لاکا (قمبر)
ديھ لاکا (انگريزي: Deh Lakha) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لاکا تپي ۾ واقع آهي.
لاکا (قمبر) ديھ لاکا | |
---|---|
ديھ | |
Deh Lakha | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°38′04″N 67°58′43″E / 27.63444°N 67.97861°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 6,919 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1879 کان 1947ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ لاکا ۽ لاکن جو مقام، ڳوٺ پير محمد لاکو، ڳوٺ رب رکيو لاکو، کنڊن جو ڳوٺ، نونارين جو ڳوٺ، ڳوٺ عرضي مغيري ۽ ڳوٺ ولھاري مغيري واقع ھيا. ھن ديھ ۾ ڳوٺ لاکا ھاڻي ڀاوند لاکا ۽ بمدو لاکا جي نالي سان مشھور آھي، ڳوٺ الھ بخش مغيري ۽ ڳوٺ پير محمد لاکو باقي معروف ڳوٺن ۾ شامل آهن. ٻيا ڳوٺ غيرمعروف ٿي ويا يا ڦٽي ويا آهن.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڪمال خان، اوڀر ۾ ديھ ڇڄڙا، اولھ ۾ ديھ جوڻيجا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڪلر 1 واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ديھ جي اتر اوڀر واري حصي م نور واھ وھندڙ آھي ۽ اترئين ڀاڱي مان فتوھل واھ گذري ٿو. اتر اوڀر واري دنگ کان شھدادڪوٽ قمبر روڊ گذرندڙ ھيو.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 6,919 ھئي جيڪا 1127 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].