شيش محل، پاڪستان جي شهر لاهور جي شاهہ برج ۾ مغل دور جي عمارت آهي جيڪو قلعي لاهور جي اُتر اولهه ڪُنڊَ ۾ واقع آهي. هي عمارت مغل شهنشاهہ شاهہ جهان جي دور ۾ تعمير ڪئي وئي. عمارت کي اڇو رنگ جي سنگ مرمر، رستن کي پيتري دورا جڏهن تہ تمام اندروني عمارت کي شيشي جي مدد سان انتهائي نفاست سان سجايو ويو آهي. ان عمارت جو مرڪزي ڀاڱو تائني رڳو شاهي خاندان ۽ انهن جا ويجها مٽ مائٽ ۽ دوستن جي پهچ هئي. هي عمارت، انهن 21 يادگارن منجهان هڪ آهي جيڪي مغل سلاطين پاران قلعو لاهور (لاهور فورٽ) جي اڱڻ ۾ تعمير ڪرايون.[1]

شيش محل
عام معلومات
قسم عوامي يادگار
طرزِ اڏاوت مغل
مڪانيت  پاڪستان: لاهور، پاڪستان
مڪانيت 31°35′23″N 74°18′47″E / 31.589827°N 74.313165°E / 31.589827; 74.313165
اڏاوت شروع ٿيڻ جي تاريخ سال 1631
مڪمل ٿيل سال1632
ڊزائن ۽ تعمير
آرڪيٽيڪٽ آصف خان

شيش محل کي قلعو لاهور سان گڏ ئي 1981ع ۾ گڏيل قومن جي تعليم، سائنس ۽ ثقافت جي ادارو (يونيسڪو) پاران عالمي ورثو قرار ڏنو ويو هيو.

  1. "Wither heritage?".  Unknown parameter |ٻولي= ignored (مدد); Unknown parameter |عنوان= ignored (مدد); Unknown parameter |link= ignored (مدد); Unknown parameter |ڇاپيندڙ= ignored (مدد); Unknown parameter |ليکڪ= ignored (مدد);