بوھڙ
ديھ بوھڙ(انگريزي: Deh Boohar) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا بوھڙ تپي ۾ واقع آهي.
بوھڙ (قمبر) ديھ بوھڙ | |
---|---|
ديھ | |
Deh Boohar | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°31′30″N 67°53′08″E / 27.52500°N 67.88556°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 2,795 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھ واري 1881ع واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ٽي ڳوٺ واقع ھيا جيڪي ھڪٻئي جي لڳو لڳ واقع ھيا. ھن وقت ديھ م بستي صغران نالي ڳوٺ معروف آھي. پراڻي نقشي م ٽي ننڍا ڳوٺ ملي ھڪ ٿي بستي صغران نالي وڏو ڳوٺ ٿي ويا آهن. بوھڙ ذات واري ماڻھن جي آبادي جي ڪري ھن ديھ تي اھو نالو پيو.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڊرٻ مٺو، اولھ ۾ ديھ پنا، اوڀر ۾ ديھ ھني ۽ ڏکڻ ۾ تعلقي وارھ جون ديھ لالو رائونڪ ۽ ديھ مڪلاڻي ۽ ديھ پوٺو واقع آهن.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,795 ھئي جيڪا 474 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ڳوٺ علي محمد بوھڙ جي آبادي 1,498 آھي.