پاڪستان جو چيف جسٽس

پاڪستاني سپريم ڪورٽ جو سربراھ

پاڪستان جو چيف جسٽس (مخفف CJP) پاڪستان ۾ عدالتي نظام (حڪومت جي قانوني شاخ) جو سربراهه ۽ پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جو بالا جج هوندو آهي.[1] چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ جي مقرر 17 ججن مان سڀني کان مٿاهون هوندو آهي.[2] 1947ع کان 1960ع تائين بلا جج کي وفاقي جج ڪوٺيو ويندو هو.[3] چيف جسٽس، پاڪستان جي عدالتي نظام جو انتظامي آفيسر ۽ وفاقي شريت عدالت جي چيف جسٽس کان پڻ مٿاهون جج هوندو آهي. چيف جسٽس وفاقي قانونن جي پڻ نگراني ڪندو آهي.[4][5]

سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس
Emblem of the Supreme Court of Pakistan.svg
عهديدار
جسٽس ميان ثاقت نثار

31 ڊسمبر 2016 کان
تعظيمي لقبَ
جناب اعلي
(جڏهن ڪورٽ ۾ ڪير مخاطب ٿي)
تجويز ڪرندڙپاڪستان جو وزيراعظم
مقرر ڪرندڙپاڪستان جو صدر
مدت عهدوتبديل ٿيندڙ عمر 65 سالن تائين
تشڪيل27 جون 1949
اولين حاملعبدالرشيد
(وفاقي چيف جسٽس طور)


سپريم ڪورٽ لاءِ چيف جسٽس جي چونڊ پاڪستان جو وزيراعظم ڪندو آهي، ۽ پوءِ پاڪستان جو صدر ان کي مقرر ڪندو آهي.[6][7] چيف جسٽس پاڪستان جي مقرر ڪيل نئين صدر کي قسم نامو پڻ کڻائيندو آهي.[8]

پاڪستان جو پهريون چيف جسٽس سر عبدالرشيد هو،[9] ڊسمبر 2016ع کان پاڪستان جو چيف جسٽس ميان ثاقب نثار آهي.

پاڪستان جي چيف جسٽس جي فهرستسنواريو

پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ عرصو چيف جسٽس رهندڙ جج محمد حليم هو جيڪو 3205 ڏينهن تائين پاڪستان جو چيف جسٽس رهيو. گھٽ وقت رهندڙ چيف جسٽس محمد شهاب الدين هو، جيڪو چيف جسٽس ٿيڻ جي 9 ڏينهن کان پوءِ وفات ڪري ويو. افتخار محمد چوڌري پاڪستان جو واحد چيف جسٽس هو جيڪو 3 دفعا چيف جسٽس طور مقرر ٿيو. هي چيف جسٽس جي عهدي تي 2480 ڏينهن رهيو.

