ابو ناصر الفارابي (انگريزي: Abu Nasir Alfarabi ) (870ع–950ع) مشھور مسلمان فلسفي، ارسطوءَ جو شارح، حڪمت، حياتيات ۽ نباتات جي علمن تي عبور رکندڙ الفارابيءَ، 873ع ڌاري، سمرقند جي -اتر- -اوڀر- ۾، ”درياءُ سيحون“ جي اُڀرندي ڪناري تي واقع ”فاراب“ شهر ۾ ڄائو. سندس پورو نالو ابونصر محمد -بن- اوزلخ طرخان، -الفارابي- هو[4]. سندس آبائي پيشو سپاهه گيري هو، پر مختلف ٻولين ۽ علمن جي سکڻ واري جنون کيس جليل القدر عالم ۽ وڏي -پائي- جو فلسفي بڻائي ڇڏيو[4]. شروع ۾ هن، پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڪيترين زبانن ۾ مهارت حاصل ڪئي، -ان- کان پوءِ -بغداد- وڃي، عربي زبان تي دسترس حاصل ڪيائين. اهو دؤر خليفي مستنصر بالله عباسيءَ جو هو. بعد ۾ سيف الدوله جي مقربين ۾ شامل ٿيو[4].

الفارابي
پيدائش c. 872
فاراب شھر، خراسان فارياب (موجوده افغانستان)
وفات c. 950
دمشق
عهد اسلام جو سونھري دؤر
علائقو اسلامي فلسفو
مڪتبه فڪر نئين افلاطونيت [1]
تصوريت [2]
اسلامي فلسفو
شعبه عمل
مابعدالطبعيات, سياسي فلسفو, قانون, منطق, موسيقي, سائنس, اخلاقيات, تصوف,علميات


ذاتي زندگي

سنواريو
 
ايران ۾ ٽپال واري ٽڪلي تي الفارابي جي خيالي تصوير

ابو ناصر الفارابي موجود قزاقستان واري ھنڌ ان وقت جي علائقي ماوراء نھر يا ثرانسوڪسيئانا (انگريزي: Transoxiana ) جي ضلعي فاراب ۾ ترڪ يا ترڪماني نسل جي خاندان ۾ پيدا ٿيو[5]. ھن جي زندگي بابت تاريخ م تمام ٿورو احوال ملي ٿو[5]. دمشق ۾ رھائش دوران ھي رات جو بطور چوڪيدار ھڪ باغ ۾ ملازم هو پوء بغداد لڏي آيو[5]. ڏھين صديءَ واري ھيجاني حالتن واري بغداد ۾ ھن عربي ۾ مھارت سميت ٻيون کوڙ ٻوليون ڳالھائڻ پڻ سکيون[5]. ھن شامي روايتن جي ارسطو جي فڪر جي پوئلڳ عيسائين سان گڏ تعليم حاصل ڪئي جيڪي پنھنجي دؤر جا وڏا ماھر منطق ھيا[5]. ھي ارسطو واري منطق جي لکڻين وارين تقريرن ۽ لکڻين ۾ انھن سڀني مثالي ماڻھن کي پوئتي ڇڏي ويو[5].باقي وقت، حلب جي وڏي حاڪم سيف الدوله علي حمدانيءَ وٽ گذاريائين[4]

علم ۽ فن واريون خدمتون

سنواريو

=

 
ريپبلڪ آف قزاخستان جي ڪرنسي تي الفارابي جي تصوير

يونان جي فلسفي تي وڏو عبور رکندو هو. هن، -ارسطو- ۽ -افلاطون- جي نظرين ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪئي، جنهنڪري کيس افلاطوني مڪتبِ فڪر جي هڪ جديد شاخ جو باني پڻ چيو ويو[4]. فلسفي، منطق ۽ موسيقيءَ جي فن ۾ وڏي مهارت رکندو هو[4]. سارنگي وڄائڻ ۽ موسيقيءَ جي مقابلي ۾، ڪوبه سندس سامهون نه ايندو هو[4]. هن هڪ ساز پڻ ايجاد ڪيو، جنهن جو نالو ”قانون“ رکيائين[4]. انهيءَ ساز جي وڄائڻ سان، ٻڌندڙن تي اهڙي ڪيفيت ڇانئجي ويندي هئي، جو سندن عضوا هڪ عجيب اثر هيٺ اچي ويندا هئا[4]. سندس ننڍين وڏين تصنيفن جو تعداد 114 ٻڌايو وڃي ٿو[4].

