هي شاھ صاحب مٽياري سيدن جي باقيل پوٽا پاڙي جو ڄاموٽ آهي. انهن جو وڏو ڏاڏو، سيد شهمير شاھ (وفات 1177ھ) مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد ۽ پوئلڳ هو. ا نهيءَ وقت کان وٺي هي خاندان فقهيٰ اسلام جو پابند ٿي، غير مسلمن کي مسلمان بڻائڻ جي مشغوليءَ ۾ دلچسپي وٺندو پئي رهيو آهي. ”لطف لطيف“ ۾ مولوي وفائي صاحب هڪ قصو بيان ڪري ٿو ته شاھ عبداللطيف هڪ دفعي مٽيارين ۾ ويو ته ڪنهن هندوءَ کي زوريءَ مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي ؛ هو ان کي ڇڏائي پاڻ سان وٺي ويو. بهرحال، انهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين، هر مهيني پنجاهي کن غير مسلم هن قبيلي جي معرفت مسلمان ٿيندا پئي آيا آهن. هي صاحب نماز ۽ روزي وغيره جا پابند پئي رهيا آهن.شاهه صاحب جو والد، سيد حاجي مير اول شاھ سخت مذهبي خيال جو ماڻهو هو. حج ڪرڻ جو شوقين، ڪفايت شعار، منتظم زميندار، مسجدن ۽ مذهبي ادارن جي خرچ ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺندڙ ٿي گذريو آهي. هو 1227ھ ۾ ڄائو ۽ اولاد لاءِ وڏي ملڪيت ڇڏي، 1337ھ ۾ اول ۾ وفات ڪري ويو. کيس پنج فرزند ٿيا: 1. سيد حاجي محمد شاهه، 2. سيد حاجي زين العابدين شاهه، 3. حاجي محمد نعيم شاهه، 4. سيد حاجي علي اصغر شاهه، ۽ 5 سيد حاجي علي اڪبر شاهه. سيد حاجي محمد شاهه صاحب سڀني ۾ وڏو آهي. هي 22 شوال 1308ھ مطابق 2 جون 1891ع تي ڄائو هو. سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم مڪاني استادن کان ورتائين. خود الحان قرات پڙهندڙ آهي. هن جي ساري خاندان کي حج بيت الله ۽ زيارتن ڪرڻ جو گهڻو شوق پئي رهيو آهي. سندن گهر جا ننڍا ٻار به حج کان سواءِ رهيل ڪين آهن. شاهه هن وقت تائين اٽڪل تيرهن حج ڪيا آهن. هي نماز روزي جو پابند، باوضع، محبتي، ڳالهه جو سچو، محل سر ڪم اچڻ، جهڙو، ڪم آزار، ڪم سخن، مهمان نواز، باهمت ۽ آزاد خيال ماڻهو آهي. هنن جي پاڙي جو اصل ڄاموٽ ڇٽن شاهه هو، جو لاولد ٿي وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ ڄاموٽيءَ جي پڳ خالي رهي، جا جملي ڀائرن گڏجي، حاجي الهه اوڀائي شاهه کي ٻڌائي، جنهن جڏهن 1345ھ ۾ وفات ڪئي. ته ڀائرن گڏجي حاجي محمد شاهه کي ڄاموٽ ڪيو. هي 1924ع ۾، سن ۾ ڪوٺايل سادات مٽياري جي ڪانفرنس ۾ ”انجمن سادات مٽياري“ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ڪنهن وقت سڀني ڀائرن ۾ اهڙي محبت هئي، جنهن جو مثال ملڪ ۾ مشهور ٿي ويل هو. سڀ ڀائر، اولاد سميت، هڪ دسترخوان تي ماني کائيندا هئا. هڪ جي ڳالهه سڀني جي ڪري ليکي ويندي هئي. ٽن ڀائرن- حاجي محمد نعيم شاهه، حاجي علي اڪبر شاهه ۽ حاجي علي اصغر شاهه جي وفات ڪرڻ کان پوءِ، پوين اها روايت قائم نه رکي؛ ڪيترا اختلاف پيدا ٿي پين. ان جا مکيه ڪارڻ شادين جي ڪثرت، ملڪيت جي ورهاست، تعليم جي گهٽتائي، ماحول جي خرابي، گهرو اختلاف ۽ شاهه صاحب جي حاجي محمد شاهه جي طبيعت جي بي چاڪائي هئي. هن وقت سندس ڀائرن مان صرف حاجي زين العابدين شاهه زنده آهي. شاهه صاحب ٻه شاديون ڪيون آهن؛ هڪ سيد ماڪن شاهه ولد جيئل شاهه جي نياڻيءَ سان، ٻي شادي حيدرآباد مان، سرحدي سيدن جي پاڙي مان ڪيائين، جي اصل هريپور هزارا ضلعي جا ويٺل هئا، جن مان هڪ ڪراچيءَ ۾ ”بخارا“ هوٽل هلائي رهيو ھو. پوئينءَ شاديءَ مان کيس حاجي مير اول شاهه نالي فرزند آهي، جو هن وقت زمينداري ڪم هلائيندڙ آهي. سندس ڀاءُ حاجي علي اڪبر شاهه، درويشي اختيار ڪري، پير محمد شاهه ذڪري سڪرنڊ واريجو خليفو ٿيو. هن وقت سندس فرزند سيد حاجي علي احمد شاهه والد جي مسند تي، سڪرنڊ جي ڀر ۾ خانقاهه کولي، مدرسو هلائي رهيو آهي. سندس ٻئي ڀاءُ حاجي محمد نعيم شاهه جو فرزند گريجوئيٽ آهي. اهو هن وقت مٽياري ٽائون ڪاميٽيءَ جو چيئرمين آهي. مغربي پاڪستان اسيمبليءَ لاءِ اميدوار بيٺو هو، پر هڪ دفعي ڪامياب نه ٿيو. 1965ع ۾ ٻئي دفعي ڪامياب ٿيو . عملدارن ۽ مکيه ماڻهن سان لاڳاپو رکيو اچي.[1]

  1. ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي. ايم. سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو