ديھ ڇڄڙا(انگريزي: Deh Chhajjra) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لاکا تپي ۾ واقع آهي.

ڇڄڙا (قمبر)
ديھ ڇڄڙا
ديھ
Deh Chhajjra
ڇڄڙا (قمبر) is located in سنڌ
ڇڄڙا (قمبر)
ڇڄڙا (قمبر)
ڇڄڙا (قمبر) is located in Pakistan
ڇڄڙا (قمبر)
ڇڄڙا (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°36′58″N 68°00′23″E / 27.61611°N 68.00639°E / 27.61611; 68.00639مڪانيت: 27°36′58″N 68°00′23″E / 27.61611°N 68.00639°E / 27.61611; 68.00639
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 6,416

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي برٽش انڊيا واري دؤر جي ديھ واري نقشي مطابق ھن ديھ جي ڏکڻ اوڀر واري حصي ۾ قمبر شھر واقع ھيو. ديھ جي اتر اوڀر ۾ ڳوٺ ڇڄڙا واقع ھيو. ان کان سواء مختلف مقام: بھرام وارو مقام، قمبر شھر جو لئي وارو مقام، سنارن جو مقام پڻ واقع ھيا. ڦٽل نور واھ ۽ ڪلري ڊسٽري پڻ ھن ديھ مان گذرندڙ ھيا. ھاڻي بہ ھن ديھ ۾ ساڳيو ڳوٺ ڇڄڙا ۽ قمبر شھر واقع آھن. ڳوٺ ڇڄڙا ۾ ڇڄڙا، ڀٽا ۽ ميمڻ ذات جا ماڻھو رھندڙ آھن. قمبر شھر جو لاڙڪاڻو باء پاس وارو رھائشي حصو ھن ديھ ۾ واقع آهي.


جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ وڌا ۽ ديھ ڪمال خان، اوڀر ۾ ديھ ننگر ھڪڙو، ڏکڻ ۾ ديھ قمبر ۽ اولھ ۾ ديھ لاکا واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ھن ديھ مان شھدادڪوٽ لاڙڪاڻو روڊ ۽ ريلوي لائين گذرندڙ آھن. نور واھ پڻ ھن ديھ مان گذري ٿو.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 6,416 ھئي جيڪا 1,181 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]