ڪَتِي
ڏيهي سال/ سنڌي ڪئلينڊر / سنبت (وڪرمي / بڪرمي ڪيلينڊر) جو اٺون مهينو آهي جيڪو اَسو ۽ ناهري جي وچ ۾ آهي.
15 آڪٽوبر کان 13 نومبر تائين هوندو آهي. ڪَتي 30 ڏينھن جو مهينو آهي.
لفظ ڪتيسنواريو
هن لفظ جو بنياد سنسڪرت لفظ ڪارتڪ مان آهي جنهن جي معني آهي همت ۽ خوشي ڏيندڙ.
ڪتي (خريف) جا فصلسنواريو
سنڌ ۾ قدرتي طبعي ورهاست موجب سري، وچولي، لاڙ، ٿر ۽ ڪوهستان وارا علائقا اچي وڃن ٿا، جتي آبهوا ۽ پوکيءَ جي سرشتي جي مناسبت سان ڪيترائي موسمي ۽ باراني فصل پوکيا وڃن ٿا. هتي ڪتيءَ (خريف) ۾ جوئر، ٻاجهري، چانور، وونئڻ، تر، مڱ ۽ موٺ پوکيا ويندا هئا .
- سعيو ڪر ربيع جو، آئي جا ڪتي،
ڪڻڪ پوکج قرب جي، ڪڍي ڪلپت ڪتي،
صبر، رضا، شُڪر کي، لڳي ڪا نه رتي،
پردو رک پَتيِ! سونھان سرتئين وچ ۾.
ڪتي تاراسنواريو
هڪ نکٽ جو نالو. ستن ننڍڙن تارن جي ميڙ وارو نکٽ.
ڪتي ۽ وڇون بابت لوڪ سنڌي ڏاهپسنواريو
چوڻي ته ڪَتي وِڇُونءَ جي مڱ آهي، انهي ڪري ٻئي ساڳئي وقت آسمان ۾ نه هوندا. ڪتي اُڀ (آسمان) تي اڀري تي وڇون لهي وڃي ۽ وڇون اڀري ته ڪتي لهي وڃي.
علم نجوم ۾سنواريو
علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي وشاکا ۽ انو راڌا نکٽن جو اثر غالب هوندو آهي .
سنڌي لوڪ چوڻيونسنواريو
ڪَتي، ناڙيءَ ۾ پتيسنواريو
مطلب؛ َچي ۽ ٻين علائقن ۾ ڪڻڪ جي ناڙي شروع ٿيندي آهي.
ڪَتي، گهمندي ڦرندي لٿي.سنواريو
مطلب؛ هن مھيني ۾ ڏينھن گهٽجي ويندو آھي ۽ راتيون وڌي وينديون آهن.
ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو.سنواريو
ڏياريءَ جو ڏِڻُ به هن مھيني ۾ ملھائبو آهي.
سنڌي ادب ۽ لوڪ گيتن ۾ ڪَتِيسنواريو
حوالاسنواريو
- ↑ Inam Jamali, Chet mein Chae wiyo ---- Sarmad Sindhi, حاصل ڪيل 2018-12-31
- ↑ ASIF ABRO, SARMAD SINDHI - CHANGO CHETAN MAIN MILANDA SEEN, حاصل ڪيل 2018-12-31