قلعو لاهور، جنهن کي مقامي طور شاهي قلعو پڻ سڏيو ويندو آهي، پاڪستان جي صوبو پنجاب جي شهر لاهور ۾ موجود آهي. هي قلعو شهر جي اُتر اولهه ڪُنڊَ تي واقع آهي. جيئن تہ ان قلعي جي تاريخ قديم زمانو سان وڃي ملي ٿي پر ان جي نئين سِر اڏاوت اڏاوت هيٺ مغل بادشاهہ اڪبر اعظم (1605ع-1556ع) پاران ڪرائي وئي جڏهن تہ اڪبر کانپووءِ ايندڙ نسلن پڻ ان جي سارسنڀال ۽ نئين سر اڏاوت ڪندي رهي، تنهنڪري هي قلعو مغليا اڏاوتي فن (آرڪيٽيڪچر) ۽ روايت جو هڪ سُٺو شاندار نمونو نظر ايندو آهي.[1] قلعي جي اندر واقع چند مشهور مقامن ۾ شيش محل، عالمگيري دروازو، نولکا محل ۽ موتي مسجد شامل آهن. 1981ع ۾ يونيسڪو طرفان ان قلعي کي شالامار باغ سان گڏ عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنو هيو.

Fort and Shalamar Gardens in Lahore
عالمي ورثو ٺڪاڻو

ملڪ پاڪستان
قسم ثقافتي
شرط ضابطا i, ii, iii
حوالو 171
علائقو** پنجاب
تاريخِ شموليت
شموليت سال 1981  (پجون اجلاس)
خطري سان ڳنڍيل 2000–هينئر تائين
* عالمي ورثو ماڳن جي فهرست ۾ درج نالا
** يونيسڪو جا علائقا

حوالا سنواريو

  1. محمد طاہر(1997) اسلامي ثقافت ڪا تجزياتي جائزہ۔ انمول پبليڪيشنز۔ ISBN 81-7488-487-4