ڄام نواز علي(انگريزي: Jam Nawaz Ali) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي سانگهڙ جو ھڪ شھر ۽ تعلقي ڄام نواز علي جو صدر مقام آھي. ھي شھر ٻھراڙيءَ ۾ شمار ٿئي ٿو. ھتان جو لوڪل گورنمينٽ جو ادارو اتان جي ٽائون ڪميٽي آھي جنھن جو سربراھ ان جو چيئرمين ھوندو آھي. سانگھڙ ڪيڊٽ ڪاليج ھن شھر جي لڳ واقع آهي. ھي شھر نواب ڪانڀو خان جي ڪري مشھور آھي جنھن جو پٽ ڄام صادق علي سنڌ جو وزير اعلي ٿيو. ھتان جي 2018 جي اليڪشن ۾ ڄام مدد علي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تان صوبائي اسيمبليءَ جي اليڪشن کٽي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو.

ڄام نواز علي
شھر
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ


حوالا سنواريو