مک مينيو کوليو

عالمي ورثو ماڳ

يونيسڪو طرفان خاص ثقافتي يا جسماني اهميت جي لحاظ سان درج ٿيل ماڳ (جڳهہ, ٺڪاڻو)
يونيسڪو جو لوگو

"عالمي ورثو ٺڪاڻو" اھڙيون جڳھون (جھنگ، جبل، ڍنڍ، ريگستان، يادگار، عمارت يا شھر) کي چيو ويندو آھِي جنھن کي بين الاقوامي عالمي ثقافتي ورثو پروگرام جي تحت گڏيل قومن جو تعليمي سائنسي ۽ ثقافتي ادارو (يونيسڪو) جي عالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي جي مرتب ڪيل فهرست جي لاءِ نامزد يا ان ۾ شامل ڪيو ويو ھجي۔ هي منصوبو ثقافتي يا قدرتي اهميت جي حامل جڳھن جي فھرست مرتب ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ جي لاءِ بڻايو ويو آھي۔ مختلف شرطن جي تحت مندرج جڳھن کي عالمي ورثو فنڊ مان رقمون فراھم ڪيون وينديون آھن۔ ھي منصوبو "عالمي ثقافتي ۽ قدرتي ورثي جي حفاظت جي حوالي سان ميثاق" جي ذريعي شروع ٿيو جنھن کي يونيسڪو جي مجلس عمومي 16 نومبر 1972ء تي اختيار ڪيو۔ ان وقت کان 184 ملڪ (بمطابق جولاءِ 2007ء) هن ڪنوينشن جي توثيق ڪري چڪا آھن۔ 2007ء جي مطابق 142 ملڪن جون 851 جڳھون ھن فھرست ۾ شامل آھن جن ۾ 660 ثقافتي، 166 قدرتي ۽ 25 مخلوط خصوصيتن جون حامل آھن۔ هر عالمي ورثي جي حامل جڳھ ان ملڪ جي ملڪيت آھي جتي اھو واقع آھي پر مستقبل ۾ بني نوع انسان جي لاءِ انکي محفوظ رکڻ عالمي برادري جي ذميداري آھي مختلف خطن ۾ واقع جڳھن جون خصوصيتون هيٺ ڏنل آهن:

خطو قدرتي ثقافتي مخلوط ڪل %
آفريڪا 33 38 3 74 9%
عرب رياستون  3 58 1 62 7%
ايشيا بحر الڪاھل 45 126 11 182 21%
يورپ ۽ اتر آمريڪا  51 358 7 416 49%
لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين 34 80 3 117 14%

عالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي اجلاسسنواريو

عالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي فهرست ۾ شامل جڳھن ۾ انتظامي معاملن تي غور جي حوالي سان سال ۾ متعدد ڀيرا اجلاس منعقد ڪندي آهي پر World Heritage Committee Session نالي اجلاس سال ۾ هڪ ڀيرو ٿيندو آهي جنھن ۾ مختلف جڳھن کي عالمي ثقافتي ورثو فھرست ۾ شامل ڪيو ويندو آھي۔ ساليانو اجلاس دنيا جي مختلف شھرن ۾ منعقد ٿيندو آھي۔ پيرس (فرانس) ، جتي يونيسڪو جا صدر دفتر واقع آھڻ ، کان علاوه ھي اجلاس صرف عالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي جي رڪن ملڪن ۾ ئي منعقد ٿي سگھي ٿو جنھن جي لاءِ انھن کي ڪميٽي جي منظوري درڪار ھوندي آهي۔

اجلاس سال تاريخ ميزبان شھر ملڪ
1 1977 27 جون کان پھرين جولاءِ پيرس   فرانس
2 1978 5 کان 8 سيپٽمبر واشنگٽن ڊي سي   ریاستہائے متحدہ امریکہ
3 1979 22 کان 26 آڪٽوبر قاھره ۽ لگزور   مصر
4 1980 پھرين کان 5 سيپٽمبر پيرس   فرانس
5 1981 26 کان 30 آڪٽوبر سڊني   آسٹریلیا
6 1982 13 کان 17 ڊسمبر پيرس   فرانس
7 1983 5 کان 9 ڊسمبر فلورنس   اطالیہ
8 1984 29 آڪٽوبر کان 2 نومبر بيونس آئرس   ارجنٹائن
9 1985 2 کان 6 ڊسمبر پيرس   فرانس
10 1986 24 کان 28 نومبر پيرس   فرانس
11 1987 7 کان 11 ڊسمبر پيرس [./ملف:Flag_of_France.svg  ] فرانس
12 1988 5 کان 9 ڊسمبر براسيليا [./ملف:Flag_of_Brazil.svg  ] برازيل
13 1989 11 کان 15 ڊسمبر پيرس   فرانس
14 1990 7 کان 12 ڊسمبر بانف   کینیڈا
15 1991 9 کان 13 ڊسمبر ڪارٿيج   تونس
16 1992 7 کان 14 ڊسمبر سانتا في   ریاستہائے متحدہ امریکہ
17 1993 6 کان 11 ڊسمبر ڪارٽينا   کولمبیا
18 1994 12 کان 17 ڊسمبر فوڪٽ   تھائی لینڈ
19 1995 4 کان 9 ڊسمبر برلن   جرمنی
20 1996 2 کان 7 ڊسمبر مريدا   میکسیکو
21 1997 پھرين کان 6 ڊسمبر نيپلز   اطالیہ
22 1998 30 نومبر کان 5 ڊسمبر ڪيوٽو   جاپان
23 1999 29 نومبر کان 5 ڊسمبر مراڪش شھر   مراکش
24 2000 27 نومبر کان 2 ڊسمبر ڪيرنز   آسٹریلیا
25 2001 11 کان 16 ڊسمبر ھيلسنڪي [./ملف:Flag_of_Finland_(bordered).svg  ] فن لينڊ
26 2002 24 کان 29 جون بڊاپسٽ   مجارستان
27 2003 30 جون کان 5 جولاءِ پيرس   فرانس
28 2004 28 جون کان 7 جولاءِ سوزو   چین
29 2005 10 کان 17 جولاءِ ڊربن   جنوبی افریقہ
30 2006 8 کان 16 جولاءِ ولنيئس [./ملف:Flag_of_Lithuania.svg 30x30px] لٿووينيا
31 2007 23 جون کان پھرين جولاءِ ڪرائسٽ چرچ   نیوزی لینڈ
32 2008 2 کان 10 جولاءِ ڪيوبڪ شھر   کینیڈا

خارجي ڳنڍڻاسنواريو