سنڌ جي تاريخ ۾ ٻه ڄام ڪانڀو خان (Jjam Kaanbhoo khan) ڄاڻايا ويا آهن. هڪ روايت موجب سما خاندان جي آخري حڪمران ڄام فيروز جو چوڏهون پڳدار ڄام ڪانڀو خان ولد ڄام محمد شريف ٿي گذريو آهي. ٻيءَ راءِ موجب ڄام ڪانڀو خان، ڄام جوڻي جي اولاد مان هئڻ ڪري سندن خاندان وارا جوڻيجا سڏجڻ ۾ آيا. ان ڪري هي خاندان سنڌ جي جوڻيجا قبيلي جو پڳدار گهراڻو تسليم ڪيو وڃي ٿو.

سندس وڏا

سنواريو

ڄام ڪانڀو خان جا وڏا سترهين صدي عيسويءَ ۾ لڏي موجوده ڳوٺ ڄام نواز علي، ضلعي سانگهڙ ۾ ويٺا. هي خاندان سخاوت ۽ بهادريءَ ۾ مشهور هو. ڄام مٺا خان لاءِ مشهور آهي ته هو چانديءَ جي روپين جون ڇليون ڀري ورهائيندو هو. سندس وفات کان پوءِ 1924ع ۾ سندس ننڍو ڀاءُ ڄام ڪانڀو خان هن خاندان جو پڳدار ٿيو.

ڄام صاحب کي ٻه پٽ ٿيا. هڪ ڄام مٺا خان عرف ڄام صادق علي خان ۽ ٻيو ڄام شير علي.

بردباري

سنواريو

ڄام ڪانڀو خان اڳتي هلي وڏو بردبار ۽ دانشمند شخص ثابت ٿيو. انگريز دور ۾ ڪيترن سالن تائين مئجسٽريٽ ۽ جسٽس آف پيس رهيو. هن جو ننڍو ڀاءُ جان محمد به خانداني روايت موجب سخاوت ۽ عام ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ مشهور هو. نوابشاهه جي لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول جي هاسٽل جي تعمير ۽ ٻيا ڪيترا سماجي ڀلائيءَ جا ڪم سندس خرچ سان ٿيا.

لوڪ ڪردار

سنواريو

ڄام ڪانڀو خان نه رڳو وڏو مهمان نواز هو، پر ڀٽائيءَ جو به وڏو عاشق هو. هن لاءِ مشهور هو ته جڏهن ڀٽائيءَ جي مزار تي حاضري ڏيڻ ايندو هو ته ڪيترائي ڪوهه پري نوڪرن سميت گهوڙن تان لهي، جُتي لاهي، پنڌ اچي خير خيراتون ڪندو هو. پاڻ چانديءَ جي روپين جون خرزينون ڀري ايندو هو ۽ ڀٽ شاهه تي اچي غريبن جي واهر ڪندو هو. وٽس هر قسم جا گهوڙا هوندا هئا. سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ به ويندو هو، اتي به سندس عام لنگر هلندو هو. ملهن ۽ فنڪارن جو وڏو قدردان هو. سندس دوستيءَ ۾ سيد علي محمد شاهه ڄاموٽ مٽيارين وارو، سر شاهنواز ڀُٽو، نواب نبي بخش خان ڀُٽو، نواب غيبي خان چانڊيو، مير بنده علي خان ٽالپر ۽ ٻيا شامل هئا.

ڄام ڪانڀو خان اعليٰ تعليم يافته نه هو، پر خدا کيس ڪيتريون ئي صلاحيتون بخشيون هيون. هن روشن دماغيءَ، دٻدٻي، حشمت ۽ سخاوت سان زندگي گذاري. سندس خاندان وٽ ابتدا کان وٺي ڪافي زرعي زمين رهي. ڄام ڪانڀو خان پنهنجي دولت خـدا جي راهه ۾ ۽ سماج جي سُڌاري لاءِ خرچ ڪئي، جنهنڪري سندس نالو سنڌ ۾ سخاوت جي حوالي سان مثالي سمجهيو ويندو آهي ۽ کيس ’حاتم طائي ثاني‘ سڏيو ويندو آهي.

صدمو ۽ وفات

سنواريو

ڄام ڪانڀو خان جي پنهنجي ننڍي ڀاءُ ڄـام جـان محـمد سان مثالي محبت هئي. جڏهن 11 آگسٽ 1954ع تي ڄام جان محمد لنڊن ۾ وفات ڪئي ته ڀاءُ جي وڇوڙي ڄام ڪانڀو خان کي وڏو دلي صدمو رسايو ۽ چئن مهينن بعد، 6 ڊسمبر 1954ع تي وفات ڪري ويو.[1]