نماز

اسلام ۾ عبادت
Prayer in Cairo 1865.jpg

مسلمانن جي صلواة نالي عبادت کي سنڌيءَ ۾ نماز چئبو آهي جيڪا مٿن اسلامي اعتقاد موجب ڏينهن ۾ 5 ڀيرا فرض آهي. نماز اسلام جي بنيادي رڪنن مان هڪ رڪن آهي. نماز کي دين اسلام جو ٿنڀو مڃيو ويندو آهي.نماز کي اسان جي پياري نبي حضرت ﷴ ﷺ پنهنجي اکين جو نور سڏيو آهي. اسلام ۾ ايمان آڻڻ کان پوءِ مسلمان کان پھريون مطالبو نماز قائم ڪرڻ جو آھي. اھا ھر مسلمان عاقل بالغ مرد توڙي عورت، امير توڻي غريب، تندرست توڻي بيمار، ھڪ ھنڌ رھندڙ توڻي مسافر تي ھر حال ۾ امن توڻي جنگ ۾ فرض آهي. نبي ﷺ جن فرمايو آھي ته:

"مومن ۽ ڪافر جي وچ ۾ نماز ئي جدا ڪرڻ واري حد آھي"

— مسلم

حضرت ابوذر رضه جي روايت آھي ته ھڪ ڏينھن نبي ﷺ جن سياري جي ڏينھن ۾، جڏھن وڻ جا پن ڇڻي رهيا هئا، ٻاھر آيا ۽ پاڻ سڳورن ھڪ وڻ جون ٻہ ٽاريون وٺي لوڏيون تہ هن ڇڻڻ لڳا. پوء فرمايائون تہ:

"اي ابوذر! جڏھن ڪو مسلمان دل جي حضور ۽ نيڪ نيتيءَ سان نماز پڙھندو آھي ته ان جا گناھ بہ اھڙي طرح ڇڻي پوندا آهن جيئن ھن وڻ جا پن ڇڻي رھيا آھن."

— مسند احمد

حضرت علي رضه جو بيان آهي ته زندگيءَ جي آخري گھڙين ۾ نبي ﷺ جن جي زبان تي ھي لفظ ھيا:

" نماز نماز"

— الادب المفرد

معني ۽ مطلبسنواريو

”اسلام جو سڀني کان وڏو رڪن ’نماز‘ آهي. نماز لاءِ قرآن پاڪ ’صلواة‘ جو لفظ آندو آهي.“ اسين جڏهن لفظ ’صلواة‘ جون معنائون، عربي ادب ۽ لغت ۾ ڏسون ٿا، تڏهن اسان کي هيٺئين ريت معنائون ملن ٿيون. 1-مصري ناچڻي جو ناچ ڏسڻ. 2-گوشت کي ٽانڊن تي پچائي کائڻ. 3- گهوڙن جي ڊوڙ جي، ۽ گهوڙن تي شرط لڳائڻ. 4- دعوت عام ڏيڻ. 5-باهه ۾ سڙڻ. 6-دعا ڪرڻ وغيره.“ هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص چوي ته جڏهن مان مصري رقاصه جو ناچ ڏسان ٿو، ۽ ان سان گڏ شاهي ڪباب ۽ ’پشاوري تڪا‘ کاوان ٿو، تڏهن پڻ مان گويا نماز ۾ آهيان، ٻيو شخص چوي ٿو ته جڏهين مان ’گهوڙي ڊوڙ‘ لاءِ، ’ريس ڪلب‘ ۾ وڃي شرط لڳايان ٿو ۽ کٽڻ واري گهوڙي تي سيٽيون ۽ تاڙيون وڄايان ٿو تڏهن مان نماز ۾ ڇو نه آهيان؟ ڇو ته صلوات جي هڪ معنيٰ تاڙيون ۽ سيٽيون وڄائڻ پڻ آهي؛ وچان ئي ٻيو چوي ٿو ته جڏهين مان هڪ ’دعوت عام‘ ڏئي. ’محفل رقص وسرود، ڏسان ٿو، تڏهن مان نماز ۾ آهيان. ٻڌايو ته اهڙن ماڻهن کي توهان ڪهڙن دليلن سان، انهن معنائن ڪرڻ کان روڪي سگهو ٿا؟ ڇو ته ’عربيت ۽ لغت‘ ۾ ان جي تائيد موجود آهي. ان ريت جيڪڏهن ’حديث‘ شريف سان صلواة جي معنيٰ کي، رسول پاڪ جن جي معنيٰ ڏيکاريل موجب، محدود ۽ متعين نه ڪبو ته پوءِ اسلام مان نماز جو تخيل ئي نڪري ويندو. ان کان سواءِ هيءَ ڳالهه به ظاهر آهي ته اسلام کان اڳ، سڄي’عربي ادب ۽ لغت‘ ۾ اسلامي نماز لاءِ ڪو هڪ اڌ لفظ يا عبارت يا عبادت آهي ڪانه!“[1]صلواة جي لغوي معنيَ آهي ڪنھن جي طرف رخ ڪرڻ، وڌڻ، دعا ڪرڻ ۽ قريب ٿيڻ[2]. قرآن جي اصطلاح ۾ نماز جي معني آهي خدا جي طرف متوجھ ٿيڻ، ان ڏانھن وڌڻ، ان کان دعا گھرڻ ۽ ان جي تمام ويجھو وڃڻ. قرآن فرمايو آھي[2] ته:

