ديھ قمبر(انگريزي: Deh Kamber) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا قمبر تپي ۾ واقع آهي.

قمبر ديھ
ديھ قمبر
ديھ
Deh Kamber
قمبر ديھ is located in سنڌ
قمبر ديھ
قمبر ديھ
قمبر ديھ is located in Pakistan
قمبر ديھ
قمبر ديھ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°40′46″N 67°47′21″E / 27.67944°N 67.78917°E / 27.67944; 67.78917مڪانيت: 27°40′46″N 67°47′21″E / 27.67944°N 67.78917°E / 27.67944; 67.78917
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 1,01,793

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1902کان 1944ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ واقع ڳوٺن ۾ ڳوٺ قمبر، ڳوٺ غلام حيدر، ڳوٺ احمد خان، ڳوٺ رمضان بروھي، ڳوٺ ميوو گوپانگ، ڳوٺ رسول بخش گوپانگ، مقام حاجي شاھ اسماعيل شامل ھيا. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ قمبر ھڪ وڏي شھر ۾ تبديل ٿي چُڪو آهي جيڪو ھاڻي ضلعي صدرمقام آهي. ٻھراڙيءَ واري علائقي ۾ ھاڻي موجود معروف ڳوٺن ۾ ڳوٺ محمد اسماعيل مگسي، ڳوٺ لھڙي بروھي، صوبيدار جو ڳوٺ، ڳوٺ لطف علي گوپانگ شامل آهن.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڇڄڙا ۽ ديھ لاکا، اوڀر ۾ ديھ باگو ديرو، اولھ ۾ ديھ ڪلر 1بل۽ ديھ ڪلر 2 ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڏيرا، ديھ ڀڏا ۽ ديھ چنڱڙو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ ۾ واقع قمبر شھر جي آبادي 1,01,474 ھئي جيڪا 17,120 خاندانن تي مشتمل ھئي[1]. اتان جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,161 ھئي جيڪا 319 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ديھ جي شھري ۽ ٻھراڙيءَ واري ڪل آبادي 1,01793 ھئي جيڪا 17,439 خاندانن تي مشتمل ھئي[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]