ترتيب نالو آفيس جو مدو مدو (ڏينهن) بار مقرر ڪيو
1 عبدالرشيد 27 جون 1949 29 جون 1954 ١٬٨٢٦ لاهور هاءِ ڪورٽ گورمنٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935
2 محمد منير 29 جون 1954 2 مئي 1960 ٢٬١٣٤ لاهور هاءِ ڪورٽ ملڪ غلام محمد
3 محمد شهاب الدين 3 مئي 1960 12 مئي 1960 ٩ مدراس هاءِ ڪورٽ محمد ايوب خان
4 ايلون رابرٽ ڪارنيلسين 13 مئي 1960 29 فيبروري 1968 ٢٬٨٤٨ لاهور هاءِ ڪورٽ
5 ايس.اي. رحمان 1 مارچ 1968 3 جون 1968 ٩٤ لاهور هاءِ ڪورٽ
6 فضل اڪبر 4 جون 1968 17 نومبر 1968 ١٦٦ مشرقي پاڪستان هاءِ ڪورٽ
7 حمودر رحمان 18 نومبر 1968 31 آڪٽوبر 1975 ٢٬٥٣٨ ڪولڪتا هاءِ ڪورٽ
8 محمد يعقوب علي 1 نومبر 1975 22 سيپٽمبر 1977 ٦٩١ لاهور هاءِ ڪورٽ فضل الاهي چوڌري
9 ايس. انورالحق 23 سيپٽمبر 1977 25 مارچ 1981 ١٬٢٧٩ لاهور هاءِ ڪورٽ
10 محمد حليم 23 مارچ 1981 31 ڊسمبر 1989 ٣٬٢٠٥ سنڌ هاءِ ڪورٽ محمد ضياالحق
11 محمد افضل ظله 1 جنوري 1990 18 اپريل 1993 ١٬٢٠٣ لاهور هاءِ ڪورٽ غلام اسحاق خان
12 نسيم حسن شاهه 17 اپريل 1993 14 اپريل 1994 ٣٦٢ لاهور هاءِ ڪورٽ
ق* سيعد سعود جان 15 اپريل 1994 4 جون 1994 ٥٠ لاهور هاءِ ڪورٽ فاروق لغاري
13 سجاد علي شاهه 5 جون 1994 2 ڊسمبر 1997 ١٬٢٧٦ سنڌ هاءِ ڪورٽ
14 اجمل ميان 27 ڊسمبر 1997 30 جون 1999 ٥٥٠ سنڌ هاءِ ڪورٽ وسيم سجاد
15 سعيد الزمان صديقي 1 جولاءِ 1999 26 جنوري 2000 ٢٠٩ سنڌ هاءِ ڪورٽ محمد رفيق تارڙ
16 ارشاد حسن خان 26 جنوري 2000 6 جنوري 2002 ٧١١ لاهور هاءِ ڪورٽ
17 بشير جهانگيري 7 جنوري 2002 31 جنوري 2002 ٢٤ پشاور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف
18 شيخ رياض احمد 1 فيبروري 2002 31 ڊسمبر 2003 ٦٩٨ لاهور هاءِ ڪورٽ
19 ناظم حسين صديقي 31 ڊسمبر 2003 29 جون 2005 ٥٤٦ سنڌ هاءِ ڪورٽ
20 افتخار محمد چوڌري (پهرين دفعا) 29 جون 2005 9 مارچ 2007 ٦١٨ بلوچستان هاءِ ڪورٽ
ق جاويد اقبال 9 مارچ 2007 24 مارچ 2007 ١٥ بلوچستان هاءِ ڪورٽ
ق راڻا ڀڳوان داس 25 مارچ 2007 20 جولاءِ 2007 ٨٧ سنڌ هاءِ ڪورٽ
20 افتخار محمد چوڌري (ٻيو دفعو) 20 جولاءِ 2007 3 نومبر 2007 ١٣٦ بلوچستان هاءِ ڪورٽ
± عبدالحميد ڊوگر 3 نومبر 2007 21 مارچ 2009 ٥٠٤ سنڌ هاءِ ڪورٽ
20 افتخار محمد چوڌري (ٽيون دفعو) 21 مارچ 2009 11 ڊسمبر 2013 ١٬٧٢٦ بلوچستان هاءِ ڪورٽ آصف علي زرداري
21 تصدق حسين جيلاني 12 ڊسمبر 2013 6 جولاءِ 2014 ١٧٦ لاهور هاءِ ڪورٽ ممنون حسين
22 ناصر الملڪ 7 جولاءِ 2014 16 آگسٽ 2015 ٤٣٥ پشاور هاءِ ڪورٽ
23 جواد ايس خواجه 17 آگسٽ 2015 9 سيپٽمبر 2015 ٢٣ لاهور هاءِ ڪورٽ
24 انور ظهير جمالي 10 سيپٽمبر 2015 30 ڊسمبر 2016 ١٬٩١٢ سنڌ هاءِ ڪورٽ
25 ميان ثاقب نثار 31 ڊسمبر 2016 17 جنوري 2019 ١٬٤٣٤ لاهور هاءِ ڪورٽ
  • ق قائم مقام
  • ± عهدي تان لاٿو ويو, سپريم جڊيشل ڪائونسل پاران هن جا ڪيل سمورا فيصلا رد ڪيا ويا.
  • نوڪري دوران وفات ڪري ويو

حوالاسنواريو

  1. et.al., various contributions (2012). Pakistan Business Law Handbook Strategic Information and Laws.. Intl Business Pubns USA. ISBN 1438770715. https://books.google.com/books?id=36-S5GQtTSMC&pg=PA40&dq=chief+justice+of+pakistan&hl=en&sa=X&ei=mxwzVdD2LpDnoASBp4HwBw&ved=0CDYQuwUwBA#v=onepage&q=chief%20justice%20of%20pakistan&f=true. Retrieved 19 April 2015. 
  2. Manzoor, Saima; Manzoor,, Akif; Manzoor, Eng. Asif (2011). Police in Pakistan. New York, US: Lulu publications co.. pp. 350. ISBN 110599032X. https://books.google.com/books?id=K6ndAwAAQBAJ&pg=PA231&dq=chief+justice+of+pakistan&hl=en&sa=X&ei=mxwzVdD2LpDnoASBp4HwBw&ved=0CDAQuwUwAw#v=onepage&q=chief%20justice%20of%20pakistan&f=false. Retrieved 19 April 2015. 
  3. Shah, Ralph Braibanti ; foreword by Nasim Hasan (1999). Chief Justice Cornelius of Pakistan : an analysis with letters and speeches (2. impr. ed.). Oxford: Oxford University Press. ISBN 9780195790184. 
  4. Article 176 in The Judicature Chapter 2 of Part VII of the پاڪستان جو آئين
  5. Article 175A in Chapter 1: The Courts. Part VII: The Judicature of the Constitution of Pakistan
  6. Article 175A(12)-175A(13) Chapter 1: The Courts. Part VII: The Judicature of the Constitution of Pakistan
  7. Supreme Court. "Judges Appointment & Court Composition". www.supremecourt.gov.pk/. Islamabad, Pakistan: Supreme Court of Pakistan Press. وقت 24 March 2015 تي اصل (google cache (html)) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 April 2015. 
  8. Article 178 in the Chapter 2: The Supreme Court of Pakistan of Part VII: The Judicature of پاڪستان جو آئين
  9. Masood, Ahsan. "Names of the Chief Justices of the Supreme Court of Pakistan". masoodandmasood.com/. Masood and masood press. حاصل ڪيل 19 April 2015.