].جڏهن ھارون رشيد کي معلوم ٿيو ته ايوب کان به ڪو سوجهرو نه ٿيو تڏهن آخر هن سنه 184 هجري ۾ دائود بن يزيد بن حاتم مهلبي کي سنڌ جو والي مقرر ڪري روانو ڪيو. دائود سان گڏ هڪ شخص ابو الصمد نالي به هندوستان ۾ وارد ٿيو هو جنهن ڪنهن وقت کان پوءِ بغاوت ڪئي، جنهن جي نسبت بلاذري لکي ٿو ته منهنجي وقت ۾ هن جي بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيل هو[2]. يعقوبي مطابق دائود به ذرا آرام طلب هو مگر ان سان گڏ هو هڪ اهڙي سخت گير طبيعت جو آفيسر هو جو جيڪڏهن ڇيڙيو وڃي ته پوءِ شايد هن کان وڌيڪ ڦڙتي وارو ۽ جفاڪش به ڪوئي ثابت نه ٿئي. سندس زماني ۾ به ڪو وقت سنڌ جو ساڳيو حال رهيو ڇو ته ابتدا ۾ جڏهن رشيد سنڌ جي حڪومت هن جي هٿ ۾ ڏني تڏهن هن دل ۾ چيو ته ياران وطن کي ڇڏي ڪير ٿو هيڏي پراهين مسافري تي وڃي. سو پاڻ اتي ٿي ويهي رهيو ۽ پنهنجي ڀاءُ مغيره کي پنهنجو نائب ڪري هندوستان موڪلي ڏنو.[2].

دائود بن يزيد بن حاتم مھلبي
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
کان220 ھ تائين(820تائين)
پيشرو ايوب بن جعفر
جانشين بشر بن دائود
ريجنٽ عباسي خليفو ھارون رشيد ۽ مامون رشيد
پورو نالو
يزيد بن حاتم
گهراڻو مھلبي
مذھب اسلام

تفصيلي احوال

سنواريو

مغيره جي پهچڻ کان اڳ ئي سنڌ ۾ نزارين (حجازين) اهڙو زور پڪڙيو جو حڪومت به کانئن دٻجي ويئي. انهن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته يمنين (قحطانين) کي هتان تڙي ڪڍي سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائجي، جيئن هڪ ۾ قريش، ٻئي ۾ قيس، ٽين ۾ ربيعه ۽ چوٿين ۾ تراري (سڀئي حجازي قبيلا) رهن[3]. يعقوبي لکي ٿو ته مغيره رستي ۾ ئي هو ۽ اڃان هند ۾ داخل ئي نه ٿيو هو ته يڪا يڪ نزاري ماڻهو اٿي کڙا ٿيا ۽ ايتري قدر جوش و خروش سان بگڙيا جو حڪومت دٻجي ويئي، ۽ جڏهن انهن خود حڪومت کي دٻائي ورتو تڏهن پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيائون ته ساري سنڌ کي چئن حصن ۾ تقسيم ڪيو وڃي. هڪ حصي ۾ قريشي رهن، هڪ ۾ قبيلي قيس وارا ۽ هڪ ۾ ربيعه وارا ماڻهو رهن ۽ چوٿين حصي ۾ به ڪو نزاري قبيلو ئي رهايو وڃي. يماني ماڻهن لاءِ ڪا به زمين باقي نه ڇڏجي ۽ جيئن به ٿي سگهي تيئن انهن کي هتان اصلي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪجي. اها هڪ اهڙي تجويز هئي جنهن کي خلافت ڪنهن به طرح منظور ڪري نٿي سگهي، مگر نزاري پنهنجي هن ارادي تان لهن ئي نه، ۽ چون ته اسان يمانين کي پنهنجي ملڪ ۾ اصلي رهڻ نه ڏينداسين.[2].

