جھرڙ
ديھ جھرڙ(انگريزي: Deh Jhurir) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 1 جمالي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا سيال تپي ۾ واقع آهي.
جھرڙ (شھدادڪوٽ) ديھ جھرڙ | |
---|---|
ديھ | |
Deh Jhurir | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 28°00′44″N 67°59′42″E / 28.01222°N 67.99500°Eمڪانيت: 28°00′44″N 67°59′42″E / 28.01222°N 67.99500°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 529 |
تاريخ سنواريو
بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1933 واري پراڻي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ رڳو ھڪ ڳوٺ واقع ھو جنھن جو نالو غوثپور ھيو. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ وزير ڀٽي ۽ ڳوٺ عبدالرسول بروھي واقع آهن.
جاگرافي سنواريو
ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ گوپانگ، اوڀر ۾ ديھ ڊکڻ، ڏکڻ ۾ ديھ ڀٽي ۽ اولھ ۾ ديھ ڪلر واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ھن ديھ جو اولھ واري بائونڊري جي ڀرسان ديھ ڪلر ۾ ڳوٺ خدابخش جھرڙ واقع آهي ء جھرڙ ذات وارا ھن ديھ م پڻ وسندڙ ھيا اھڙي طرح جھرڙ ذات وارو نالو ھن ديھ تي پئجي ويو.
آبادي سنواريو
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 529 ھئي جيڪا 81 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].