پاڪستان سپر ليگ

ڪرڪيٽ جي ٽورنامينٽ
نئون لوگو
ملڪ پاڪستان
ناظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ
فارميٽ ٽي ٽوينٽي
پهريون ٽورنامنٽ 2016
کيڏڻ جو فارميٽ دٻل رائونڊ پلي آف
ٽيمون پنج

پاڪستان سپر ليگ 2016

پاڪستان سپر ليگ هڪ پروفيشنل ٽي/20 ڪرڪيٽ ليگ آهي جيڪا پنجن شهرن جي ٽيمن تي مشتمل هوندي.جنهن جو هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ آهي.

پاڪستان سپر ليگ 2016 ۾ منعقد ڪيئي ويندي جيڪا 4 فيبروري کان 24 هين فيبروريءَ[1] تائين هلندي.هن ليگ ۾ دنيا جا مشهور رانديگر پڻ حصو وٺندا.

تاريخ

ٽي ٽونٽي ڪپ

پاڪستان سپر ليگ جي ابتدا هائير ٽي ٽوينٽي ڪپ جي اختتام تان ٿي[حوالو گھربل].هائير ٽي ٽوينٽي ڪپ 2004 شروع ٿيو جنهن ۾ ڪل 14 ڪلبن جي ٽيمن حصو ورتو جنهن ۾ 13 ملڪي ۽ هڪ افغانستان جي ٽيم پڻ شامل هئي.پاڪستان اهو واحد ملڪ آهي جنهن ۾ T20 مقابلا گهريلو سطح تي ڪرايا ويا.سڀ کان وڌيڪ ڪپ سيالڪوٽ جي ڪلب ڇھہ ڀيرا کٽيا آهن.

ليگ جي بناوٽ

سيپٽمبر 2015 ۾ ان جي باقائده ابتدا ڪئي وئي.اڳوڻو ڪپتان وسيم اڪرم ۽ رميز راجا ايلچي مقرر ڪيا ويا.20 سيپٽمبر 2015 تي علي ظفر گانو هاڻي کيڏي ڏيکار (اب کيل کي دکا) ڳايو.ان سان گڏوگڏ 3D لوگو جي بہ نمائش ڪئي وئي.[2]

قدر

ھن ليگ جي ڪُل ماليت 93 ملين آمريڪي ڊالر آھي ۔

نيلامي

پاڪستان سپر ليگ جي پنچ فرنچائز کي 93 ملين آمريڪي ڊالر جي عيوض ڏھ سال جي لاءِ وڪيو ويو۔

رانديگرن جي نيلامي

پاڪستان سپر ليگ جي لاءِ رانديگرن کي پنچ درجن ۾ ورهايو ويو۔ رانديگر جي وڌ کان وڌ نيلامي قيمت 140,000 آمريڪي ڊالر ھئي۔ پاڪستان رانديگرن جي لاءِ 2 ملين آمريڪي ڊالر جو ويمو(انشورنس) ڪرائي ۽ غير ملڪي رانديگرن جي آمدني کي ٽيڪس کان مستثنيٰ قرار ڏنو ويو۔ [3]

زمرو قميت ($)
پلاٽينيم $190,000
ڊائمنڊ $65,000
گولڊ $47,000
سلور $28,000
امرجنگ $25,000

رانديگر

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پھرين ٽي سالن جي لاءِ ليگ پنچ ٽيمن تي مشتمل ھوندي ۽ ھر ٽيم ۾ 6 غير ملڪي ۽ 10 مقامي رانديگر ۽ 2 اڀرندڙ(امرجنگ) رانديگر شامل ھوندا۔ [4][5]

سيزن

افتتاحي سيزن 4 کان 23 فيبروري شارجہ ۽ دبئي ۾ کيڏي وئي، سيمي فائنل تائين ھر ٽيم ٻئي ٽيم کان ٻہ ميچ کيڏيا ۔فائنل ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 6 وڪيٽن تان هارائي چيمپئن ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ويسٹ انڊيز جي ڊيوائن سمٿ کي ميچ جو بھترين رانديگر قرار ڏنو ويو ۔ ان ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي عمر اڪمل 335 رنز سان ٽاپ اسڪورر جڏنھن تہ ويسٹ انڊيز جو آندري رسل ٽاپ وڪيٽ وٺندڙ رھيو ۔

ڪلبن جا نالا

اهي پنج ئي ڪلب 3 ڊسمبر 2015 تي وڪيا ويا جنهن ۾ مهانگو ڪراچيءَ جو ڪلب وڪرو ٿيو جنهن جي لاگت 2.6 آمريڪي ڊالر آهي.[6]

قيمت ڪيپٽن ڪوچ مالڪ ڪلبن جا نالا
2.6 آمريڪي ملين ڊالر شعيب ملڪ مِڪي آرٿر اي آر وائي گروپ ڪراچي ڪنگز
2.4 آمريڪي ملين ڊالر اظهر علي پڊي اُپٽن قطر تيل لاهور قلندرز
1.6 آمريڪي ملين ڊالر شاهد آفريدي محمد اڪرم هايئر گروپ پشاور زلمي
1.5 آمريڪي ڊالر مصباح الحق ڊين جونز ليونائن گروپ اسلام آباد يونائيٽد
1.1 آمريڪي ملين ڊالر سرفراز احمد معين خان عمر ايسوسي ايٽ ڪوئيٽا گليڊيٽرز

ٽيمون

پروڊڪشن

پهرين آڪٽوبر 2015 تي سن سيٽ ميڊيا کي حق ڏنا ويا.جيڪي 2016 کان 2020 تائين هلندا.

پروڊڪشن ڪمپني
سن سيٽ + وائن

ٻيو ڪمپنيون

پروڊيوسنگ ڪمپنيون
BLITZ MEDIA.
ITW
نشرياتي حق
ملڪ ريجن چينل
پاڪستان پاڪستان پي ٽي وي اسپورٽس
پاڪستان پاڪستان ٽين اسپورٽس

ڪمشنر

پاڪستان سپر ليگ جو ڪمشنر نجم سيٺي آهي.

پڻ ڏسو

خارجي ڳنڍڻا