ھزار خان بجاراڻي
ھزار خان بجاراڻي | |
---|---|
(اردو ۾: میرہزار خان بجارانی) | |
معلومات شخصيت | |
تاريخ ڄم | 10 جُولاءِ 1946 |
موت | 1 فيبروري 2018 (72 سال) ڪراچي |
شھريت | پاڪستان برطانوي راڄ |
جماعت | پاڪستان پيپلز پارٽي |
عملي زندگي | |
پيشو | سياستدان |
مادري ٻولي | اردو |
ڪم جي ٻولي | اردو |
ترميم |
مير هزار خان -بجاراڻي- سنڌ جو هڪ اهم سياستدان آهي. هن 23- -آڪٽوبر- 1946ع تي جيڪب آباد ۾ -جنم- ورتو. عملي سياست ۾ سڀ کان پهرين هو. 1970ع وارين چونڊن ۾ ايم. پي. اي چونڊجي آيو ۽ -تن- ڏينهن ۾ صوبائي وزير پڻ رهيو. -ان- کان پوءِ 1977ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. سندس وابستگي پ پ پ سان رهي. غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي پيپلز -پارٽي- سنڌ جي صدارت ڇڏڻ کانپوءِ کيس پارٽيءَ جو صوبائي صدر مقرر ڪيو ويو. ڪجهه عرصي بعد هن پارٽيءَ -تان- استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جو ساٿي بڻيو. وري 1988ع ۾ کيس سينيٽر چونڊيو ويو. هن 1988ع ۾ وزير صحت، ماحوليات، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ 1990ع ۾ وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جون ذميواريون سنڀالي ورتيون. -بجاراڻي- صاحب 1993ع ۾ دفاع کاتي جو وزير رهيو. 2008ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ هو پ پ جي -ٽڪيٽ- تي قومي -اسيمبلي- جو ميمبر چونڊيو ويو، جنهن بعد کيس وفاقي وزير -تعليم- مقرر ڪيو ويو آهي.[1]