ھشام بن عمرو تغلبي

خليفي منصور کي عبدالله اشتر جي ٻڙڪ پئجي چُڪي هئي، ان ڪري هشام بن عمرو تغلبي کي سنڌ جو گورنر ڪري اهو حڪم ڏئي موڪليائين ته عبدالله اشتر کي جبل ڀيڙو ڪري، سڌو هٿ نه اچي ته جنهن راجا وٽ رهي ٿو ان تي حملو ڪري ڏي.

ھشام بن عمرو تغلبي
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
151ھ کان156 تائين(768 يا 769 کان 772يا773 تائين)
پيشرو عمر بن حفص عتڪي
جانشين معيد بن خليل تميمي
ريجنٽ عباسي خليفو منصور
پورو نالو
ھشام بن عمرو تغلبي
لاڏاڻو 157ھ (773 يا 774)
مذھب اسلام

تفصيلي احوال

سنواريو

هشام جڏهن سنڌ ۾ پهتو ته انهيءَ سوچ ۾ هو ته عبدالله اشتر جي گرفتاريءَ کان ڪيئن پاڻ کي بچائجي؟ ڇاڪاڻ ته هو به اهل بيت جي مڃيندڙن مان هو، ان ڪري خليفي سان مختلف بهانا ڪندو رهيو. انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ جي هڪڙي علائقي ۾ ڪن ماڻهن بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو. اهو علائقو ان راجا جي ڀرسان هو، جنهن عبدالله اشتر کي پناهه ڏني هئي. هشام پنهنجي ڀاءُ سفيح کي بغاوت ڪچلڻ لاءِ موڪليو. جڏهن هو اتي پهتو ته اتفاق سان عبدالله اشتر به ڏهن سوارن سان شڪار جي ڳولها ۾ اچي رهيو هو. سفيح کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. ساٿين سمجهايس ته عبدالله اشتر اهل بيت مان آهي، ان ڪري کيس گرفتار ڪرڻ مناسب نٿو لڳي، پر سفيح نه مڙيو ۽ عبدالله اشتر به مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ اڳيان آيو ۽ وڙهندي وڙهندي الله کي پيارو ٿي ويو. اها خبر جڏهن هشام کي پهتي ته ڏاڍو ناراض ٿيو پر هٿ جي وڍي کي ڪير چئي. خليفي وٽ جڏهن هشام طرفان اها خبر پهتي ته ڏاڍو خوش ٿيو پر اڃا تائين اهو خوف هيس ته ڪٿي عبدالله اشتر جا پوئلڳ سندس پٽ کي نه پڳ ٻڌرائي اڳيان آڻن، ڇو ته عبدالله اشتر جو پٽ۽ زال اڃا تائين هندو راجا وٽ مهمان طور ٽڪيل هئا. هشام راجا کان انهن جو هٿ گهريو پر راجا ڏيڻ کان نابري واري، تنهن تي هشام مٿس 151ھ (69 ــ 768ع) تي حملو ڪيو. راجا مڙسي سان مقابلو ڪيو پر گهڻو وقت بيهي نه سگهيو ۽ هار کاڌائين. انهيءَ حملي ۾ عبدالله اشتر جا ڪيترائي ساٿي ڪم اچي ويا. هشام، عبدالله جي گهر واري ۽ ڇوڪري کي خليفي منصور جي درٻار ۾ موڪليو، خليفي وري انهن کي مديني ڏانهن اماڻي ڇڏيو. ڪاميابيون: انهن جهڳڙن کان واندو ٿي ڪري هشام ٻاهرين معاملن ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ مختلف علائقن کي ماڻڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيائين. پنهنجي هڪ سپه سالار عمر بن جمل کي هڪ فوجي دستي سان گڏ جنگي ٻيڙي تي گجرات جي اولهندي بندرگاهه نارند ڏانهن موڪليو. هشام منصوره ۾ پنهنجي ڀاءُ بسطام کي نائب بڻائي پاڻ هندستان جي اترئين پاسي تي ڪاهه ڪئي ۽ ڪشمير جي دنگ تائين وارو علائقو فتح ڪري ورتائين. ان کان پوءِ ملتان ڏانهن مڙيو ۽ درياءُ اورانگهي قندابيل (گنداوا) پهتو، اتان جي راجا کي تڙي ڪڍيائين ۽ ملڪي وهنوار پنهنجي ماڻهن جي هٿن ۾ ڏئي ڪري پاڻ هڪ بحري ٻيڙي تي ڀڙوچ جي بندرگاهه گندهار ۾ اچي پير کوڙيائين، گندهار تي قبضو ڪري فتح جي يادگار طور هشام هت هڪ عاليشان مسجد جوڙائي جيڪا گجرات ۾ پهرين مسجد هئي. اهي ڪاميابيون ماڻي هشام منصوره ۾ واپس آيو ۽ ملڪي خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ جوڳا اُپاءَ ورتائين، جنهن سان سڄو ملڪ سکيو ستابو ٿي ويو. اندروني شورشن کي به ٻنجو ڏنائين ۽ ماڻهن مس مس سک جو ساهه کنيو. ماڻهو هشام کي ڀاڳ ڀريو سمجهندا هئا ۽ هر هنڌ هن جي هاڪ هلندي هئي، هشام جي زماني ۾ سنڌ مان پهريون ڀيرو هڪ عالمن جو وفد خليفي منصور جي درٻار ۾ پهتو. چيو وڃي ٿو ته انهن ۾ هڪ سنسڪرت جو وڏو عالم به هو جنهن منصور اڳيان سدهانت پيش ڪيو ۽ خليفي جي حڪم تي درٻار ۾ موجود رياضيءَ جي ڄاڻو ابراهيم فزاري ان کي عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. تاريخ مان اهو ڏس به ملي ٿو ته عربن 9 تائين حسابي انگ هندن کان سکيا، ان ڪري عرب ان کي حساب هندي يا هنديه ارقام چوندا آهن. ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ سنسڪرت عالم جنهن سدهانت خليفي اڳيان پيش ڪيو هو، اهو عربن کي سيکاريو هجي. خليفي منصور هشام جي ڪارگزارين کان خوش ٿي 156ھ (73 ــ 772ع) ۾ سنڌ سان گڏ ڪرمان جي گورنري به ان جي حوالي ڪري ڇڏي ۽هشام تمام سهڻي طريقي سان ٻنهي صوبن جو انتظام هلائيندو رهيو. سنڌ ۾ پنج ڇهه سال ترسي هشام 157ھ (74 ــ 773ع) ۾ پنهنجي وطن هليو ويو ۽ اتي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين.[1]

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست

سنواريو
  1. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد) }