ديھ ڪمال خان(انگريزي: Deh Kamal Khan) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لاکا تپي ۾ واقع آهي.

ڪمال خان (قمبر)
ديھ ڪمال خان
ديھ
Deh Kamal Khan
ڪمال خان (قمبر) is located in سنڌ
ڪمال خان (قمبر)
ڪمال خان (قمبر)
ڪمال خان (قمبر) is located in Pakistan
ڪمال خان (قمبر)
ڪمال خان (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°38′51″N 67°59′05″E / 27.64750°N 67.98472°E / 27.64750; 67.98472مڪانيت: 27°38′51″N 67°59′05″E / 27.64750°N 67.98472°E / 27.64750; 67.98472
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 5,432

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1912 کان 1953ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ واقع ڳوٺن ۾ ڳوٺ ڏيورا، ڳوٺ ميرخان، گوٺ جاڙي جي ڊٻ ۽ ان سان لڳولڳ ھڪ ننڍڙو ڳوٺ جاڙو، ڳوٺ پتوجا، ھڪ ٻيو وڏو ڳوٺ ۽ ڳوٺ مھراب واقع ھيا. ديھ جي اوڀرندي پاسي مان شھدادڪوٽ قمبر روڊ ۽ ريلوي لائين گذرندڙ ھئا. ان جي اولھ ۽ ڏکڻ واري دنگ تي نور واھ واقع ھيو. اھو روڊ، ريلوي لائين ۽ نور واھ وارو دنگ اڃان تائين قائم آھن. ڳوٺ جاڙي جي ڊٻ ۽ ڳوٺ جاڙو ملي ھڪ ٿي ويا آهن جن جو ھاڻي نالو ڊٻ جاڙو آھي جيڪو شھدادڪوٽ قمبر روڊ تي آھي. پتوجن وارو ڳوٺ ھاڻي ميھر پتوجو سڏيو وڃي ٿو. ڳوٺ مھراب بتو ھاڻي وڏو ڳوٺ آهي. ڳوٺ ميرخان جيڪو ريلوي لائين جي اوڀر پاسي واقع ھو ھاڻي ڦٽي ويو آھي.غيرمعروف وڏو ڳوٺ پڻ اڃان تائين قائم آهي جنھن جي ڀرسان ھاڻي حاصل شاخ وھي ٿي.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ تعلقي ميروخان جون ديھون ڪڙيو ڄام ۽ کڏي واقع آهن، اوڀر ۾ ديھ حاصلا ۽ ديھ وڌا ، اولھ ۾ ديھ جوڻيجا ۽ ميروخان جي ديھ کڏي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ لاکا واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,432 ھئي جيڪا 762 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]