ابن رشد
(عربي ۾: ابن رُشد خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (عربي ۾: أبو الوليد محمد بن أحمد بن محمد بن رشد خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم 14 اپريل 1126 [1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 10 ڊسمبر 1198 (72 سال)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ڌرم اسلام [1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو religion or worldview (P140) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو فلسفي [1]،طبيب [1]،جج [1]،ليکڪ [2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي عربي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي [3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي اسلامي فلسفو ،فلڪيات ،فقه ،طب ،لسانيات ،رياضي ،علم ڪلام ،جاگرافي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي
مؤثر ارسطو [1]،محمد ،افلاطون ،امام غزالي ،ابن باجه ،الفارابي ،ابن سينا   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو influenced by (P737) وڪي ڊيٽا تي


اندلس جو هي مشهور معروف عالم، فاضل، فلسفي، فقہ ۽ حاذق حڪيم ابوالوليد محمد بن احمد بن محمد المعروف ”ابن رشد“ 9 صفر المظفر 560ھ (1164ع) تي قرطبه ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان وڏيءَ پهچ وارو ۽ علم دوست هو. اهڙي سلجهيل ماحول ۾ ابن رشد، ابتدائي سکيا سان گڏ فقه ۽ طب ۾ پڻ خاصي مهارت حاصل ڪئي. وڌيڪ سمجهه ڀريو ٿيڻ سان مشهور فلسفي ۽ طبيب ابن طفيل (1101-1158ع) جي مشوري موجب مراڪش ويو، جتي سرڪاري اعزازن سان سرشار ٿيو ۽ سندس ئي صلاحن سان ارسطو (384-322 ق.م) جي مشهور ڪتابن جون شرحون لکڻ لڳو. ابن رشد، ڪجهه وقت لاءِ آشبيله ۽ قرطبه ۾ ”قاضي“ به ٿي رهيو. مراڪش جي سلطان ابن يوسف کيس 578ھ/ 1182ع ۾ شاهي خاندان جو طبيب مقرر ڪيو. ستت ئي سندس صلاحيتن جي واکاڻ وڌي، جنهنڪري قرطبه ۾ ”قاضي القضات“ جي ڪرسي سنڀاليائين. پاڻ هڪ وڏو داناءُ ۽ بردبار شخص هو، جنهنڪري ارسطو (Aristole) جي علمي، ادبي ۽ فلسفيانه نظرين جي شرحن لکڻ کان علاوه ”افلاطون“ (427 ق. م/ 347 ق. م) جي جڳ مشهور ڪتاب ”جمهوريت“ جي شرح به قلمبند ڪيائين. ان کانسواءِ امام غزاليرح (1058-1111ع) جي جواب ۾ ”تهافته التهافته“ نالي ڪتاب به لکيائين. اهڙيءَ طرح فقه جي سلسلي ۾ ”ندايته المجتهد“، طب ۾ ”الڪليات“ ۽ مذهب ۽ فلسفي جي موافقت ۾ وري ”فصل المبقال“ ۽ ”ڪشف المناهج“ نالن سان ڪتاب به لکيائين، جيڪي سندس غير فاني شاهڪار ڪتاب چيا وڃن ٿا. سندس اها دعويٰ هئي ته ”حقيقت ۾ مذهب فلسفي حقيقتن جو چِٽو اظهار آهي، جنهن جي مخالفت مسلمان عالمن توڙي عيسائي پادرين وڏي زور شور سان ڪئي آهي.“ پاڻ عقليت پسند وحدت الوجودي هو ۽ اجتماعي عقل کي اخلاق جو معيار قرار ڏئي ٿو. هڪ اندازي مطابق ابن رشد چاليهه ڪتاب قلمبند ڪيا. 1198ع ۾ جيل مان آزاد ٿي ٻيهر تصنيف ۽ تاليف کي پنهنجو مشغلو بڻايائين. سلطان منصور سندس جوڳو قدر ڪندي کيس وڏي عزت وارو مرتبو ڏنو. آخر ٿورن ڏينهن بعد 595ھ/ 1198ع ۾ وفات ڪيائين. سندس لکيل ڪتاب جيتوڻيڪ اڄ ڏسڻ لاءِ به موجود نه آهن، صرف دنيا جي مختلف زبانن ۾ انهن جا ترجما، سندس ياد تازي ڪندا رهن ٿا. ان ۾ ڪو به مبالغو نه آهي، ته علم جي اعتبار کان، مشهور فلسفي ارسطو کان پوءِ ابن رشد کي اهميت حاصل آهي.[4]

ابن رشد
Averroes

اسپين جي شھر قرطبہ(Córdoba) ۾ ابن رشد (Averroes) جو مجسمو.
پيدائش 1126
قرطبہ ،اندلس (اسپين).الموراوي امارات
وفات 11 December 1198 (aged 72 years)
مراڪش، مغرب، الموحد خلافت
عهد اسلام جو سونھري دؤر
علائقو اسلامي فلسفو
مڪتبه فڪر ارسطو جو فلسفو، مالڪي فقہ
شعبه عمل
اسلامي دينيات، اسلامي اصول قانون، طب، فلڪيات،طبعيات ۽ لغات
اهم نظريا
اسلام ۽فلسفي ۾ تعلق، دليل۽ الھام ۾ مطابقت، ڏاھپ جي مرڪزيت
  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 مصنف: Paul de Roux — عنوان : Nouveau Dictionnaire des œuvres de tous les temps et tous les pays — اشاعتدوم — جلد: 1 — صفحہ: 188 — ناشر: Éditions Robert Laffont — ISBN 978-2-221-06888-5
  2. full work available at URL: https://www.bartleby.com/lit-hub/library — مدیر: Charles Dudley Warner — عنوان : Library of the World's Best Literature
  3. CONOR.SI ID: https://plus.cobiss.net/cobiss/si/sl/conor/8359011
  4. ابن رشد : (Sindhianaسنڌيانا)