ابراهيم خليل (شاعر)

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“، ولد محمد يوسف شيخ، سنڌيءَ جو ڪھنہ مشق ۽ قادر الڪلام شاعر هو. پاڻ 24 ڊسمبر 1900ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس وڏا ورهاڱي کان گهڻو اڳ حيدرآباد دکن کان لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺا هئا.[1]

تعليم ۽ خدمتون

سنواريو

ابراهيم خليل ابتدائي تعليم، سنڌ مدرسته السلام ڪراچيءَ ۾ ۽ قرآن شريف مولوي محمد عثمان نورنگزادي وٽ پڙهيو. نولراءِ هيرانند اڪيڊمي ۾ پڙهڻ کان پوءِ نارائڻ جڳناٿ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان 1917ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بہ متعلم رهيو. 1925ع ۾ گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج بمبئيءَ مان ايم.بي.بي.ايس ڪرڻ بعد پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. تعليم دوران هن ڳجهين بيمارين، چمڙي ۽ اکين جي بيمارين جي بہ سکيا ورتي. فارسي تعليم مولوي ميانجي عبدالحق کان ورتائين. ويانا (آسٽريا)، رانچي ۽ بھار مان دماغي مرض جو اڀياس ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب انهيءَ فن ۾ ماهر هو. حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ پروفيسر ٿي رهيو. سر سي. جي. مينٽل هاسپيٽل گدو (حيدرآباد) ۾ چوڏهن سال سپرنٽينڊنٽ ٿي رهيو، ۽ 1955ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هيلٿ ٿي رٽائر ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب جي صدر بازار حيدرآباد ۾ اسپتال مشھور هئي.[1]

ادب ۾ حصو

سنواريو

1913ع ۾ شعر لکڻ شروع ڪيائين. پھريائين ’غافل‘ تخلص هوس، پوءِ ’خليل‘ اختيار ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب جو سنڌي شاعريءَ ۾ استاد حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم هو، ۽ اردوءَ ۾ جناب عبدالله ميان ’فضا‘ دکني تلميذ حضرت داغ دهلوي هو. 1946ع کان 1957ع تائين ’جمعيت الشعراءَ سنڌ‘ جو صدر رهيو. ان طرح ڊاڪٽر صاحب، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ ڪميٽي، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيڪسٽ بُڪ ڪميٽي تي بہ ڪم ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ’انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي‘ جو پڻ ميمبر رهيو. شاھ عبداللطيف ڀٽائي يادگار ڪائونسل جو شروع کان ئي رڪن رهيو. سندس ڪتابن ۾

  • ’رهنمائي شاعري‘ (4 حصا)،
  • ’بيت الله شريف جي تاريخ‘،
  • ’ادب ۽ تنقيد‘،
  • ’بلبلِ سنڌ‘،
  • ’عبرت ڪده‘، (3 حصا)،
  • ’سنڌي مثنويون‘،
  • ’سنڌي رباعيون‘،
  • ’سنڌ جو قديم ۽ جديد شعر‘،
  • ’ڪليات خليل‘،
  • ’ديوان خليل‘،
  • ’رباعيات خليل‘
  • ’گلزار خليل‘،
  • ’انتخاب خليل‘،
  • ’پنھنجا افسانا‘،
  • ’پراوا افسانا‘،
  • ’اسلامي افسانا‘ وغيره شامل آھن.

جناب ڊاڪٽر خليل صاحب، علم ۽ فن جي خدمتن جي سلسلي ۾ قابل ذڪر ڪم ڪيو. ان دور ۾ جڏهن سنڌي شاعريءَ ۾ اڃا ٽہ حرفا لفظ اعرابن سان استعمال ڪيا ويندا هئا، وڏن وڏن شاعرن کي عروض جي ابتدائي مسئلن جي بہ خبر نہ هئي، تڏهن ”رهنمائي شاعريءَ“ نالي ڪتاب تاليف ڪري ڇپايائين. رهنمائي شاعري، حصہ اول ۾، مقدمہ حاليءَ جي طرز تي شاعريءَ جي فن ۽ صنفن جو تعارف ڪرايو ويو، ۽ ٻين ٻن حصن ۾ مثالن سان بحث ڪيو ويو. اهي ٽئي ڪتاب نہ فقط نو آموز شاعرن لاءِ معلومات افزا آهن، پر ڪھنہ مشق بزرگن لاءِ بہ ڏاڍا ڪارائتا آهن.

شعر و شاعري جي سلسلي ۾ هر انجمن ۽ هر مجلس ۾ شرڪت ڪرڻ سندس مشغلو هو. سندس مخلصانہ تعاون سان ’ادب سنڌ‘ جو اجراءَ ٿيو. جنھن سنڌي زبان، ادب ۽ شاعريءَ جي وڏي خدمت ڪئي. ان طرح ’جمعيت الشعراءِ سنڌ‘ جي تشڪيل ۽ تعمير بہ ڊاڪٽر صاحب جي ڪوشش سان ٿي، جنھن جو پھريون صدر پاڻ ٿيو ۽ پوءِ سالن جا سال صدارت جا فرائض انجام ڏيندو رهيو. ’جمعيت الشعراء سنڌ‘ پھريون علمي ادارو آهي، جنھن جي انتظام هيٺ سنڌ جي سڀني وڏن شھرن ۾ سال بسال عظيم الشان ادبي ڪانفرنسون ٿي گذريون آهن. انهن ڪانفرنسن جو لٽريچر، مرحوم امام بخش خادم لاڙڪاڻوي، سانڍيندو آيو، سندس وفات کان پوءِ اهو سارو دفتر ضايع ٿي ويو. اهڙيءَ طرح سنڌي ادب مان هڪ تاريخي باب ختم ٿي چڪو آهي. بزم خليل ۽ انجمن ترقي اردو حيدرآباد، ڊاڪٽر صاحب جي خدمتن جا تاريخي شاهد آهن.

ڊاڪٽر صاحب جامع الفنون رهيو آهي، اديب، نقاد، شاعر، اهل قلم، مقرر ۽ انشا پرداز، سندس ڪلام، پختہ ۽ شائستہ، عروض جو پابند، عروض جي نازڪ ترين اصولن جو پابند، زبان جي لحاظ سان درست ۽ فني لحاظ سان پختو ۽ زوردار آهي. هر صنف تي لکيو اٿس. غزل، رباعي، قطعو، نظم، مثنوي، گيت، بلڪ ڪافي بہ سندس ڪلام ۾ موجود آهي. سندس فن تي فارسي ۽ اردو ادب جو وڏو اثر آهي، تاهم انفراديت ۽ افاديت قائم آهي.

سندس تاليفات ۾ ’عبرت ڪده‘ (افسانوي مجموعا) سندس ’مشاهدن‘ تي مدار رکن ٿا، جڏهن پاڻ گدو بندر اسپتال جو سپرنٽينڊنٽ هو. تڏهن هزارين دماغي مريضن جي صحتيابيءَ لاءِ جيڪي نفسياتي طرح ڪوششون ڪيائين، اهي سڀ ’عبرت ڪده‘ ۾ افسانوي انداز ۾ بيان ڪيل آهن.

اهڙيءَ طرح افسانا، ڊراما ۽ ڊائلاگ پڻ ڪافي انداز ۾ لکيا اٿس. سنڌي ادب جي سڀني علمي رسالن ۾، سالن کان، سندس علمي ۽ ادبي مقالا شايع ٿيندا رهيا.[1]

ڊاڪٽر خليل صاحب 18 نومبر 1982ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.[1]