چرنا ٻيٽ (Charna Island؛ اردو: جزیرہ چرنا) جنهن کي چُرنا ٻيٽ به چئجي ٿو، ڪراچي، سنڌ، پاڪستان ۾ مبارڪ گوٺ، ڪياماڙي ٽائون جي ويجهو واقع آهي. چرنا ٻيٽ هڪ ننڍڙو، غير آباد ٻيٽ آهي جيڪو عربي سمنڊ ۾ واقع آهي، جيڪو حب جي واهه کان اٽڪل 9 ڪلوميٽر (5.6 ميل) اولهه طرف ”مانجھر ساحل“ سڏجي ٿو، جيڪو بلوچستان ۽ سنڌ جي سرحدن تي واقع آهي. چرنا لڳ ڀڳ 1.2 ڪلوميٽر (0.75 ميل) ڊگهو ۽ 0.5 ڪلوميٽر (0.31 ميل) ويڪرو آهي. چرنا کي مقامي طور ”چرنو“ به چيو ويندو آهي. اهو مبارڪ ڳوٺ کان 6 ڪلوميٽر پري آهي. مبارڪ گوٿ جا ماهيگير چرنا ٻيٽ جي ويجهو مڇي مارڻ لاءِ وڃن ٿا. مبارڪ ڳوٺ ڪراچي جو ٻيو نمبر وڏو ماهيگير علائقو آهي، ان جي باوجود، ان ۾ تعليم، صحت جي سار سنڀار، جيٽي، مالڪي جا حق ۽ مواصلات سميت بنيادي سهولتن جو فقدان آهي. 04 آگسٽ 2020ع تي پاڪستان هڪ نئون سياسي نقشو جاري ڪيو آهي جنهن ۾ پهريون ڀيرو چرنا ۽ ايسٽولا جا ٻيٽ ڏيکاريا ويا آهن.[1][2]

Churna Island
مقامي نالو:
جزیرہ چرنا
Nickname: Cheerno

Charna Island Karachi
اشتقاق Charna (to sprinkle)
جاگرافي
جڳھ Mubarak Goth, Kiamari Town, Karachi
مقانيت 24°54′N 66°36′E / 24.900°N 66.600°E / 24.900; 66.600
ايراضي 0.60000 km2 (0.23166 sq mi)
ڊيگهہ 1.2 km (0.75 mi)
ويڪر 0.5 km (0.31 mi)
انتظاميا
_خالي_