بحر (Beher) يا بحر وزن علم عروض جا وزن ٿين ٿا جن جي رُڪنن يا آوازن مطابق شعر جي موسيقي آڌاري ويندي آهي. اهي بحر وزن مختلف هوندا آهن ۽ انهن وسيلي شعر جي جوڙجڪ توڙي ان ۾ موسيقي قائم ڪجي ٿي. موزون شعر جي وزن يا بحر جي خبر پئجي سگهي ۽ ان جي حاڻ وسيلي موزون ۽ غير موزون شعر کي جدا ڪري سگهجي ٿو. علم عروض جي بحرن وسيلي شاعريءَ ۾ موسيقي يا رواني قائم ڪبي آهي. علم عروض يا ان جا بحر وزن سنڌيءَ ۾ فارسي شاعريءَ ذريعي مروج ٿيا. ھن علم جا بانيڪار عرب ھئا، جن ۾ خليل بن بصريءَ جو نالو اهميت سان اچي ٿو. علم عروض جا ڪُل 19 بحر آهن ۽ هر بحر جا وزن مختلف آهن. سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽر ابراھيم خليل، تنوير عباسي، اياز قادري، خادم عباسي، امام بخش خادم، عطا محمد حامي، استاد بخاري، عبدالقيوم صائب، راشد مورائي، شيخ اياز، هري دلگير، ڪشنچند ”عزيز“ ۽ ڪجهہ ٻيا ڄاڻو سمجهيا وڃن ٿا. [1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.