شعر (Poem) عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ”ڄاڻ سمجهہ، پروڙ“. اصطلاحي معنيٰ موجب شعر ان کي چئجي، جنھن جو مصرعون موزون ۽ قافيي واريون هجن ۽ اهي ترنم سان پڙهيون وڃن، جيئن ٻڌندڙ جي طبيعت تي ڪافي اثر ڪن. [1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.