فارابي جو فلسفو

سنواريو

ان جي تعليمي دائري ۾ نہ رڳو فلسفي جون شاخون پر علم رياضي، علم طبعيات، علم فلڪيات ۽ موسيقي پڻ شامل ھيا. موسيقي تي ڪجهه ڪتاب لکڻ سان گڏوگڏ ھي موسيقار پڻ آھي[5]. منطق متعلق فارابي جي لکڻين جي متحرڪ مقصدن مان ھڪ فلسفياڻي منطق جي نظم و ضبط کي گرامر جي اصولن کان ممتاز ڪرڻ جي ضرورت ھيو ڇو تہ سندس خيال مطابق فلسفياڻي منطق جو نظم و ضبط عالمگيري گرامر وانگر آھي جيڪو ھر ٻولي ۾ دليلن لاء لازمي اصول فراھم ڪندو آهي. جڏھن ته گرامر روايتن جي ذريعي جڙيل اصولن تي مدار رکندڙ آهي ۽ ان جي نسبت ھڪ مخصوص ٻوليءَ سان ھوندي آھي[5]. سندس خيال ھيو تہ منطقي سائنس ۽ گرامر واري سائنس ھڪٻئي جي تڪميل ڪندڙ آھن[5]. منطق جو فن (شاعراڻو)، سياست، مذھب ۽ قانون جي سائنس سان سان رشتو بہ ساڳي ريت ھوندو آھي، ڇوتہ منطق انھن لاڳاپيل علمن لاءِ مخصوص دليلن جا اصول مرتب ڪندو آهي. اھڙي طرح عقليت جا مختلف قسم ھوندا آھن ء بحث ۽ مباحثي جا مختلف انداز ٿيندا آهن[5]. الفارابي فلسفي کي علم جو ھڪ اعليَ قسم قرار ڏئي ان جي ھڪ حصي لاء سائنسي اظھار تي مدار رکي ٿو ۽ ٻاقي حصي ۾ دين کي جدليات ۽ بيانن جي عقلي اصولن جي آڌار تي تصوراتي نمائن ۾ محدود رکي ٿو[5]. ھن جا اھي طريقا ڀلي کڻي ڪيڏا بہ عقلي ھجن پر فلسفي جي اظھاري طريقن جي مترادف نه ٿا ٿي سگھن[5]. فلاسافر جي حاصل ٿيل دانش ۽ ڪنھن پيغمبر کي تصوراتي فيڪلٽي جا ذريعا بلڪل مختلف آھن[5].


سياسي فلسفو

سنواريو

افلاطون (وفات:347 ق م) وانگر الفارابي جا ڪائنات جي علم ۽ مابعدالطبعيات بابت نظريا اھڙا بنياد آھن جن تي ھن جي لکڻين:المدينة الفاضلا (سوڀ وارو شهر) ۽ السياسه المدينه(شھري سياست) ۾ ڏنل ھن جو سياسي فلسفو بيٺل آهي[5]. فارابي جو سياسي فلسفو واضع طور تي افلاطون وارو آھي جيڪو مختلف درجن وارن سياسي عھدن جو ھڪ خاڪو پيش ڪري ٿو جنھن تي چڱائي ۽ خوشي ارپيندڙ ھڪ مثالي شھر جڙيل آھي[5]. فارابي جو فلسفو ڄاڻ ۽ حڪمت جي ھڪ اعليَ صورت فراھم ڪري ٿو[5].