" ۽ ھر نماز ۾ پنھنجو رخ ٺيڪ خدا جي طرف رکو ۽ نيڪ نيتي واري فرمانبرداري سان کيس پڪاريو"

— سورة الاعراف- 29

" ۽ سجدو ڪيو ۽ خدا جي ويجھا ٿي وڃو"

— سورة العلق-19

حديث ۾ نبي ﷺ جن فرمايو آھي ته[2]:

" ٻانھو پنھنجي خدا سان ان وقت سڀني کان وڌيڪ ويجھو ھوندو آھي جڏھن ھو خدا جي حضور سجدي ۾ ھوندو آھي"

— مسلم

"اوھان منجھان جڏهن ڪو نماز پڙھي رھيو ھوندو آھي تہ ھو خدا کان مناجات ڪندو آهي"

— بخاري

نماز قائم ڪرڻ جا شرط ۽ آدابسنواريو

قرآن پاڪ ۾ نماز ادا ڪرڻ بجاء اقامت ۽ محافظت جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن جن جي معني آهي تہ نماز ادا ڪرڻ ۾ انھن ظاھري آداب جو بہ خيال رکيو وڃي جن جو تعلق نماز جي ظاھري درستيء سان آهي ۽ انھن اندروني صفتن جو بہ پورو پورو خيال ڪيو وڃي جن جو تعلق ماڻھن جي قلب ۽ روح، احساسات ۽ جذبات سان آھي. نماز جا ھيٺيان آداب آھن[2]:


  1. طھارت يا پاڪيزگي
  2. وقت جي پابندي
  3. نماز جي پابندي
  4. صفبندي جو خيال
  5. سڪون ۽ اعتدال
  6. باجماعت نماز جو اھتمام
  7. قرآن پاڪ جي تلاوت ۾ ترتيب ۽ تدبر
  8. شوق ۽ توجھ
  9. ادب ۽ نماڻائي
  10. خشوع ۽ خضوع
  11. خدا سان ويجھڙائي جو شعور
  12. خدا جي ياد
  13. ڏيکاء کان پرھيز
  14. ڪامل سپردگي

نماز جا وقتسنواريو

نماز وقت جي پابندي سان فرض ڪئي وئي آهي. قرآن ۽ سنت مطابق فرض نماز جا پنج وقت آھن[2]:

  1. فجر: صبح صادق يعني پرھ ڦٽڻ جي وقت کان سج اڀرڻ تائين وارو وقت
  2. ظھر: سج لڙڻ کان شين جي پاڇي جي اصل کان ٻيڻ تائين ٿي وڃڻ جي وقت تائين. ان کي ٻيپھري جو وقت چوندا آهن.
  3. عصر: ظھر جي ختم ٿيڻ واري وقت کان وٺي سج لھڻ کان اڳ پيلاڻ اچڻ کان پھرين تائين. پيلاڻ اچي وڃڻ سان نماز پڙهڻ مڪروه آهي. عصر ٽيپھري جو وقت ھوندو آھي
  4. مغرب: سج لھڻ کان بعد شروع ٿيندو آهي ۽ سج جي ڳاڙھاڻ غائب ٿيڻ تائين باقي رھندو آھي
  5. عشاء: سج جي ڳاڙھاڻ غائب ٿيندي ئي شروع ٿيندو آهي ۽ صبح صادق تائين باقي رھندو آھي. آسمان جي اڇاڻ سج لھڻ کان سوا ڪلاڪ بعد ختم ٿيندي آهي ان ڪري احتياطن عشاء نماز ڏيڍ ڪلاڪ بعد پڙھي ويندي آهي.

وتر ۽ عيد جون نمازون واجب نمازون آھن. وتر نماز عشاء جي نماز سان گڏ پڙھي ويندي آهي. البته رات جو آخري وقت ان لاءِ مستحب ھوندو آھي[2]. عيدن جون نمازون واجب آھن. جڏھن سج چڱي طرح نڪري اچي ۽ ان جي پيلاڻ ختم ٿئي ۽ روشني تيز ٿي وڃي ته عيدن جي نماز جو وقت شروع ٿئي ٿو ۽ سج جي. زوال تائين جاري رھي ٿو[2].

نماز جا فرضسنواريو

حنفي فقه مطابق نماز جا فرض چوڏھن آھن جن مان ھڪ بہ رھجي وڃن سان نماز نہ ٿيندي. انھن مان ست نماز جا شرط آھن ۽ ست نماز جا رڪن سڏبا آهن[2]. نماز جا شرط ھيٺيان آھن[2]:

  1. بدن پاڪ ھجڻ
  2. لباس جو پاڪ ھجڻ
  3. نماز جي جاء جو پاڪ ھجڻ
  4. اگھڙ ڍڪڻ
  5. نماز جو وقت ھجڻ
  6. قبلي ڏانھن رخ ھجڻ
  7. نيت ڪرڻ

نماز جو رڪن ھيٺيان آھن[2]:

  1. تڪبير تحريمه
  2. نماز
  3. قرائت
  4. رڪوع
  5. سجدو
  6. پويون قعدو
  7. اختياري فعل سان نماز ختم ڪرڻ

نماز جا واجبسنواريو

نماز جي واجبن مان مراد اھي عمل آهن جن جو ادا ڪرڻ ضروري آهي پر جي ڀل ۾ رھجي وڃن تہ سجدو سھو ( ڀل جو سجدو) ڪري ڇڏڻ سان نماز درست ٿي ويندي آهي پر جي ويسر جي ڪري ڪا ڳالھ رھجي وڃڻ کان پوءِ سھو جو سجدو نہ ڪيو وڃي يا ڄاڻي ٻجھي ڪا شئي ڇڏي ڏني وڃي تہ نماز جو موٽائڻ واجب ٿيندو آهي[2]. حنفي فقه ۾ نماز جي واجبن ۾ شامل آهن[2]: فرض نماز جي پھرين ٻن رڪعتن ۾ قرائت ۽ سورة فاتحه پڙهڻ ۽ ان بعد ڪا ٻي سورة پڙھڻ، ترتيب قائم ڪرڻ، قومو ڪرڻ، جلسو ڪرڻ، تعديل ارڪان، قعدہ اوله، ٻن قعدن ۾ ھڪ دفعو اتحيات پڙھڻ، امام جو فجر، مغرب، عشاءَ جي پھرين ٻن رڪعتن ۾ وڏي آواز سان قرائت پڙھڻ، سلام ورائي نماز ختم ڪرڻ، وتر جي وقت قنوت جي تڪبير چئي دعاء قنوت پڙھڻ ۽ ٻنھي عيد نمازن ۾ وڌيڪ تڪبيرون چوڻ[2].

نماز جون سنتونسنواريو

نبي ﷺ جن نماز ۾ فرضن ۽ واجبن کان سواءِ ڪجھ ڳالھين کي اختيار ڪيو ھو پر انھن جو تاڪيد ثابت ڪونھي انھن کي نماز جون سنتون چوندا آهن جن جي ادا نہ ڪرڻ سان نہ نماز ڀڄي ٿي نہ ئي سجدي سھو جي ضرورت پئي ٿي. نماز جو حنفي فقه مطابق 21 سنتون آهن.

نماز جا مستحبسنواريو

حنفي فقه ۾ نماز ۾ پنج ڳالھيون مستحب آھن ۽ انھن جو خيال رکڻ ثواب آھي ۽ ڇڏي ڏيڻ م ڪو گناھ ڪونھي[2]. مرد کي ھٿ ٻاھر ڪڍي تڪبير تحريمه چوڻ کپي ۽ عورت کي ھٿ رئي جي اندر ڪري چوڻ گھرجي. بيھڻ وقت سجدي جي جاء تي نظر رکڻ، رڪوع وقت ٻنھي پيرن تي، قعدي م ويھڻ وقت ٻنھي گوڏن تي ۽ سلام ورائڻ وقت ڪلھن تي نظر رکڻ[2]. اڪيلي سر نماز پڙھڻ وقت رڪوع ۽ سجدي ۾ ٽي دفعا کان وڌيڪَ تسبيح پڙھڻ ۽ کنگھ کي روڪڻ ۽ اوٻاسي ۾ وات بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ کلي وڃڻ جي صورت ۾ قيام وقت سڄي ھٿ جي پٺي ۽ باقي ٻين وقتن تي کٻي ھٿ جي پٺي وات تي رکڻ شامل آهن[2].

نماز جا مفسدسنواريو

نماز جي مفسدن مان مراد اھڙا عمل آھن جن سان نماز فاسد ٿي وڃي ٿي ۽ ان جو ٻيھر پڙھڻ ضروري آهي[2]. حنفي مذهب مطابق نماز جا پندرهن مفسد آھن جن ۾ نماز ۾ ڳالھائڻ، دعا ۽ ذڪر ڪرڻ، قرآن جي شرطن مان ڪو شرط ختم ڪرڻ، ڪوبہ نماز جو فرض رھجي وڃڻ، کائڻ پيئڻ ، قرآن جي تلاوت ۾ غلطي ڪرڻ وغيره شامل آهن[2].

نماز جا مڪروهسنواريو

نماز جي مڪروھن مان مراد اھي عمل آهن جن سان نماز فاسد تہ ڪونہ ٿي ٿئي پر مڪروه ٿي وڃي ٿي ان ڪري انھن عملن کان بچڻ جي ضرورت ھوندي آھي[2].

نفل نمازسنواريو

وڌيڪ ڏسوسنواريو

حوالاسنواريو

  1. اسلامي-لا، قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ مولانا فضل احمد غزنويءَ،؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 2.17 2.18 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 138 کان 270 تائين