ڀٽي (شھدادڪوٽ)
ديھ ڀٽي(انگريزي: Deh Bhatti) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 1 جمالي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو جمالي م واقع آهي.
ديھ ۾ ڀٽي ذات وارن جي ڳوٺن واقع ھجڻ سبب اھو نالو ڏنو ويو. ھاڻي ڀٽي ذات وارن جي آبادي گھڻي ڀاڱي شھدادڪوٽ شھر ۾ منتقل ٿي چڪي آهي.
ڀٽي (شھدادڪوٽ) ديھ ڀٽي | |
---|---|
ديھ | |
Deh Bhatti | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°54′23″N 68°01′05″E / 27.90639°N 68.01806°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 1,096 |
تاريخ
سنواريوھن ديھ جو 1882ع واري ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ لعلو ڀٽي ۽ ان کان ڪجهه فاصلي تي ھڪ ٻيو ڀٽين جو ڳوٺ واقع ھيا. ديھ منجھان لاڙڪاڻو ڳڙهي خيرو روڊ گذرندڙ ھيو. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ گل بھار لغاري، ڳوٺ محمد صديق جلباڻي ۽ ڳوٺ ڀنڀو ڀٽي واقع آهن.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ سان لڳو لڳ سکر واھ وھي ٿو. ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڊکڻ، ديھ جتوئي ۽ ديھ جھرر، اولھ ۾ ديھ ڪلر ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ تعلقي ميروخان جي ديھ فتح خان ڌامراھ واقع آهن. لاڙڪاڻي کان ڳڙھي خيرو ويندڙ ھڪ لنڪ روڊ ھن ديھ مان گذري ٿو.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,096 ھئي ۽ گھرن جو تعداد 166 ھيو[1].