نئين افلاطونيت وارو نظريو

سنواريو

ھن تخليق واري خدا جي قدرت کي افلاطون جي ڪائنات جي علم واري سانچي ۾ ڀيٽي ھڪ نئون نظريو ڏنو جنھن کي ھن نئين افلاطونيت جو نالو ڏنو[5]. ان نظريي مطابق خدا جي پھرين وجود (الاول) واري حيثيت قديم فلسفي پلاٽينس (وفات:270 ق م) جي ذڪر ڪيل واحد (خدا) جھڙي ناھي جيڪو وجود ۽ خيال کان ٻاھر آھي، بلڪه الفارابي جو الاول سندس ان نظريي مطابق ارسطو وارو غيرمتحرڪ فائديمند خالق (Unmoved Mover) آھي فرق اھو آھي تہ فارابي جو خدا ظاھري صفتن وارو پڻ آھي[5]. ارسطو جي نظريي مطابق خدا جي مصروفيت سوچڻ جي سوچ آھي ۽ ساڳي طرح الفارابي مطابق خدا جي وڏي مصروفيت دانشوري آھي[5]. اھا خدا جي دانشورانه سرگرمي آھي جيڪا خدا جي ڪائنات جي خالق واري ڪردار ڏانھن ڌيان ڇڪائي ٿي[5]. فارابي جو الاول وارو خيال وڏي ھوشياري سان خدائي ظھور جي نئين افلاطونيت واري مابعدالطبعيات، ارسطو جي ڏنل غير متحرڪ فائديمند (Unmoved Mover) خدا واري نظريي ۽ قرآن ۾ ڏنل خدا جي تصور کي وڏي ھوشياري سان ملائي ٿو[5]. اھو ھوشياري وارو ان ڪري آھي جو اھو خدا جي مطلق ماورائيت ۽ توحيد واري تصور کي دنيا جي تخليق واري عقلي تصور سان ملائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ان نظريي ۾ ھڪ ڳالھ ٽڪراء واري آهي تہ خدا تخليق عدم مان ڪئي ھئي[5].

موسيقي

سنواريو
 
الفارابي جي ڪتاب الموسيقي الڪبير ۾ شاھرد نالي ھڪ ساز جو خاڪو

ھن ھڪ ڪتاب موسيقي تي لکيو جنھن جو نالو ڪتاب الموسيقه (موسيقي تي ڪتاب) ھيو جنھن م ھن موسيقي جا فلسفيانه اصول، ان جون آفاقي خاصيتون ۽ ان جا اثر بيان ڪيا. ھن " دانشورن جي معني" نالي سان ھڪ مقالو پڻ لکيو جنھن ۾ موسيقي ذريعي روحاني علاج ۽ موسيقي جي روح تي اثر تي لکيو[6].

تصنيفون

سنواريو

سندس مشهور ڪتابن ۾ ”ڪتاب النباتات“، ”ڪتاب الحيوانات“، ”-افلاطون- و ارسطا طاليس“، ”مقالة في عقل“، ”اجوبة عن مسائل الفلسفة“، ”تحصيل السعادة“، ”عيون المسائل“، ”فصوص الحڪم“، ”رسالة في سياسة“، ”احياءُ العلوم“، ”اغراض ارسطاطاليس في ڪتاب مابعدالطبعيات“ ۽ ”ماهية النفس“ شامل آهن[4].

اسلامي دنيا جو هيءُ مشهور فلسفي، حڪيم ۽ ٻوليءَ جو ماهر 950ع ڌاري دمشق ۾ لاڏاڻو ڪري ويو[4]

  1. Al Farabi Founder Of Islamic Neoplatonism
  2. Laurence S. Moss, ed (1996). Joseph A. Schumpeter: Historian of Economics: Perspectives on the History of Economic Thought. Routledge. p. 87. ISBN 9781134785308. https://books.google.com.br/books?id=8pmZ5FD_FBEC&pg=PA87&dq=al-farabi+idealism&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjPzbq4-dflAhUeHrkGHfepC4wQ6AEIQjAD#v=onepage&q=al-farabi%20idealism&f=false. "Ibn Khaldun drited away from Al-Farabi's political idealism." 
  3. Brague, Rémi; Brague, Remi (1998). "Athens, Jerusalem, Mecca: Leo Strauss's "Muslim" Understanding of Greek Philosophy". Poetics Today 19 (2): 235–259. doi:10.2307/1773441. ISSN 0333-5372. 
  4. 4.00 4.01 4.02 4.03 4.04 4.05 4.06 4.07 4.08 4.09 4.10 4.11 -الفارابي : (Sindhianaسنڌيانا)- (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا)
  5. 5.00 5.01 5.02 5.03 5.04 5.05 5.06 5.07 5.08 5.09 5.10 5.11 5.12 5.13 5.14 5.15 5.16 5.17 5.18 5.19 5.20 5.21 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 224,225
  6. Amber Haque (2004), "Psychology from Islamic Perspective: Contributions of Early Muslim Scholars and Challenges to Contemporary Muslim Psychologists", Journal of Religion and Health 43 (4): 357–377 [363].-