مک مينيو کوليو

افتخار محمد چوڌري

پاڪستاني سپريم ڪورٽ جو رٽائيرڊ چيف جج

افتخار محمد چوڌري
Iftikhar Muhammad Chaudhry.jpg 

معلومات شخصيت
ڄم 12 ڊسمبر 1948 (71 سال)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ڪوئيٽا  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
شھريت Flag of Pakistan.svg پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
ٻارن جو تعداد
عملي زندگي
مادر علمي سنڌ مسلم لا ڪاليج
سنڌ يونيورسٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
پيشو جج  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي


اڳوڻو چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس افتخار محمد چوڌري 12 ڊسمبر 1948ع تي ۾ ڄائو. کيس جنرل پرويز مشرف 7 مئي 2005ع تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو چيف جسٽس مقرر ڪيو. ۽ 9 مئي 2007ع تي ان وقت معطل ڪيو، جڏهن هُن استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، سندس ان انڪار وڪيلن جي هڪ تاريخي تحريڪ کي جنم ڏنو. نيٺ 20 جولاءِ 2007ع تي کيس سپريم ڪورٽ بحال ڪيو. سپريم ڪورٽ جي فل بينچ آڏو جسٽس چوڌريءَ جي وڪالت اعتزاز احسن ۽ ٻين وڪيلن ڪئي. پاڪستان جي پنجاهه سالن جي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو هي پهريون واقعو هو، جو چيف جسٽس کي معطل ڪيو ويو هجي. صدر مشرف کي سندس ٻيهر صدر چونڊجڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل آئيني درخواست سبب خطرو محسوس ٿيو، ان ڪري هن فوري طور آئين معطل ڪري، ملڪ ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

تعليم ۽ وڪالتسنواريو

جسٽس افتخار محمد چوڌري بي. اي ۽ ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ 1974ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1976ع ۾ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل طور ۽ 1985ع ۾ سپريم ڪورٽ جي وڪيل طور داخل ٿيو. 1989ع ۾ کيس بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج طور مقرر ڪيو ويو. ان عهدي تي هو 21 اپريل 1999ع تائين رهيو. 1992ع ۾ کيس چيئرمين بلوچستان لوڪل ڪائونسل اليڪشن اٿارٽي ۽ 22 اپريل 1999ع تي کيس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو.

اهم فيصلاسنواريو

جنرل مشرف جي فوجي حڪومت کي جائز قرار ڏيڻسنواريو

جنوري 2000ع ۾ جسٽس چوڌري تڏهن بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ڪم ڪندڙ ججن مان پهريون جج هو، جنهن جنرل مشرف جي ڏنل پي سي او (عبوري آئيني حڪم) تحت قسم کنيو. ائين کيس ترقي ماڻڻ جو موقعو مليو. ان وقت سپريم ڪورٽ جي 11 ججن پي سي او تحت قسم کڻڻ کان انڪار ڪندي استعيفائون ڏنيون هيون ۽ ائين ججن جا عهدا خالي ٿيا هئا. 13 اپريل 2005ع تي سترهين ترميم ۽ صدر مشرف جي يونيفارم واري ڪيس ۾ جسٽس افتخار محمد چوڌري انهن پنجن ججن مان هڪ هو، جن جنرل مشرف جي فوجي حڪومت کي جائز ۽ قانوني قرار ڏيندي انهيءَ ڪيس کي خارج ڪيو، ان ڪيس جي وسيع تر فيصلي ۾ انهن ججن چيو هو ته آئين کي معطل ڪرڻ بعد جنرل مشرف جو لاڳو ڪيل ليگل فريم ورڪ آرڊر، سترهين ترميم، جنهن سان کيس آئيني طور پٺڀرائي ملي ۽ ٻه عهدا يعني صدر ۽ فوجي سربراهه رهڻ، قانوني آهن.

پاڪستان اسٽيل مل کي خانگائڻسنواريو

2007ع ۾ جسٽس چوڌريءَ پاڪستان اسٽيل مل کي خانگي اداري کي وڪرو ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي جي مخالفت ڪئي ۽ پنهنجي عدالتي فيصلي ۾ چيو ته پاڪستان اسٽيل مل هڪ گروپ کي وڪرو ڪرڻ، جنهن ۾ هڪ ڄڻو عارف حبيب وزير اعظم شوڪت عزيز جو دوست به آهي، هڪ تڪڙ ۾ ڪيل فيصلو آهي.

حصبه بلسنواريو

جڏهن سرحد اسيمبلي حصبه بل پاس ڪيو، جنهن ۾ پوليس کي اهي اختيار ڏنا ويا هئا ته اها اسلامي ارڪان تي عمل ڪرائي، ۽ ڪن ٻين اهڙن عملن کي روڪرائي، جن معاملن کي غير اسلامي سمجهيو ٿي ويو. صدر جنرل پرويز مشرف اهو معاملو عدالتي راءِ وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪليو، چيف جسٽس چوڌري جيڪو بئنچ جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، تنهن پنهنجي فيصلي ۾ گورنر سرحد کي ان بل تي صحيح ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

گم ٿيل ماڻهن جو ڪيسسنواريو

چيو وڃي ٿو ته پاڪستان مان ڪيترائي ماڻهو (جنهن ۾ سنڌ جا به ڪجهه سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن شامل هئا) مختلف ڳجهن ادارن گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيا هئا، کين ڪنهن عدالت ۾ به پيش نه پئي ڪيو ويو. 254 گم ٿيل ماڻهن جي وارثن طرفان هڪ درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي ويئي، جنهن جي پيروي امينه مسعود جنجوعه ڪئي. سپريم ڪورٽ وزارت داخلا ۽ ڳجهن ادارن جي نمائندن کي عدالت ۾ گهرايو، نتيجي ۾ 107 ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو. ان وقت اهڙي قسم جا فيصلا جنرل مشرف جي حڪومت جي خلاف پئي ويا. ان ڪري هو جنرل مشرف جي عتاب هيٺ آيو.