مغيرہ جي فوج ڪشي

سنواريو

مغيره جڏهن منصوره پهتو ته ترارين کيس شهر ۾ گهرڻ نه ڏنو ۽ چيائونس ته جيڪڏهن هو مٿيان شرط مڃي ته پوءِ اچي حڪومت ڪري. پر مغيره شرط قبول نه ڪيا ۽ شهر جو گهيرو ڪري ويهي رهيو. تراري جڏهن تنگ ٿيا ته مغيره کي چيائون هو شهر ۾ ڀل اچي پر جڏهن اسان ٻي دروازي کان نڪري وڃون. مغيره اهو به نه مڃيو، آخر ٻنهي وچ ۾ خونريز جنگ لڳي، جنهن ۾ مغيره کي شڪست آئي ۽ هو سنڌ جي ٻي علائقي ۾ هليو ويو. اتان پنهنجي ڀاءُ داؤد کي سڄو قصو لکي موڪليائين[4].اها ڳالهه پڌري آهي ته ائين ڪئين پسند ڪري سگهبو ته شهر جا سڀ ماڻهو نڪري وڃن، باقي رهيو تعصب تنهن ۾ به يمانين سان ظلم ٿي رهيو هو ۽ نزاري هنن کي ستائي رهيا هئا. يعقوبي لکي ٿو ته پوءِ ڀلا ائين به ڪو ٿي سگهيو ٿي ته مظلومن جي مدد نه ڪئي وڃي. هاڻي مغيره ڪري سو ڇا ڪري، نيٺ انهن سان ڪنهن به ڳالهه جو صاف واعدو ته نه ڪيائين مگر حڪمت عملي سان شهر وارن جي دلجوئي ڪري آخر دروازا کولرائي ورتا ۽ حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ڪئي. پر وري اها ئي نزارين جي هٿان يمانين تي زيادتي ٿيڻ لڳي.[2]. مغيره ازروءِ انصاف نزارين کي دٻائڻ ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيڻ گهريو تڏهن هو پنهنجي طاقت جي گمان تي بگڙي کڙا ٿي ويا. يعقوبي لکي ٿو ته آخر لڙائي جو رنگ ڄمي ويو، هڪ طرف مغيره جي فوج مظلوم يمانين سميت هئي ۽ ٻئي طرف انهن جي مقابلي ۾ نزاري قبيلا هئا. نزارين جي قوت دراصل بلڪل گهڻي هئي ۽ وري اُن سان گڏ قومي تعصب کين لڙايو به وڏي جوش و خروش سان. تنهنڪري هنن خوب مضبوطي ۽ جانبازي سان مقابلو ڪري يمانين ۽ شاهي طرفدارن کي سخت شڪست ڏني. مغيره شڪست کائي منصوره کان نڪري هليو ويو ۽ وڃي سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ رهيو.[2].

دائود جي فوج ڪشي

سنواريو

داؤد کي جڏهن خبر پئي ته ڪاوڙ مان وڏو ڪٽڪ ساڻ ڪري اچي منصوره نڪتو. ترارين شهر جا دروازا بند ڪري جنگ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ويهن ڏينهن تائين پير ڄمائي بهادريءَ سان وڙهندا رهيا. داؤد مٿن تيرن جو وسڪارو ڪندو رهيو پر انهن آڻ نه مڃي ۽ ڪيترن مهينن تائين دروازو بند ڪيون ويٺا رهيا. داؤد جي مسلسل محاصري کين ساڻو ڪري وڌو ۽ حملن جي سٽ نه سهي ڪري آخر داؤد جي لشڪر جي تلوارن جو کاڄ بڻيا. داؤد منصوره جي هر محلي ۽ ڳليءَ مان ترارين جي ماڻهن کي ڪڍي ڪن کي قتل، قيد ۽ ڪن کي شهر بدر ڪيو. اهڙيءَ طرح منصوره ۾ امن وري موٽي آيو ۽ سنڌ جي هر شهر مان داؤد، ترارين جي پاڙ پٽي. اهڙيءَ طرح سچي سنڌ ۾ سرهائي پکڙجي وئي[5]. يعقوبي لکي ٿو ته دائود کي جڏهن هي خبرون پهتيون تہ ڀاءُ جي شڪست تي کيس وڏو صدمو پهتو، سو هڪ وڏي فوج تيار ڪري سنڌ تي ڪاهي آيو. نزارين کي کي منصوره پهچڻ کان اڳ رستي وارن شھرن ۾ ماريندو ۽ سزائون ڏيندو اچي منصوره جي ڀتين هيٺان تنبو کوڙايا. شهر وارن شهر جا دروازا ته بند ڪري ڇڏيا مگر دائود بلڪل آزاديءَ سان تلوار بلند ڪري اهڙو زوردار حملو ڪيو جو منصوره کان ٻاهر جيڪي لڙائيون ٿيون تن ۾ نزارين جو وڏو تعداد قتل ٿي ويو.[2]. منصوره کان ٻاهر جڏهن لڳاتار ويهن ڏينهن تائين قتل جي بازار گرم رهي تڏهن زبردستي شهر جا دروازا کوليا ويا ۽ نزارين کي سندن فتنه پردازين جي عيوض ۾ خوب سزائون ڏيئي حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ورتي، مگر ايتري وڏي قتل عام ۽ اهڙي خونريزي کان پوءِ به نزارين جا حوصلا پست نه ٿيا، انهن فساد جي باهه کي وسامڻ نه ڏنو ۽ ڪيترن مهينن تائين برابر جنگ ۽ هنگامو برپا رهيو. يعقوبي لکي ٿو ته هن پهريائين منصوره جي اندر نزارين جا محلا ۽ جايون بلڪل خاڪ ۾ ملائي ڇڏيون ۽ عام طرح کين ماري ۽ جلاوطن ڪيو تڏهن وڃي منصوره ۾ امن امان قائم ٿيو.[2]. يعقوبي مطابق شهر منصوره جو انتظام ڪري هن سنڌ جي ٻين شهرن ڏي رخ رکيو، ڇو ته نزارين جي ڀڙڪايل باهه سڀني طرفن پکڙيل هئي تنهنڪري هن عام طرح سنڌ جا اهي سڀ شهر، ڳوٺ ۽ محلا جتي نزاري رهندا هئا تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيا. گهرن جا گهر ويران ٿي ويا تڏهن مس وڃي ملڪ کي سندن فسادن کان ڇوٽڪارو مليو ۽ حڪومت کي پنهنجي قوت وڌائڻ ۽ امن و امان سان حڪمراني ڪرڻ جو موقعو مليو.[2]. دائود اهڙي همت ۽ مردانگيءَ سان هندوستان جي فتنن ۽ فسادن کي ميٽي ڇڏيو جو هارون رشيد کي هن جي بيدار مغزي تي ڀروسو ٿي ويو ۽ وري هن کي ڪنهن ٻئي نئين والي مقرر ڪرڻ جي ضرورت ئي پيش نه آئي، تان جو سندس آخري وقت تائين هي ئي سنڌ جو حڪمران رهيو. انهن فسادن جي بند ڪرڻ بعد دائود نهايت ئي انصاف ۽ عمدگيءَ سان حڪومت ڪئي. ٻاهرين راجائن تي هڪ بہ حملو نہ ڪيو.[2].

