اعتزاز احسن

پاڪستاني قانوندان ۽ سياستدان

اعتزاز احسن
 

معلومات شخصيت
ڄم 27 سيپٽمبر 1945 (79 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ڪوھ مري  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان
برطانوي راڄ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of political party (P102) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

اعتزاز احسن ھڪ پاڪستاني وڪيل، دانشور ۽ سياستدان آهي. سندس والد چوڌري محمد احسن عليگ، پرجوش مسلم ليگي اڳواڻ هو. سندس والده مسلم ليگ جي عورتن واريءَ شاخ جي ڊويزنل منتظم هئي. اعتزاز احسن شروعاتي تعليم ايچي سن ڪاليج لاهور مان حاصل ڪئي. گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ ڪئمبرج يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ اُتان بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪري واپس وطن پهچي، سي.ايسپيءَ جو امتحان ڏيئي، پاڪستان ۾ پهرين پوزيشن کنيائين. عملي سياست جو آغاز پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ سان ڪيائين ۽ اڄ تائين اُن سان واڳيل آهي. 1970ع وارين عام چونڊن ۾ پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿي، پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ۾ اطلاعات جو وزير مقرر ٿيو. ان کان پوءِ چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿي، قانون ۽ انصاف جو وزير، وزير داخلا ۽ وزير تعليم مقرر ٿيو. اعليٰ عدالتن ۾ ڪيترن ئي سياسي قيدين جي مقدمن جي پيروي ڪيائين، جن ۾ محترمہ بينظير ڀٽو بہ شامل آهي. پنهنجن سياسي نظرين سبب ڪيترائي ڀيرا جيل ۾ بہ ويو آهي. آئين جو ماهر، سپريم ڪورٽ جو اعليٰ وڪيل ۽ سينيٽ جو ميمبر آهي. پاڻ شاعر بہ آهي تہ محقق بہ. سندس تصينف ”انڊس ساگا ائنڊ ميڪنگ آف پاڪستان“ مشهور آهي. 2008ع کان 2009ع تائين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي معطليءَ کان پوءِ سندس بحاليءَ ۽ عدليہ جي آزاديءَ لاءِ هلايل هلچل ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيائين جنهن جي ڪري پيپلزپارٽيءَ سان ڪجهه وقت تعلقات ڪشيده رهيس. هن وقت انهن ۾ ڪجهه بهتري آيل ڏسجي ٿي.[1]

حوالا سنواريو