سنبت وڪرمي ڪئلينڊر

سنبت وڪرمي سال يا ڪئلينڊر، هندستان جي راجا وڪرماجيت (انگريزي ٻولي: Vikramaditya) جي دور ۾ شروع ٿيوهو[1] [2]. تنهنڪري ئي هن ڪئلينڊر کي سنبت وڪرمي ڪئلينڊر يا سنڌي وڪرمي ڪئلينڊر چيو وڃي ٿو.[3][4][5][6] هي عيسوي سن کان 57 سال آڳاٽو آهي. عيسوي سن جي سال ۾ 365 ڏينهن ٿين ٿا، جڏهن ته سنبت وڪرمي سال ۾ 354 ڏينهن ٿين ٿا. انهي حساب سان ٻنهي سنن وچ ۾ 11 ڏينهن جو فرق آهي. جنهن جي پورائي لاءِ سنبت وڪرمي سال تي هلڻ وارا وچ ۾ ڏينهن جي کوٽ جي پورائي لاءِ ان ۾ اڌڪ ڳنڍين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو هي ڪئلينڊر موسمن جي حساب سان عيسوي سن سان ٺهڪي اچي ٿو . پر 11 ڏينهن جي فرق جي حساب سان سنبت وڪرمي سال ۽ عيسوي سال جي تاريخن جي وچ ۾ فرق به ايندو رهي ٿو، پر ٻنهي ڪئلينڊرن جي مهينن جي نسبت لڳ ڀڳ ساڳي رهي ٿي. [7]

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-02-15. 
  2. "سنڌو سنبت ڪئلينڊر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  3. "سنبت | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  4. ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16712&BookTitle=Thar-Ji-Lok-Dahap-Science. 
  5. "سنڌو سنبت ڪئلينڊر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-02-15. 
  6. "ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-02-15. 
  7. ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-22 


ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو