ڊرٻ مٺو
ديھ ڊرٻ مٺو(انگريزي: Deh Drib Mitho) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا بوھڙ تپي ۾ واقع آهي.
ڊرٻ مٺو (قمبر) ديھ ڊرٻ مٺو | |
---|---|
ديھ | |
Deh Drib Mitho | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°40′46″N 67°47′21″E / 27.67944°N 67.78917°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 6,020 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1881ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ واقع ڳوٺن ۾ ڳوٺ ٺوڙي، ڳوٺ مھراب تونيو، وتايل چانڊين جو ڳوٺ، ڳوٺ سوناڻي چانڊيا، ڳوٺ علي بيگ تونيو واقع ھيا ۽ اھي ھاڻي بہ قائم آھن. ڳوٺ ٺوڙي 1881ع ۾ ديھ جو سڀ کان وڏو ڳوٺ ھيو.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ کاھي مينھون، اوڀر ۾ ديھ چنڱڙو ۽ ديھ لکٽيا، ڏکڻ ۾ ديھ بوھڙ ۽ ديھ پنا ۽ اولھ ۾ ديھ ڀنگر آچا واقع آھن.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 6,020 ھئي جيڪا 877 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي.