لکٽيا
ديھ لکٽيا(انگريزي: Deh Lakhtia) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڪلر تپي ۾ واقع آهي.
لکٽيا (قمبر) ديھ لکٽيا | |
---|---|
ديھ | |
Deh Lakhtia | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°34′35″N 67°54′27″E / 27.57639°N 67.90750°Eمڪانيت: 27°34′35″N 67°54′27″E / 27.57639°N 67.90750°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 4,848 |
تاريخ سنواريو
بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1881 کان 1957ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھتي لاکٽين جو ڳوٺ، نئون ڳوٺ دڦر ۽ ڦٽل ڳوٺ دڦر واقع ھيا ھن ديھ ۾ ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ لاکٽيا ۽ ڳوٺ دڦر اڃان تائين قائم آھن. پراڻي ڦٽل ڳوٺ دڦر جا نشان ختم ٿيل آھن. نئون ڳوٺ ھوت خان چانڊيو پڻ قائم ٿي چڪو آهي.
جاگرافي سنواريو
ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ محبت خان بليدي ۽ ديھ آچا، اوڀر ۾ ديھ ڪلر 1 ۽ ديھ ڪلر 2، اولھ ۾ ديھ کاھي مينھون ۽ ديھ ڊٻ مٺو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چنڱڙو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ديھ مان قمبر غيبي ديرو روڊ گذرندڙ آھي. ديھ ڊگھ جو ھڪ وڏو حصو پڻ ھن ديھ ۾ واقع آهي.
آبادي سنواريو
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,848 ھئي جيڪا 719 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].