2018ع
عيسوي سال
(2018 کان چوريل)
2018ع عيسوي سال جو، هڪ عام سال، جيڪو سومر جي ڏينهن کان شروع ٿيو. هي عيسوي سال جو 2018هون سال، 21 هين صدي جو ارڙهون سال ۽ 2010 جي ڏهاڪي جو نائون سال آهي.
ھزارو: | |
---|---|
صديون: |
|
ڏھاڪا: |
|
سال: |
|
واقعا
سنواريو- 6 جُولاءِ – پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي اپت کان وڌيڪ جائداد ٺاهڻ جي ڏوهہ ۾ 10 سال سزا ڏني وئي.
- 13 جُولاءِ – چين ۾ ڪيميائي فيڪٽري ۾ ڌماڪي سبب 19 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
- 13 جُولاءِ – مستونگ ۾ چونڊ مهم دوران ڌماڪي ۾ اسلم رئيساڻي سميت 70 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
- 15 جُولاءِ – فٽبال ورلڊ ڪپ ڪروئيشيا کان فرانس کٽي ورتي.
- 22 جُولاءِ – ڊيرا اسماعيل خان ۾ خودڪش بم ڌماڪي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار اڪرام الله گنڊاپور قتل ٿي ويو.
- 25 جُولاءِ – پاڪستان ۾ عام چونڊون ٿي گذريون.
- 26 جُولاءِ – سائنسدانن پاران مريخ تي 20 ڪلوميٽر ڊگھي (12 ميل) پاڻي جي تلاهه دريافت ڪئي وئي.
- 18 آگسٽ – عمران خان پاڪستان جي 22هين وزير اعظم جو قسم کنيون.
- 31 آگسٽ – عوامي جمهوريه دونيتسڪ جو وزير اعظم اليگزينڊر زاخارچنڪو بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو.
- 6 سيپٽمبر – پاڪستان ۾ صدارتي چونڊون ٿيون، عارف علوق 353 ووٽ کڻي پاڪستان جو تيرهون صدر منتخب ٿيو.
- 6 سيپٽمبر – هندوستان جي سپريم ڪورٽ تاريخ ساز فيصلي ۾ انڊين پينل ڪوڊ سيڪشن 377 کي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن تحت هم جنس پرستي کي ڏوهه قرار ڏنو ويو هو.
- 9 سيپٽمبر – عارف علوي پاڪستان جي تيرهين صدر جو قسم کنيو.
- 25 آڪٽوبر – سهالي ورڪ زيوڊي ايٿوپيا جي پهرين عورت صدر چونڊي وئي.
- 25 آڪٽوبر – پاڪستان جي سپريم ڪورٽ آسيه بيبي جي سزاءِ موت ختم ڪئي وئي.
- 23 نومبر – ڪراچي ۾ چيني سفارتخاني تي بلوچ آزادي پسندن پاران حملو ڪيو ويو.
پيدائش
سنواريوفوتگيون
سنواريو- 11 فيبروري – عاصمه جھانگير، وڪيل، انساني حقن جي علمبردار
- 24 فيبروري – سري ديوي، هندوستان اداڪاره
- 14 مارچ – ڄام ساقي، سنڌي ليکڪ
- 14 مارچ – اسٽيفن هاڪنگ، مشهور سائنسدان
- 17 اپريل – باربرا بش، آمريڪي صدر بش سينئر جي گھرواري
- 7 جُونِ – رسول بخش پليجو، کاٻي ڌر جو اڳواڻ ۽ وڪيل
- 14 جُونِ – ملا فضل الله، اڳواڻ تحريڪ طالبان پاڪستان
- 20 جُونِ – مشتاق احمد يوسفي، اردو ادب جو وڏو نالو
- 12 جُولاءِ – دادا جشن واسواڻي، ناميارو روحاني عالم
- 16 آگسٽ – اٽل بيهاري واجپائي، هندوستاني وزيراعظم
- 25 آگسٽ – جان مڪين، آمريڪي سياستدان
- 31 آگسٽ – اليگزينڊر زاخارچنڪو، عوامي جمهوريه دونيتسڪ جو وزير اعظم
حوالا
سنواريو
2010ع جو ڏھاڪو |
---|
2010ع · 2011ع · 2012ع · 2013ع · 2014ع · 2015ع · 2016ع · 2017ع · 2018ع · 2019ع |