حڪيم ماڻڪ چند عرف مڻڪو

سنواريو

خليفو هارون رشيد 192ھ ۾ رقه کان بغداد آيو ۽ اتان هڪ مهم جي سلسلي ۾ خراسان وڃڻ جو ارادو ڪيائين، توڙي جو طبيعت خراب به هئس. شاهي طبيب جبرئيل بن بختيشوع خليفي سان گڏ هوندي به هارون سنڌ جي گورنر داؤد معرفت قنوج جي راجا ڏانهن خط لکيو ته مان هڪ ڊگهي سفر تي بغداد کان نڪري رهيو آهيان ۽ طبيعت به ٺيڪ ناهي، ان ڪري توهان پنهنجو خاص طبيب مڻڪو (ماڻڪ چند) مون ڏانهن موڪليو، جنهن کي بلخ پهچي موٽائي ڇڏيندس. مڻڪو خراسان پهتو ۽ هارون رشيد جو علاج شروع ڪيائين، پر مرض جهڪو نه ٿيو ۽ هارون طوس جي وڻندڙ موسم ڪري اتي موٽي آيو پر بيماري سندس زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. موڪلائڻ وقت هارون انهيءَ طبيب کي قنوج پهچائڻ جي وصيت ڪئي جنهن کي پورو ڪيو ويو. تاريخ الاطباءِ جي صفحي نمبر 33 تي آهي ته طبيب مڻڪو شاهي خرچ تي خليفي وٽ پهتو ۽ ان جو علاج ڪيائين، جنهن سان هو چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويو. هارون طبيب کي انعام ۽ اڪرام سان نوازي دارالترجمي ۾ اهم حيثيت ڏئي رکيو، جتي هو سنسڪرت ڪتابن جو ترجمو ڪرڻ سان گڏ ٻين جي مدد به ڪندو هو. هن شاناق جي ڪتاب ”السموم“ جي ترجمي ۾ ابو حاتم بلخي جي وڏي مدد ڪئي. ساڳي ئي دؤر ۾ اسان کي هڪ ٻي هندستاني طبيب صالح بن بهلا جو نالو به ملي ٿو، جيڪو شاهي طبيب جبرئيل جي قد ڪاٺ جو حڪيم هو. هن هارون الرشيد جي ڀيڻيوئي جي مرض جو ڪامياب علاج ڪري وڏي شهرت ماڻي، جنهن کي شاهي طبيب جبرئيل جواب ڏئي چڪو هو ۽ سندس موت جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي هائين.193ھ (8 ــ 807ع) ۾ خليفي هارون رشيد وفات ڪيائين.[6]

مامون رشيد جي خلافت جي شروعات

سنواريو

ھارون رشيد جي وفات کان پوءِ محرم 198ھ ۾ مامون تخت تي ويٺو پر سنڌ جي گورنري تي داؤد کي ئي سهڻي انتظام جي ڪري رهڻ ڏنائين. انهيءَ زماني ۾ بني ڪنده جو آزاد ڪيل غلام ابوالصمه سنڌ پهتو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد قبضو ڪري ورتائين. هو انهن ماڻهن مان هو جيڪي اڳ داؤد سان سنڌ ۾ آيا هئا[7].

205ھ (21 ــ 820ع) تي داؤد سنڌ جي ويهه سال حڪومت هلائي وفات ڪئي. هو وڏو دلير ۽ مضبوط ارادن وارو انسان هو. سنڌ جي عرب دؤر جي گورنرن ۾ جنيد کانپوءِ هن جهڙو جوان نٿو ملي. سندس دؤر کي سنڌ جو سنهري دؤر چيو وڃي ٿو.[8]ابن اثير ۽ ابن خلدون لکن ٿا تہ سنه 205هجري ۾ دائود عالم فاني کي ڇڏي عالم آخرت ڏي راهي ٿيو. مامون هن جي خدمتن جو قدر سڃاڻي سندس جاءِ تي سندس پٽ بشير کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو، ۽ هن کانئس انجام ورتو ته هو هر سال ڏهه لک درهم خلافت جي خزاني ۾ داخل ڪندو.[2].

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست

سنواريو
  1. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  3. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  4. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  5. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  6. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  7. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  8. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }