سن، سنڌ

(سن کان چوريل)

سن(انگريزي: Sann) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڄامشوري جو ھڪ شھر ۽ تعلقي سن جو صدر مقام.ھي سنڌ جي تاريخي شھر سنڌو درياءَ جي ڪپ تي واقع آھي. انڊس ھاء وي سان لنڪ روڊ ذريعي ڳنڌيل آھي جيڪو 2 ڪلوميٽن جي لڳ ڀڳ آهي. تقريبن ساڳي فاصلي تي ھن شھر جي ريلوي اسٽيشن پڻ واقع آهي.ھن شھر جي تاريخي اهميت ان ڪري بہ آھي تہ ھتي ننڍي کنڊ جي ٻي خلافت بچايو ڪانفرنس منعقد ٿي ھئي جنھن ۾ ھندوستان جي سياسي ۽ مذھبي جماعتن جي چوٽي واري قيادت شرڪت ڪئي. سنڌ جو مشھور سياستدان، ليکڪ، مؤرخ سائين جي ايم سيد ھن شھر ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس قبر بہ اتي واقع آھي جنھن جو پوٽو سيد جلال محمود شاھ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراھ آھي. ھن شھر جي ڏکڻ اوڀر ۾ 34 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي رني ڪوٽ جي ديوار واقع آھي جيڪا ديوار چين کانپوءِ دنيا جي ٻين وڏي ديوار اھي. ھن شھر کي آباد لڳ ڀڳ 15000 آھي.غلام رباني آگرو لکي ٿو تہ سن جو شهرُ درياهه جي ڪپ تي آهي ۽ شهر جي اولهه طرف ويهارو ميل پري، کير ٿر جبَل آهي، جيڪو عمر ۾، هماليه جبل کان به جهونو آهي[1].

سن
يونين ڪائونسل
سن is located in سنڌ
سن
سن
سن is located in Pakistan
سن
سن
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 26°02′N 68°08′E / 26.033°N 68.133°E / 26.033; 68.133
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڄامشورو ضلعو
تعلقو مانجھند تعلقو
آبادي
 • ڪل 15,000

جنوري 1928 ۾ سن شھر ۾ مرزا قليچ بيگ جي خدمتن جي اعتراف ۾ باب قليچ تعمير ڪرايو ويو جنھن جي افتتاحي تقريب جي صدارت حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪئي ھئي. ان تقريب ۾ جي.ايم. سيد سن جي تاريخ تي روشني وجھندي ٻڌايو ھو تہ هي شهر ڏهين صدي هجريءَ ڌاري چڱو مشهور رهيو، جو ڄام خيرالدين، سلطان فيروزشاهه جي سنڌ مان دهليءَ موٽي وڃڻ تي هن شهر تائين پويان ويو هو. هن شهر جي وجهه تسميه جي پوري پڪ نه آهي، ليڪن گمان آهي ته ڏهين صديءَ جي ابتدا ۾ ٻڌو ويو آهي. يا ته جيئن قديم تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته سيوهڻ جي اوريان ٿوري مفاصلي تي هڪ شهر سيسم هو، جنهن ۾ محمد بن قاسم اچي قيام ڪيو هو. پوءِ شايد اُهو نالو بدلجي ”سن“ ٿي پيو هجي. سيوهڻ جي اوريان ڪو قديم ٻيو شهر ڪو نه آهي، نڪو اهڙو ڪو وڏو ڦٽل شهر ڏسجي ٿو، ۽ سَن جي آسپاس پراڻن نشانن وغيره مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم وقت ۾ هي شهر وڏو هو.جي ايم سيد پنهنجي خاندان بابت ٻڌايو ھو تہ هڪ جهوني نوشتي مان، جنهن ۾ اسان جي خاندان جي بودوباش جي متعلق ذڪر لکيل آهي، تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته ڄام نظام الدين جي عهد ۾ مٽيارين مان اسان جا ڪي سيد، قبيلو وٺي ٺٽي جي شهر ۾ ويا. اُن وقت چانگ قوم بلوو ڪري ڪوٽڙيءَ کان وٺي لڪيءَ تائين قبضو ڪري ويا هئا. دُولهه دريا خان سان ڄام صاحب مٿي ذڪر ڪيل سيدن کي گڏي موڪليو، جو اُن سان ئي گهڻي واقفيت هين. اُن بلوي کي اچي شاهن روڪيو، پوءِ هيءَ جاءِ چڱي سڪونت واري ڏسي رهي پيا، جو هي شهر گهڻي وقت کان وٺي آسپاس ۾ شهرت جي جاءِ ۽ درياهه جي ڪناري تي ٻين ملڪن سان واپار جو هنڌ هو.ان تقرير م جي ايم سيد وڌيڪ ٻڌايو تہ سن ان وقت سنڌ ۾ چوٿون نمبر درياهي بندر شمار ٿيندو هو پر ان شھر ۽ ان جي ريلوي اسٽيشن وچ م رستي ۾ واري زياده ھجڻ ڪري مشڪلات ھوندي ھئي ۽ پڪي رستي جي سخت ضرورت هئي جنھن ڪري تعلقي جي لوڪل بورڊ ان رستي کي پڪو ڪرايو ۽ ان پراجيڪٽ ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ بہ ڪئي ان روڊ ۾ اٽڪل 13235 روپيا جي لاڳت آئي جنھن جو ٺيڪو ميان محمد هاشم کي هو، جيڪو هڪ تمام آزمودگار ماڻهو هو. اهو مقاطعو کڻڻ بعد جلد ئي فوت ٿي ويو، پوءِ سندس پٽ ميان محمد وريل جي نالي ٿيو. هو نوڪريءَ وارو ماڻهو هو، پاڻ نظرداري ڪري نه سگهيو، تنهنڪري ڪم ۾ نقصان ٿي ويس ۽ ڪم جي سرانجاميءَ ۾ دير به ٿي ويئي، پر تنهن هوندي به مٿئين مقاطعدار دل ڪشادگيءَ سان باب قليچ مفت ٺهرائي ڏنو.ان روڊ جي ڪم جي نگراني ڊويزنل اوورسيئر ڪوٽڙي گاگنداس ڪئي ۽ ان روڊ جو نالو تعلقي لوڪل بورڊ جي منظوري سان قليچ بيگ روڊ رکيو ويو.[2][3]

  1. ڪتاب جو نالو؛ ماڻُهو شهر ڀنڀور جا- ترتيب ۽ ترجمو: غلام رباني آگرو- ايڊيشن؛ پهريون 2012ع ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شور
  2. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book128/Book_page1.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  3. {مھراڻ رسالو 2003، جلد 53 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}