موسي بن ڪعب تميمي

موسيٰ بن ڪعب تميمي: مفلس عبدي جي خبر جڏهن ابو مسلم خراساني کي پئي ته ڏاڍو ڏک ٿيس. خليفي سفاح کان اجازت وٺي ويهه هزار فوجون موسيٰ بن ڪعب تميمي کي ڏئي سنڌ موڪليائين.

موسي بن ڪعب تميمي
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
124ھ کان 140ھ تائين(758 عيسويءَ تائين)
پيشرو منصور بن جمھور ڪلبي
جانشين عينيہ بن موسي
ريجنٽ عباسي خليفو ابوالعباس عبدالله بن محمد، سفاح
نسل عينيہ (پٽ)
پورو نالو
موسي بن ڪعب تميمي
لاڏاڻو 141ھ(759 عيسوي)
بغداد
مذھب اسلام

موسي جي سنڌ ۾ آمد سنواريو

موسيٰ قندابيل پهچي سنڌ جي حالتن جو جائزو ورتو ۽ اتان منصوره جي رهاڪن سان جيڪي سندس فوجن جا مٽ مائٽ هئا، ڳجها رابطا ڪري مٿن هٿ رکي پنهنجو ڪيو. جڏهن چڱيءَ طرح دلجاءِ ٿيس ۽ سندس فوجن حڪمت عملي تيار ڪري ورتي ته منصوره تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. سنڌو درياءُ اورانگهڻ کان پوءِ ٻنهي فوجن جون تلوارون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ لڳيون ۽ ميدان نعرن سان گونجڻ لڳو. منصور حملي جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ هار کائي منصوره شهر ۾ لڪڻ گهريو پر خبر پئجي چُڪي هئس ته شهري ۽ فوج موسيٰ جي ڀر ٿي بيٺا آهن، ان ڪري هندستان ڏانهن ڀڄڻ کي بهتر سمجهيائين. رستو تمام ڏکيو هو ان ڪري اڌ ۾ ئي رلي ويو ۽ موسيٰ جي فوجن هٿ چڙهي جان کان هٿ ڌوئي ويٺو. ابن اثير ۽ فتوح البلدان مطابق هو پاڻ ئي رڻ ۾ رلي بک، اڃ وگهي مري ويو[1].

موسي جي حڪومت سنواريو

موسيٰ 124ھ ۾ سنڌ تي قبضو ڪري انتظام ٺيڪ ڪيا ۽ منصوره شهر جي مرمت ڪرائي شهر جي جامع مسجد کي وڏو ڪرائي وڌيڪ خوبصورت بڻايائين. موسيٰ 140ھ (58 ــ 757ع) تائين سنڌ تي آرام سان حڪومت ڪندو رهيو، انهيءَ دوران ملڪي انتظام ۾ به ڪافي سڌارا آندائين، پر پوءِ واپس پنهنجي وطن موٽي آيو[2].ابن اثير ۽ يعقوبي مطابق هن شهر منصوره جي مرمت ڪرائي ۽ ان کي پنهنجي گادي جو هنڌ مقرر ڪيو. اُتي جي مسجد ۾ ڪجهه اضافو ڪري هر طرح سان هن جي رونق وڌائي ۽ دشمنن تي خوب فتحون حاصل ڪري پنهنجي حڪومت جو سارو وقت بلڪل ڪاميابي سان گذاريو. آخر وطن جي حب ۾ سنڌ جي حڪومت ڇڏي عراق ڏي واپس هليو[3].

وفات سنواريو

سندس وفات 141ھ (59 ــ 758ع) ۾ بغداد ۾ ٿي. خليفو سفاح موسيٰ جي وقت ۾ ئي 13 ذوالحج 136ھ (754ع) تي گذاري چڪو هو .[4]

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست سنواريو

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  2. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  3. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  4. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }