صادق فقير (انگريزي:Sadiq Fakir) (جنم 20 مارچ 1967ع، وفات 26 فيبروري 2015ع) سنڌ پاڪستان جو ناميارو ڪلاسيڪي ۽ لوڪ راڳي هو.[1] سنڌ جي هن سُريلي راڳيءَ جو آواز ',ڪوئل جي ڪُوڪ جهڙو هو جنهنڪري سنڌي ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن ۾ سُر ۽ سوز اوتيندو رهيو پر دبئي، انڊيا، سنگاپور، آمريڪا، ڪئناڊا، انگلينڊ ۽ سعودي عرب ۾ به داد ماڻيائين. سنڌي ٻولي، سرائيڪي ٻولي، ڍاٽڪي، مارواڙي ۽ اردو ۾ به ڳائي سگهندوھو.[2]

صادق فقير
صادق فقير
پيدائش 20 مارچ 1967
وفات 26 فيبروري 2015
وفات جو ڪارڻ سعودي عرب ۾ روڊ ايڪسيڊنٽ
قوميت پاڪستاني
نسل سنڌي
شھريت پاڪستان
پيشو سنگيت ۽ راڳ
شھرت جو ڪارڻ سنڌي گانو توکان ٿيندي ڌار
مذھب اسلام

زندگي ۽ تعليم سنواريو

صادق فقير 20 مارچ 1967ع تي فقير فيض محمد مڱڻهار جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس گهراڻي جو تعلق گائڪي سان رهندو آيو هو. هن پرائيمري ۽ سيڪنڊري تعليم مٺي شهر ۾ حاصل ڪئي. گڏوگڏ سندس لاڙو ننڍپڻ کان گائڪي ڏانهن به هو جنهن ڪري هن موسيقي ۽ گائڪي جي سکيا پڻ وٺڻ شروع ڪئي. موسيقي جي سکيا پنهنجي مامي حُسين فقير کان حاصل ڪيائين. بي.اي ڪرڻ کان پوءِ هاءِ اسڪول استاد پڻ مقرر ٿيو. ڪجهه وقت هن مٺي ڪاليج ۾ سنڌي پڻ پڙهائي.هن سنڌي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي.[3]

فن جي شروعات سنواريو

صادق فقير هونئن ته محفلن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو هو پر پيشي جي باقاعده شروعات 1988ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ڪيائين. پوءِ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر تان به سندس ڳاتل ڪلام نشر ٿيڻ لڳا.[4] سندس ڪلامن جا ڪيترائي البم جاري ڪيا ويا. جنهن سبب سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ مشهور ٿيو.[5] هن سنڌ جي اهم شاعرن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز ۽ استاد بخاري جي شاعري ڳائي.[6] وڌيڪ مقبوليت ماڻي. سندس پُٽ نزاڪت علي ۽ راحت علي پڻ سٺا فنڪار آهن.[7]

ايوارڊ سنواريو

صادق فقير سنڌ جو بهترين ۽ مقبول فنڪار هو جنهن سبب کيس شاھ عبدالطيف ڀٽائي ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ ۽ مائي ڀاڳي جي ايوارڊ سان نوزيو ويو.[8]

وفات سنواريو

صادق فقير عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِسعودي عرب ويو جتي مديني کان مڪي ويندي خطرناڪ حادثي جو شڪار ٿي ويو. سندس گهر ڀاتي شديد زخمي ٿي پيا مگر پاڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويو. 26 فيبروري 2015ع تي دم ڌڻي حوالي ڪيائين.[9]

حوالا سنواريو