معطلي ۽ بحاليسنواريو

9 مارچ 2007ع تي صدر جنرل پرويز مشرف چيف جسٽس افتخار چوڌريءَ کي معطل ڪري سندس خلاف Misconduct جو ريفرنس داخل ڪيو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي هٽائڻ، پاڪستان جي 60 سالن جي تاريخ ۾ پهريون واقعو هو.

سنڌ سان واسطو رکندڙ سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس راڻا ڀڳوانداس کي قائم مقام چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. 5 مئي 2007ع تي جسٽس چوڌري پنهنجي وڪيل اعتزاز احسن سان گڏ (جيڪو پ پ اڳواڻ پڻ آھي) اسلام آباد کان لاهور تائين جو سفر ڪيو. رستي ۾ سندس آجيان ڪندڙن جي هجوم سبب 5-4 ڪلاڪن وارو اهو سفر 25 ڪلاڪن ۾ طئي ٿي سگهيو.

12 مئي 2007ع تي معطل ٿيل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سپريم ڪورٽ جي پنجاهين سالگره جي موقعي تي ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ خاص مهمان طور ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ ڪراچيءَ پهتو ته ڪراچي شهر جا رستا بلاڪ ڪيا ويا. سندس استقبال لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل ماڻهن تي فائر نگ ڪئي ويئي. جنهن ۾ 42 ماڻهو مارجي ويا ۽ 140 ڄڻا زخمي ٿي پيا. چيف جسٽس کي ڪيترا ڪلاڪ ڪراچيءَ جي هوائي اڏي تي قابو رهڻ بعد اتان ئي واپس وڃڻو پيو.

20 جولاءِ 2007ع تي 13 رڪني سپريم ڪورٽ جي بئنچ کيس چيف جسٽس جي عهدي تي بحال ڪيو ۽ جنرل مشرف جي لڳايل الزامن ۽ سندس خلاف داخل ڪيل ريفرينس رد ڪري ڇڏيو.

بحالي کانپوءِسنواريو

20 آگسٽ 2007ع تي چيف جسٽس چوڌري ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل طارق پرويز کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن باندي بڻايل حافظ عبدالباسط کي پيش نه ڪيو ويو ته کيس جيل موڪليو ويندو. نيٺ حافظ عبدالباسط کي آزاد ڪيو ويو. بعد ۾ مشرف حڪومت کيس بينظير ڀٽو جي قتل واري الزام جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو.

هنگامي حالتونسنواريو

صدر مشرف وٽ صدر ۽ فوج جي سربراهه جا ٻئي عهدا هئا. هن 3 نومبر 2007ع تي ملڪ ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪري آئين ۽ پارليامينٽ ٻنهي کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ عبوري آئيني حڪم (پي سي او) جاري ڪيو ويو. هنگامي حالتون لاڳو ٿيڻ ۽ آئين جي معطليءَ تي جسٽس افتخار چوڌري سندس سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي هڪ 8 رڪني بئنچ جوڙي، جنهن ترت عبوري آئيني حڪم، هنگامي حالتن ۽ آئين جي معطلي کي رد ڪري ڇڏيو. ساڳئي وقت هن سمورن سول ۽ فوجي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي انهيءَ حڪمنامي کي نه مڃين. هن سپريم ۽ هاءِ ڪورٽن جي ججن کي به هدايت ڪئي ته اهي هن پي سي او تحت قسم نه کڻن. ترت ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هڪ جٿي سپريم ڪورٽ جي عمارت ۾ ڪارروائي ڪندي. چيف جسٽس چوڌريءَ سميت ستن ججن کي گرفتار ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي 90 ججن پي سي او تحت قسم کڻڻ کان انڪار ڪيو، صدر مشرف سندس جاءِ تي جسٽس عبدالحميد ڊوگر کي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪيو ۽ ان سان گڏ ٽن ٻين ججن کان به سپريم ڪورٽ جي جج طور قسم ورتو.

جسٽس چوڌريءَ کي گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو. ساڻس ڪير به بنا اجازت جي ملي نه پئي سگهيو. نيٺ پ پ جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني وزيراعظم ٿيڻ جي پهرئين ڏينهن تي چيف جسٽس کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر هن کيس بحال نه ڪيو. بعد ۾ ججن جي بحالي لاءِ صدر، وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان نواز شريف جي وچ ۾ ٽي معاهدا ٿيا، پر پوءِ به چيف جسٽس بحال نه ٿيو. ان سبب وڪيلن ٻيهر تحريڪ شروع ڪري ڏني. وڪيلن جي تحريڪ ججن جي بحاليءَ لاءِ 12 کان 16 مارچ 2009ع تائين لانگ مارچ جو اعلان ڪيو. 15 مارچ 2009ع تي نواز شريف ۽ چوڌري اعتزاز احسن جي اڳواڻيءَ ۾ وڪيلن ۽ سندس حامين لاهور مان لانگ مارچ شروع ڪيو. 15 ۽ 16 مارچ 2009ع جي وچ ڌاري حڪومت جسٽس چوڌريءَ سميت سمورن ججن کي بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.[2]

حوالاسنواريو

  1. Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Iftikhar-Muhammad-Chaudhry — named as: Iftikhar Muhammad Chaudhry — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.