ٻولي

نشانين کي استعمال ڪندي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي صلاحيت، جهڙوڪ شبد يا اشارا، سکڻ، چونڊڻ يا روايتي ٻولي کي ٻين لوڪيوٽرن کي ترتيب ڏيڻ سان اثرائتو است
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون عام طور تي انساني ٻولي تي آهي. ٻئي استعمال جي لاءِ ٻولي (سلجھائپ) ڏسو.


ٻوليء هڪ اهڙو ٻولي سرشتو آهي جيڪو مواصلات جي منجھيل نظام جي ترقي، حصول، بحالي ۽ استعمال، خاص طور تي ايئن ڪرڻ جي انساني قابليت يا صلاحيت تي مشتمل آهي؛ ٻولي اهڙي ريت هڪ سرشتي جو ڪوئي مخصوص مثال آهي. ٻوليء جي سائنسي اڀياس کي لسانيات(linguistics) سڏيو ويندو آهي.لفظن جو مجموعو ۽ انهن کي ملائڻ جو طريقو (يعني گرامر) جيڪو ڪوئي گروه سمجهي ۽ انکي رابطي طور استعمال ڪري ته انکي ٻولي چيو ويندو آهي.

A mural in Teotihuacan, Mexico (ت. 2nd century) depicting a person emitting a speech scroll from his mouth, symbolizing speech
Cuneiform is the first known form of written language, but spoken language predates writing by at least tens of thousands of years.
Two girls learning American Sign Language
Braille writing, a tactile variant of a writing system

ٻوليءَ کي هنديءَ ۾ ڀاشا چيو ويندوآهي. هندستان جا سنڌي اديب اڪثر ٻوليءَ جي جاءِ تي عام طور ”ڀاشا“ جو لفظ ڪتب آڻيندا آهن. ڇاڪاڻ جو اهو لفظ ’مڪمل زبان‘ وارو مفهوم رکي ٿو. جڏهن ته ڪن ماهرن جي راءِ ۾ ٻولي صرف ڳالهايل زبان لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجي. ڀاشا معنى ٻولي ۽ اپڀاشا معنى ٻوليءَ جو ننڍو دفعو (Dialect). البت سنڌيءَ ۾ لفظ ’ٻولي‘ مڪمل زبان واري معنيٰ رکي ٿو. [1]ٻولي اوچتو پئدا نه ٿي آهي ۽ نه ديوتائن وٽان مليل سوکڙي آهي. پر اظهار جو هي وسيلو صدين جي ڪوششن کان پوءِ حاصل ٿيو آهي. ان جي شروعات مرد جي پنهنجي ماديءَ کي سڏڻ وارن آوازن سان ٿي ۽ انهن آوازن ارتقا جون منزلون لنگهي، شاعريءَ جي شڪل اختيار ڪئي. لفظن يا شَيِن جي نالن کان سواءِ جن سان ذهن ۾ خاص تصور ٿا اچن، شين جا اجتماعي تصور قائم ٿي نه سگهن ها. ۽ عقل ڪڏهن به وحشي پڻي جي منزل کان اڳتي وڌي نه سگهي ها. لفظن کان سواءِ فلسفو، شاعري، تاريخ ۽ نثر سڀ ناممڪن هئا. لفظن کان سواءِ ڪڏهن به آئن اسٽائن ۽ اناطول فرانس جي ذهنن جون باريڪيون حاصل ٿي نه سگهن ها. لفظن کان سواءِ نه مرد مرد هجي ها ۽ نه عورت عورت.[2]

ٻولين متعلق هڪ جائزي جي مطابق هن وقت دنيا ۾ تقريبن 6809 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.پر انهن جو انگ تيزي سان گهٽجي رهيو آهي ڇو ته نوي سيڪڙو ٻولين جو تعلق هڪ لک کان گهٽ ڳالهائيندڙن سان آهي. 537 ٻوليون اهڙيون به آهن جنهنجا ڳالهائيندڙ 50 کان به گهٽ آهن، افسوسناڪ حالت انهن 46 ٻولين جي آهي جيڪي ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ختم ٿيڻ واريون آهن، ڇو ته انهنجا ڳالهائيندڙ هڪ يا ٻه انسان بچا آهن. چين ۾ ڳالهائي ويندڙ مينڊرين ٻولي آبادي جي لحاظ کان دنيا جي سڀ کان وڏي ٻولي سمجهي ويندي آهي جڏهن ته انگريزي ٻولي ٻي نمبر تي آهي. ’اردو - هندي‘ کي اگر هڪ ٻولي تصور ڪيو وڃي ته آبادي جي لحاظ کان ٽيون نمبر هن جو ئي آهي ۽ جيڪڏهم هندي کي الڳ ٻولي جي طور تي ڏٺو وڃي ته پوء هن جو ڇهون نمبر آهي.پنجين نمبر تي بنگالي ۽ اردو ٻاويهين نمبر تي هلي وڃي ٿي. انکان علاوه عربي ۽ هسپانوي ٻوليون به وڏين ٻولين ۾ شامل آهن.

انگريزي جو معاملو سڀ کان جدا آهي.جڏهن ته دنيا ۾ صرف 32 ڪروڙ ماڻهن جي مادري ٻولي انگريزي آهي جن جي اڪثريت آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيه، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ آباد آهي، انکان علاوه سڄي دنيا ۾ 35 ڪروڙ ٻيا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي انگريزي کي ٻي ٻولي (second language)جي طور تي استعمال ڪندا آهن يعني پنهنجي مادري ٻولي سان گڏوگڏ اهي انگريزي کي به رواني سان ڳالهائي ويندا آهن۔ انهن کان علاوه ڏهن کان پنرهن ڪروڙن تائين اهڙا ماڻهو به آهن جن ضرورت جي ڪري انگريزي سکي آهي.اهڙن ماڻهن جو انگ تيزي سان وڌي پيو جن جي هي نه ته مادري ٻولي آهي نه ئي ٻي، پر تعليم ۽ روزگار حاصل ڪرڻ لاء انگريزي سکي آهي. ريڊيو، ٽي وي، فلم ۽ خاص طور تي انٽرنيٽ جو استعمال وڌڻ سان گڏ انگريزي زبان انجو استعمال ۽ افاديت وڌندي پئي وڃي.

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
  2. ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ،ليکڪ: وِل ڊيوران سنڌيڪار، آغا سليم ؛ايڊيشن 2016 ؛ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو