پنا
ديھ پُنا(انگريزي: Deh Punna) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا بوھڙ تپي ۾ واقع آهي.
پُنا (قمبر) ديھ پُنا | |
---|---|
ديھ | |
Deh Punna | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°32′36″N 67°51′22″E / 27.54333°N 67.85611°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 2,001 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1935 کان 1957ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ دڙو خوشحال جنھن لڳ تنين جو مقام، شابراڻين جو ڳوٺ جنھن جي اولھ م ڪافي فاصلي تي شابراڻين جو مقام واقع ھيا. ھاڻي شابراڻين وارو ڳوٺ حبيب ڳوٺ جي نالي سان معروف آھي. دڙو خوشحال ھاڻي ھڪ ننڍڙو غيرمعروف ڳوٺ آھي.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڀنگر آچا ۽ ديھ ڊٻ مٺو، اوڀر ۾ ديھ بوھڙ، اولھ ۾ ديھ ڪنور ۽ ڏکڻ ۾ تعلقو وارھ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. وارھ برانچ، جکرو مائينر، پنا شاخ ۽ ڪنور شاخ پڻ ھن ديھ مان گذرندڙ آھي.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,001 ھئي جيڪا 236 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].